Sunday 26 February 2017

amazed statement of IG Sindh


amazed statement of IG Sindh
Inline images 1http://dailyjeejal.com/e-paper/2016-08-06/news/page4/1%20(4).htm

Tribute to Sindhi Students long march for resotoration of students union


Tribute to Sindhi Students long march for restoration of students union
اصغر ناريجو
شاگردن جي پيرن ۾ سفر جو ٿڪ تاريخ جو ڀاري بار
9 فيبروري 1984ع تي جنرل ضياءَالحق شاگرد يونين تي پابندي لڳائي شاگردن جي حقن جو قتل ڪرڻ شروع ڪيو. شاگرد يونين جي پابندي کانپوءِ ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ انتهاپسندي جو ٻج پوکي، نسلي ۽ قبيلائي شاگرد سياست جي گروهن کي تعليمي ادارن ۾ ڇڏي شاگرد سياست کي بدنما داغ بڻايو ويو. ضياءَ جي پابندي کان پوءِ 33 سالن کان پوءِ هينئر ملڪ اندر شاگرد سياست جو وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. تعليمي ادارن اندر سياست کان لاتعلقي وارو ماحول جوڙيو ويو آهي ته پوءِ ڇا مستقبل ۾ سياست جي ميدان ۾ “ڄامڙا” متعارف ڪرايا ويندا جن کي روازني زندگي، سياسي، سماجي، ثقافتي اصولن جي خبر نه هجي؟ تعليمي ادارن ۾ استادن ۽ ملازمن جون يونينون ته موجود آهن، جيڪي پنهنجي جائز ناجائز مطالبن جي مڃتا لاء ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪنديون آهن، پر اڄ ڏينهن تائين ضياءِ جي دور کان شاگرد يونين تي لڳايل پابندي ختم نٿي ڪئي وڃي.
سنڌ جي باهمت ۽ باشعور شاگردن پاران ڊگهي عرصي کان ملڪ اندر شاگرد يونين تي لڳل پابندي  خلاف ڪوٽڙيءَ کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪيو ويو. شاگرد ايڪشن ڪميٽيءَ جو اهو لانگ مارچ محبتن جي عالمي ڏهاڙي تي ڳتيل آبادي واري شهر ڪراچي ۾ شام جي پهر ۾ پهتو.10 فيبروي کان 14 فيبروي تائين لانگ مارچ ڪندڙ نوجوانن جي پيرن ۾ سفر جو ٿڪ تاريخ جو ڀاري بار بڻيل هو. جن جا پير پٿون،پيرن ۾ پٽيون ٻڌل، سند سند سور پوءِ به جوانن جا مضبوط ارادا، پنهنجي مقصد سان نهايت محبت ۽ گرم جوشي سان پريس ڪلب جي روڊ تي سامهون ويٺل نوجوان شاگردن کي مخاطب هئا. مسلسل پنجن ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ ڪراچي جي رستن تي لانگ مارچ جي شاگردن جي ڳاڙهن گلابن سان آجيان ٿي. گلاب جا ڳاڙها گل سرخ خوابن جي سانڀيان تي نڇاور ٿي من ۾ جدوجهد جي حوصلي کي مضبوط ڪيو. گلابن جون پتيون جوانن جي ڳلن ۽ سينن کي چمنديون روشن خيال ضمير کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهن پيون. اهو عزم ۽ جدوجهد جو وچن ڪندڙ لانگ مارچ وارن کي سرخ سلام آهي۔
 لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿيل نوجوانن جو تعلق ڀلي ڪهڙي به سياسي نظرئي يا سوچ سان هجي پر هنن شاگرد يونين جي بحالي لاء محبت جي عالمي ڏهاڙو شاگرد يونين جي بحالي لاءِ قربان ڪري اتساهه اڀاريو ته سنڌ جو شاگرد انفرادي نه بلڪه اجتماعي متحد ٿي هڪ ردي سماج جي پابندين خلاف آواز اٿاري آئيندي جو اتساهه پيدا ڪري سگهي ٿو.
