Monday 10 January 2022

ڪراچي جا مسئلا ۽ انهن جو حل

 

ڪراچي جا مسئلا ۽ انهن جو حل

اصغر ناريجو

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب هجڻ سان گڏ مختلف قومن، طبقن ۽ ثقافتن جي فردن کي پنهنجي وسيع ايراضي ۾ آباد رکي ٿي . ڪيترن ئي ملڪن جي برابر آبادي رکندڙ شهر ”ڪراچي روشنين جو شهر“ جي نالي سان مشهور آهي. جتي ماضي ۾ 3 ڏهاڪن کان روشنين واري شهر ڪراچي کي فرقيواريت دهشتگردي ۽ سياسي نفرت”رت جو شهر“ بڻايو. پر ڪراچي آپريشن بعد شهر ۾ ٻيهر روشنيون بحال ٿي ويون آهن. امن امان جي صورتحال پهرين جي نسبت ۾ ڪافي بهتر ٿي چڪي آهي جنهن جو اهم سبب ڪراچي آپريش آهي ۽ هاڻي دنيا ان کي محفوظ شهرن ۾ شمار ڪري ٿي. ڪراچي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر هجڻ جي باوجود به ڪرپشن، انتظاميا جي نااهلي، ناانصافي، دهشتگردي، ڀتاخوري، فرقيواريت، ڪچين آبادين جو وڌڻ، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ، پاڻي بحران،پلاٽن تي قبضن سميت ٻين مسئلن ۾ گهيريل آهي. ڪراچي جي باري ۾ عام راءِ اها آهي ته کيس هميشه نظر انداز ڪري، گهٽ ترقي يافتا ۽ سندس انتظامي معاملن کي نظر اندار ڪيو ويو آهي.

 

قدرتي بندگارهه رکندڙ هن شهر جي معاشي اهميت جو اندازو لڳائيندي قابض برطانوي حڪمرانن ڪراچي کي سنڌ جي راڄڌاني بڻايو. جڏهن ته پاڪستان جي وجود بعد قائد اعظم محمد علي جناح ان شهر کي ملڪ جي راڄڌاني بڻايو. ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو ميڊيا سينٽر پڻ آهي. بدترين حالتن ۾ آمدني جو 70 سيڪڙو ڏيڻ جي باوجود به ڪراچي جي ذميواري ڪنهن به ناهي کنئي. جنهن جو نظام 70 سالن کان ائين ئي هلايو پيو وڃي. وفاقي راڄڌاني کي ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن جو سڀ کان وڏو نقصان هو. هڪ سازش تحت ٻين شهرن مان آبادي جو اچڻ هن شهر جي نقشي کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي.پاڪستان جي آزادي بعد 10 لکن جي آبادي رکندڙ شهر جي هن وقت آبادي 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٻڌائي وڃي ٿي. ڪراچي ۾ حڪومت جي ناڪامين ڪري ايم ڪيو ايم جهڙي پارٽي ٺهي جنهن 3 ڏهاڪن ۾ جيڪو حشر ڪراچي سان ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. ماضي ۾ هتان جي عوام زندگي ڏکيائن ۽ اذيتن واري گذاري آهي.

 

ڪراچي ۾ ڪراچي آپريشن بعد امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي وئي آهي . پر ننڍي پئماني تي اسٽريٽ ڪرائيم، ڦر ۽ تشدد جي واقعن جون خبرون عام آهن. ڏهاڪن کان ڪراچي ۾ نفرت، تشدد ۽ دهشتگردي واري سياست جو خاتمو ڪراچي آپريشن ذريعي ختم ٿيو آهي. پر مستقل امن برقرار رکڻ لاءِ بهتر حڪمراني جي ضرورت آهي.

 

ڪرپشن هجڻ ڪري ڪراچي جي وڏن منصوبن کي مڪمل ٿيڻ ۾ 10 کان 40 سال لڳي وڃن ٿا ، مثالطور ڪراچي ماس ٽرانزٽ ، ڪراچي سرڪلر ريلوي ، لياري ايڪسپريس وي ۽ ان جي نتيجي ۾ حل ئي مسئلو بڻجي وڃي ٿو. ڪراچي شهر وڏو شهر هجڻ جي باوجود به ان لاءِ ڪو به شهري ماسٽر پلان ناهي جوڙيو ويو . هڪ اندازي موجب ڪراچي ۾ 7 هزاز کان وڌيڪ ڪچيون آباديون آهن . جيڪي منصوبابندي جي بغير آباد آهن. ماهرن جو اندازو آهي ته ايندڙ 15 سالن ۾ ڪراچي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر بڻجي ويندو. جيڪڏهن اها ئي روش برقرار رهي ته پوءِ ان جو ڪهڙو حال يا انجام ٿيندو اهو تصور به وڌيڪ خوفناڪ آهي.

 

ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به بنيادي مسئلو آهي. ڪراچي کي ڪينجهر ڍنڍ ۽ داٻيجي پمپنگ اسٽيشن ذريعي 550 ايم جي ڊي پاڻي روزانو ڏنو ويندو آهي. ڪراچي واٽر سيوريج بورڊ جو چوڻ آهي ته 550 ايم جي ڊي پاڻي مان 42 سيڪڙو يا 235 ايم جي ڊي پاڻي چوري ڪيو ويندو آهي يا ضايع ٿي ويندو آهي. گڏيل قومن جي اسٽينڊرڊ تحت ڪراچي کي 1100 ايم جي ڊي پاڻي روزانو گهرجي. اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ اداري جو چوڻ آهي ته اورنگي ، گڏاپ، بلديا ٽائون سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو وڃي ٿو. صحت جي عالمي اداري موجب هر فرد لاءِ روزانو 50 کان 100 ليٽر پاڻي ضروري آهي پر ڪراچي جي ارورنگي سميت ٻين علائقن ۾ روزانو في فرد کي 67.7 ليٽر پاڻي ملي ٿو.

 

ڪراچي ۾ واٽر ٽئنڪر مافيا به شهر جي عوام کي لٽي رهي آهي. هڪ اندازي موجب ڪراچي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ واٽر ٽئنڪر پاڻي سپلائي ڪري رهيا آهن جيڪي روزانو 50 هزار ٽرپ لڳائن ٿا. اهي هڪ ٽرپ تي 3 هزار يا ان کان وڌيڪ رقم وٺن ٿا.

 

ڪراچي ٽرئفڪ جي لڳاتار وڌنڌڙ مسئلن ۾ اهڙي طرح شڪار آهي جو روڊن جي ويڪر، فلائي اوورز جي تعمير ۽ ٽرئفڪ قانون ۾ تبديليون به ان اضافي کي ناهن روڪي سگهيون. ڪراچي ۾ هرهنڌ ڪچري جا ڍير پڻ هڪ مسئلو آهي. هڪ رپورٽ موجب ڪراچي ۾ روزانو 12 هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿئي ٿو. جنهن م صرف 8 هزار ٽن ڪچرو کنيو ويندو آهي جڏهن ته 4 هزاز ٽن ڪچرو رستن تي پيو هوندو آهي. جنهن جي ڪري شهر جي هر هنڌ ڪچرو نظر اچي ٿو.

 

ڪراچي ۾ عوام کي هڪ بهتر پبلڪ ٽرانسپورٽ به دستياب ناهي. شهر ۾ جيڪي پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ گاڏيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون اهي خطرناڪ ثابت ٿينديون آهن. ڪراچي ۾ سرڪاري تعليمي ادارا، اسپتالون، نادرا ۽ پاسپورٽ جهڙا ادارا انتهائي بدنظم آهن جيڪي رڳو عوام کي ذليل ڪندا رهندا آهن. انهن ادارن ۾ شفاف ڀرتين بدران مفاد تي نوڪريون ڏنيون ويون آهن. جن ادارن کي عوام دوست بجاءَ عوام کي ذليل ڪرڻ جا ادارا بڻائي ڇڏيو آهي. جنرل ضياء ۽ پرويز مشرف ڪراچي ۾ مهاجرن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو جن ٽن ڏهاڪن کان شهر ۾ خوف جي فضا کي قائم رکيو ۽ شهر کي محفوظ شهر مان هڪ خطرناڪ شهرن ۾ شمار ڪرايو. جتي رواداري ۽ محبت بدران فرقيواريت ۽ نسلي نفرت جڳهه ولاري ڇڏي آهي.