ذهن، ضمير ۽ دل جي مضبوط ارادي سان نوجوانن جنهن پنڌ جو سفر ڪيو آهي اهو گهڻن ذهنن کي ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ٿو ته آخر تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي ڪهڙي ضرورت آهي، جوانهن لانگ مارچ ڪيو. صرف انهن لاءِ موجوده وقت ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ڏانهن ٿوري نظر ڪرڻ گهرجي جيڪي مسئلن جي مرض ۾ ڦاٿل آهن. ٿوري نظر يونيورسٽين تي وڌي وڃي ته خبر پوندي ته اڄ جي جديد دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلس ۾ شاگرد انٽرنيٽ جي سهولت کان وانجهيل آهن ۔ ايتري قدر جو سفر وارين گاڏين ۽ هوٽلن ۾ به واء فاء جي سهولت ميسر آهي۔ شاگردن جي هاسٽلن تي پوليس سميت رينجرز جا قبضا  ڇا قانون اجازت ڏئي ٿو ته امن جي نالي ۾ شاگردن جي هاسٽلن تي قبضا ڪيو؟  پوء اهي شاگرد شهرن ۾ رهي پوائنٽن بسن جا ڌڪا کائي تعليمي ادارن ۾ پهچن ٿا. هڪ شعبن ۾ ڪلاسن جي کوٽ (سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيفيونيورسٽي) ۾ آهي. ڪلارڪن ۽ بالا آفيسرن جي رويي تي مذمت ڪندي به شرم ايندو آهي، جو پيغمبري پيشي وارا ايترا ته چالاڪ ٿي ويندا آهن جو شاگردن جي زندگين تي سپلين کان وڌيڪ داڳ لڳائي ڇڏائيندا آهن. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز تحفظ لاءِ ڀلي هجن پر سيڪيورٽي جي نالي هاسٽلن،بلاڪس، گهرن، بنگلن ۽ آفيسن ۾ قبضو ڄمائي ويهڻ وارو عمل تعليم دوستي ناهي. انهن تعليمي ادارن ۾ هڪ طرف ماحول ۾ سانت آهي ته ٻئي طرف شاگرد هٿيارن جا پهرا ڏسي ذهني سڪون وڃائن ٿا جنهن جا اثرات جلدي ظاهر ناهن ٿيندا .تعليمي ادارا ٿاڻن ۾ بدلجي ويا آهن ، انهن جو ڏوهه ڪنهن تي ڏجي؟ 30 کان وڌيڪ سنڌ جي تعليمي ادارن جي عمارتن تي اهلڪارن جا قبضا آهن انهن قبضن جي ڪري شاگرد مشڪلاتن واري زندگي شهرن ۾ گذارن ٿا. تعليمي ادارن جي انتظاميا شاگردن جي تعليم دشمن واري روايت تي ڪافي سالن کان قائم آهي، جيڪڏهن بنيادي مسئلن جي حاصلات لاءِ احتجاج جو رخ ڪندا ته انتطاميا انهن کي چٿڻ لاءِ فورسزکي اجازت ڏئي ڇڙوڇڙ ڪري لاٺي چارج ڪري ڏيندي آهي پوءِ اهڙي عمل خلاف شاگردن جو ڀرجهلو ٿيڻ وارا گهٽ ٿيندا آهن ۽ شاگردن ۾ مايوسي سان گڏ هڪ نفرت وارو جذبو به جنم وٺندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجي حقن جي گهر لاءِ مستقل ڪم کي اهميت ڏئي پير پوئتي ڪرڻ بجاءِ وک اڳتي وڌائيندا آهن.

ائين به چيو ويندو آهي ته شاگرد سياست جي وقت تعليمي ادارن۾ قتل ٿيا ، ان وقت تعليمي ادارن ۾ پوليس به هوندي هئي ته پوءِ استادن ۽ شاگردن جا قتل ڇو ٿا؟ ماضي جي شاگرد سياست تي جيڪي الزام لڳل آھن ڀلا ان دور جي عيوض اڄ جي شاگردن کي مسئلن جي عذاب ۾ ڇو پيڙهيو ٿو وڃي؟
هن وقت سياسي سماجي شعور جي اڀار نوجوانن جي من اندر تڙپي ٿي، جيڪي ماضي جي لڳل پابندين ۽ بدڪردار داغن  کان نجات چاهن ٿا. ان سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ پنهنجي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي حقن لاءِ چڻنگ دکيل رهي ٿي، جيڪي وقتي بندشن جو بند ضرور ٽوڙيندا.  سنڌ جو نوجوان پراميد آهي ته هو مستقبل ۾ سماج لاءِ اٿل پٿل جي راهه ۾ ڀائيوار ٿيندو.