 

ڪراچي جي مسئلن جو حل سياسي ۽ نسلي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪڍڻو پوندو. تعليم، صحت سميت ٻين ادارن ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوڪرين کي هٿي ڏيڻ گهرجي. ڪراچي جي ڪچين آبادين توڙي شهري آبادين لاءِ ماحولياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي جديد بنياد تي ماسٽر پلان جوڙي شهر جو انتظام بهتر نموني هلايو وڃي.شهر ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ سان گڏ ادب ،فن ،تفريح ۽ ثقافتي سرگرمين جا پروگرام ڪري عوام کي نفرت واري ماحول کان نجات ڏياري سگهجي ٿي. ڪراچي جي مسئلن کي سياسي رنگ ڏيڻ ۽ سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ سان اهي مسئلا ويتر وڌي ويندا. سياسي جماعتون ڪراچي تي حڪمراني جا خواب ته ڏسن ٿيون پر اهي ذميواريون نڀائڻ بدران هڪٻئي تي الزام لڳائي پاڻ کي آزاد سمجهن ٿيون.

 

ڪراچي سنڌ آهي ۽ ان لاءِ استعمال ٿيندڙ خاص ذهنيت واري ناڪاري ۽ تڪراري سوچ جو خاتمو به ضروري آهي. ڪراچي شهر ۾ سالن کان نفرت جي سياست، فرقيواريت ۽ دهشتگردي جي نتيجي ۾ هزارين بي گناهه ماڻهو مارجي چڪا آهن. ان لاءِ سياسي قيادتن کي ڪراچي ۾مستقل امن بحال رکڻ لاءِ تعصب جي سوچ مان نڪري مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

http://www.cpsd.org.pk/sindhi-article-37.php

 

نئين اليڪشن پراڻا چهرا

 

نئين اليڪشن پراڻا چهرا

اصغر ناريجو

پاڪستان جي 71 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جهڙي تهڙي جمهوريت ڏهاڪو پورو ڪيو آهي. پهرين پيپلز پارٽي مرڪز ۾ ۽ ان وقت جي چئني صوبن جي حڪومتن پنهنجو آئينو مدو 2013 ۾پورو ڪيو. پر ملڪي پارليامينٽ مان چونڊيل وزيراعظم پنهنجو آئينومدو پوروناهن ڪري سگهيا.پاڪستان پيپلز پارٽي جو چونڊيل وزيراعظم يوسف رضا گيلاني توهين عدالت جي ڪيس ۾ 5 سال نااهل ٿيو ته نواز شريف به عدالت جي فيصلي سان گذريل سال 28 جولائي تي نااهل ٿيو. پ پ توڙي ن ليگ جمهوريت جا 5،5 سال پورا ڪرڻ بعد پنهنجي ساک قائم نه رکي سگهيون. پاڪستان پيپلز پارٽي کي 2013 جي چونڊن ۾ سنڌ کان سواءِ ڪنهن ٻئي صوبي مان خاص موٽ نه ملي سگهي . ن ليگ جي نواز شريف جي نااهلي بعد پارٽي اندر ٽوڙ ڦوڙ جيڪا ٿي آهي اها پڻ پارٽي تي گهڻو اثر وجهندي.

 

ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلن جي سيٽن تي عام چونڊون 25 جولائي تي ٿينديون. جن تي 20 ارب روپيا خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جيڪا ملڪي تاريخ جي مهانگي چونڊ هوندي. 2008ع ۾هڪ ارب 85 ڪروڙ جڏهن ته 2013 جي چونڊن تي 4 ارب 73 ارب روپيا ڪروڙ خرچ آيو هو.قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 849 جنرل سيٽن تي چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿينديون، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جون 272، پنجاب جون 279، سنڌ جون 130، ڪي پي ڪي جون 99 جڏهن ته بلوچستان جون 51 جنرل سيٽون آهن.

 

25 جولائي تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ باقي 31 ڏينهن بچا آهن پر منهنجي ڄاڻ موجب هن وقت تائين ٽنهي قومي پارٽين(ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف) پنهنجو پنهنجو چونڊ منشور جو اعلان ناهي ڪيو. نه ئي ڪنهن به وفاقي سطح جي پارٽي چئني صوبن ۾ پنهنجن اميدوارن جا نالا فائنل ڪيا آهن.پر ٽئي پارٽيون پنهنجن پنهجن صوبن تائين محدود نظر اچي رهيون آهن. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اڪثر ٽڪيٽون پراڻن چهرن کي ڏنيون آهن. ان سان گڏ ٽڪيٽون نه ملڻ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي ناراض اڳواڻ وفاداريون تبديل ڪري ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن.

 

پاڪستان پيپلز پارٽي کي 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ صرف هڪ ڀيرو پنجاب صوبي ۾ حڪومت ملي ۽ هاڻي 2018 ۾ پ پ کي پنجاب ۾ اميدوار ئي نٿا ملن.ان جو مطلب پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ختم ٿي رهي آهي. پي ٽي آءِ به ٻين پارٽين کان شامل ٿيندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن. پارٽي جي اهڙي عمل خلاف پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران بني گالا ۾ ڪجهه ڏينهن ڌرڻو لڳايو ويو.پي ٽي آءِ کي نوجوانن جي پارٽي چيو ويندو آهي پر هن هڪ 25 سالن جي نوجوان کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي. ن ليگ چوڌري نثار کي ٽڪيٽ جاري نه ڪئي ۽ تڪن تي نون چهرن بدران سالن کان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن. ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ زعيم قادري به باغي بڻجي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.جيڪو ن ليگ جي مٿي جو سور پڻ آهي. نواز شريف جي نااهلي بعد پارٽي جا اڳواڻ پي ٽي آءِ ۽ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جيڪو پڻ سندس ايندڙ چونڊن ۾ ڏکيائين ۾ اضافو ٿيندي نظر پيو اچي.

 

نعرا ۽ سياسي واعدا ته ايندڙ اميدوارن طرفان گهڻا ٿي چڪا آهن پر عوام جي بنيادي مسئلن طرف نظر ڪرم هنن جو خاص ناهي. هڪ ته ملڪ جي گهڻي آبادي چونڊ مهم جي سرگرمي جي آگاهي کان اڻڄاڻ به آهي. روايتي سياسي حڪمت عملي تحت چونڊ ميدان تي لهندڙ اميدوارن کان پوئين پنجن سالن جي ڪارگردگي بابت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. سڀئي پارٽيون شاندار ڪارگردگي جي دعويٰ سان عوام جون اکيون ٿڌيون رکڻ جي ڪوشش ڪنديون . پر انهن روايتي جاگيردارن، سردارن خلاف هاڻي بغاوت ٿي چڪي آهي. ڊيرا غازي خان ۾ اڳوڻي صدر فاروق لغاري جي پٽ جمال لغاري کان نوجوانن چونڊ مهم دوران رستا روڪ ڪري کائنس پڇاڻو ڪيو. جيڪو جواب ڏيڻ بدارن واپسي هليو ويو.

 

http://www.cpsd.org.pk/sindhi-article-36.php

 

ڇا رائو انوار ، نقيب الله ڪيس ۾ بچي سگهندو

ڇا رائو انوار ، نقيب الله ڪيس ۾ بچي سگهندو

اصغر ناريجو

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مبينا مقابلا يا عدالت کان مٿانهان قتل ڪا نئين ڳالهه ناهي.بي گناهه انسانن کي هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ ڪا اهلڪارن جي ڪالهوڪي روايت ناهي. اهلڪار محافظ جي روپ ۾ ناحق انسانن جا گولين سان پروڙ لاش سندن وارثن ڏي موڪليندا رهندا آهن، جن جي لاشن کي سردخانن يا ويران رستن ۾ لاوارث ڄاڻائي اڇلايو ويندو آهي. انهن اهلڪارن جي گولين جو کاڃ مير مرتضيٰ ڀٽو کان نقيب الله محسود تائين بي گناهه انسان بڻبا رهيا آهن. جيڪو نه رڪندڙ سلسلو اڃا تائين جاري آهي. جڏهن ته بي گناهه مارجي ويلن جي وارثن جو ڪو داد ۽ فرياد به ناهي ٿيندو

سنڌ پوليس پنهنجي ناڪاري ڪردار جي ذريعي پنهنجو تعارف عوام جي محافظ يا عوام دوست پوليس بدارن ملير کان ڏهرڪي تائين عوام کي تشدد ڪرڻ، تذليل ڪرڻ ۽ مارڻ طور مقبول بڻائي ڇڏيو آهي. عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بدارن اهلڪار قانون کي لتاڙي انسانن کي ماري ڇڏن ته پوءِ ان ديس جي عوام جو پوليس تي ڪيترو يقين هوندو

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 13 جنوري تي 27 سالن جي نوجوان نقيب الله محسود کي ايس ايس پي ملير رائو انوار مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته سندس لاڳاپو تحريڪ طالبان ۽ پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي. نقيب الله جي اهڙي عدالت کان مٿانهين قتل تي خاص ڪري سماجي رابطن واري ويبسائيٽ تي اثرائتو آواز اٿاريو ويو ۽ ان سان مين اسٽريم ميڊيا به هم آواز بڻجڻ تي مجبور ٿي وئي. جنهن بعد عوامي ردعمل روڊن تي نڪري آيو۽ پوليس جي گردي جو شڪار ٿيل نقيب الله بابت آِءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو. جڏهن ته ٻين سياسي شخصيتن پاران ايوانن تائين ان قتل بابت آواز اٿاريو ويو۽ سپريم ڪورٽ به پاڻ مرادو نوٽيس وٺي آءِ جي سنڌ کان 27 جنوري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

 

نقيب الله محسود جي مبينا مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جي معاملي تي جوڙيل جاچ ڪميٽي جي سفارش تي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ، ايس ايس پي ملير رائو انوار کي عهدي هٽايو. ان کان علاوهه جاچ ڪميٽي جي سفارش تي رائو انوار جو نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ واري کاتي جي سربراهه ثناالله عباسي جي سرابراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني ڪميٽي طرفان نقيب الله محسود خلاف رائو انوار طرفان لڳايل الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا

ٽن ٻارن جو پيءُ نقيب الله ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي مڪين جي ڳوٺ رزمڪ جو رهواسي هو جيڪو 2008 کان ڪراچي ۾ رهندڙ هيو. جڏهن ته رائو انوار به 2008 کان ايس ايس پي ملير جي عهدي تي رهيو . نقيب الله جي رشتيدار نور رحمان جو چوڻ آهي ته نقيب الله کي سهراب ڳوٺ مان شير آغا هوٽل مان 2 ۽ 3 جنوري جي رات سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن کنڀيو هو، جنهن بابت کين 4 ڏينهن بعد ڄاڻ ملي. نقيب الله جي رشتيدارن کي 17 جنوري تي فون ڪال آئي ته ڇيپا جي سردخاني ۾ نقيب الله جي لاش موجود آهي ۽ سندس لاش دوست محمد هاشم وصول ڪيو

ڪراچي ۾ چوڌري اسلم به مبينا پوليس مقابلن ۾ گهڻو مشهور هو جنهن کي پڻ قتل ڪيو ويو، ان کان پوءِ رائو انوار جو نالو اچي ٿو جنهن 2016ع ۾ هڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو هو ته هن 150 کان وڏيڪ مقابلا ڪيا. ان کان بعد به ڪيترن ئي مقابلن ۾ ماڻهن کي مارڻ جو سلسلو رکيو. رائو انوار 2008 کان 2018 ع تائين 10 سال ملير ۾ ايس ايس پي جي عهدي تي رهيو. رائو انوار 1980ع ۾ پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جي عهدي تي ڀرتي ٿيو جيڪو ڪجهه وقت کان پوءِ سب انسپيڪٽر بڻيو ۽ کيس جلد ئي ايس ايڇ او جو عهدو ملي ويو. رائو انوار ايم ڪيو ايم خلاف 1992 ع جي آپريشن ۾ صف اول ۾ رهڻ تي تمام گهڻو مشهور ٿيو. هو ڪراچي کان علاوه بلوچستان صوبي ۾ پڻ ڪيترائي سال ڊيوٽي ڪري چڪو آهي. سال 2008ع ۾ پ پ جي مدد سان کيس ملير جو ايس ايس پي مقرر ڪيو. هن 2015ع ۾ ايم ڪيو ايم تي ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را سان لاڳاپا هجڻ جو الزام لڳايو هو. سال 2016ع ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن کي گرفتار ڪرڻ تي کيس عهدي تان معطل ڪيو ويو. جنهن بعد کيس سنڌ سرڪار عهدي تي بحال ڪيو۽ هاڻي نقيب الله جي مبينا مقابلي ۾ مارجي وڃڻ تي کيس معطل ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ داخل ڪيو ويو آهي

انساني حقن جي ڪمشين جي رپورٽ جي انگن اکرن موجب گذريل سال 2017ع دوران ڪراچي ۾ پوليس مقابلن ۾ 148 مبينا جوابدار مارجي ويا. ان حوالي سان دهشتگردي ٽوڙ کاتي جي خاص عدالت گذريل سال 68 پوليس مقابلن جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو هو. جڏهن ته پوليس پاران ڪيل ڪيترن ئي مقابلن تي انساني حقن جون تنظيمون پڻ آواز اٿارينديون رهنديون آهن. گذريل سال سي ٽي ڊي جي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب سنڌ پوليس جي 12 هزار اهلڪارن کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن جو رڪارڊ شڪي آهي. انهن خلاف به قدم کڻڻ جي ضرورت آهي

ملڪي آئين توڙي بنيادي عالمي انساني حقن جي قانون جي لتاڙ ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي سزا جو خوف گهٽ آئي تنهن ڪري هر آئي ڏيهن يا مهيني اهڙا واقعا رونما ٿيندا رهن ٿا

انڪائوٽر اسپيشلسٽ شوٽر طور ڃاتو ويندڙ رائو انوار به ڪيئي مبينا مقابلا ڪيا ۽ کيس خون ڦٻي ويا، پر رائو انوار، نقيب الله مبينا مقابلي ۾ ٻه ٽنگو ڦاسي پيو آهي . جنهن جو نتيجو ايندڙ وقت ڏيندو. پر چوندا آهن ته پوليس وارن جا هٿ ڊگھا هوندا آهن ۽ اهي پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪجهه به ڪري سگھن ٿا

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نقيب الله سميت ٻين مبينا مقابلن جي شفاف جاچ ڪري پوليس اهلڪارن خلاف مثالي ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن بي گناهه انسانن جي قتل ۾ ملوٽ اهلڪارن سميت تحفظ ڏيندڙ به بي نقاب ٿي سگهن

http://www.cpsd.org.pk/sindhi-article-5.php

Friday 9 April 2021

 

پٿريلي ڌرتي تي ڀليڪار

اصغر ناريجو

 

بهار جي مند ۾ گرمين جي ڏهاڙن ۾ ٻارهين جماعت جا پيپر پورا ڪرڻ کان پوءِ والدين ۽ پنهنجي شوق سان انٽري ٽيست سينٽر تي داخلا وٺرائي، جيئن انٽري ٽيسٽ سينٽر تي (انجنيئر۽ ڊاڪٽر) ميڊيڪل ۽ انجنئيرنگ يونيورسٽين ۾ سليڪشن ٿيڻ لاءِ پنهنجي جوش ولولي آڌار  تحت سٺي تياري ڪري ميرٽ جي بنياد تي داخلا وٺن. پيپرن جو نتيجو بيحد انتظار ڪرڻ کان پوءِ آيو،انهن ۾جن  شاگردن جو رزلٽ اي ون گريڊ،اي آيو ته خوش ٿي مٺايون ورهايون...۽ جن  جو  بي۽ سي گريڊ آيو ته ڇڪا ئي ڇڏائجي وين اسان جي محنتن ۽ اميدن تي گرم پاڻي ڪنهن هاريو چوندي ڏک ڪندا رهيا، نيٺ اخبارن ۾ يونيورسٽين جي داخلا پاليسين جا اشتهار ايندا رهيا.جن ۾ پهرين خواهش انجئيرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين جا فارم ڀرڻ سان گڏ جنرل يونيورسٽين جا پڻ فارم ڀرائڻ هو، اگر ٻين يونيورسٽين ۾  انٽري ٽيسٽ رزلٽ سٺو نه اچي ۽ سليڪشن نه ٿئي ته پوءِ سنڌ يونيورسٽي، شاھ لطيف يونيورسٽي ۽  سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ قدم ڄمائبا، انجيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾گهٽ مارڪون کڻڻ ڪري ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجڻ جي آسري ۾ داخلا کان به رهجي ويا،  نيٺ مادر علمي سنڌ ورسٽي ٻين يونيورسٽين جي ڌڪاريل، مايوس، شاگردن کي پنهنجي وسيع جهولي ۾ جاءِ ڏني ته داخلا ٿي وين والدين توڙي دوستن ۾ سرهائي ٿي ته اسان جي اولاد ۽ دوست جي داخلا ٿي وئي يونيورسٽي ۾، هاڻي محنت مشقت جا ڏيئا جلائي پنهنجو نالو روشن ڪرائي عزت، احترام سان مستقبل جي بهترين نمائندگي ڪري سٺا انسان دوست ثابت ٿيندا. 

 جنوري جي شروعاتي هڪ ٻن هفتن ۾ اهي شآگرد بيگ،بوٽ،قلم ڪتاب، بسترو ۽ ضروري سامان  تيار ڪري گهر وارن دوستن کان نماڻيون اکيون ڪري موڪلائي، وڃن  پيا سنڌ ورسٽي، والدين چوندا آهن ته لاڏلا، شهزادا، ننڍڙا پٽ،ڌيئرون بيچلر لائيف ڪيئن گذاريندا، جيڪي گهر کان ٻاهر ڪڏهن رهيا ئي ناهن ،اهي اهڙي بيچلر لائيف گذاريندا آهن جو وڏا به حيرت ۾ رهجي ويندا۽ پاڻ کي ٻين کان سٺو سمجهڻ جي ڪوشس ڪندا رهندا آهن. عجيب وغريب چهرا، ڀورڙا، سانورا، گوارا شروعاتي ڏينهن ۾ نظر ايندا پي ٻه مهينا گذارڻ کانپوءِ گهر ويندا ته  اهو ٻڌڻو پوندو اٿن ته هي ته تبديل ٿي ويا آهن، پنهنجي رهائش جو بندوبست به حيدرآباد، قاسم آباد، لطيف آباد ،ڪوٽڙي، ڄامشورو ۾ ڪندا آهن يا اهڙن علائققن ۾ جتان پوائنٽ بسون آساني سان کڻن ۽ ڇڏن،اگر هاسٽل الاٽمينٽ نه ٿين ته پوءِ چار ئي سال پوائنٽن جا ڌڪا کائيندا،هاڻي ته هاسٽل الاٽمينٽ لاءِ وزيرن کان به ڪالون ڪرائي سورس تي الاٽمينٽ ڪرائن ٿا۽ ڪيترائي دربدر رهائش جي مشڪلات کي منهن ڏين پيا، اهي شاگرد سنڌ ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ، ننڍن وڏن ڳوٺن شهرن مان ڪهي  آيل شآگرد پٿريلي ڌرتي کي ڏسندي ئي چوندا آهن هي ڪهڙي يونيورسٽي آهي جتي سنڌولاجي کان ۽ باب الاسلام جي گيٽ کان سيڪيورٽي گارڊالرٽ ته اندر به رڳو اهلڪار، رڳو جبل ئي جبل،نوجوان ڇوڪرا۽ ڇوڪريون، روازنو پنڌ ڪري ٿڪجي پونداسين جبل تي پنڌ ڪرڻ سان جسم ۾ سور ٿيندو، اسان نه پڙهنداسين، فائنل به آخر ڪار اتان ئي پاس ڪندا آهن.اهو سوچيندي ذهن ۾ سينٽرل لائبريري وٽ پوائنٽ ۽ رڪشن کان لهڻ کان پوءِ نوجوانن، سندرتائن، حسينن، دوشيزن جا ميڙ ڏسي عجيب سوچ حاوي ٿي ويندي اٿن، سادا سودا ڳوٺن گهرن ۽ شهرن کان نڪري پهرين ڏينهن يونيورسٽي جي مانڊاڻ ۾ آيا پريشان ٿي ويا... اکيون کڻڻ ۽ ڦيرائڻ جي دير  رڳو ٽڇ اسڪرين موبائلون نوجوانن۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ ،ڊائري ۽ ڪتاب کي لوڏيندا ٻانهن پيا هڻندا، فل سوٽ، ڪاٽن ڪپڙا ، بوسڪي پئنٽ شرٽ ،شلوار قميص، جنهن تي ڪوٽي توڙي اپر، سوئيٽر۽  واسڪوٽ ڪپڙن مٿان پاتل، جنهن سان خوبصورت لڳن ۽ سردي کان پاڻ کي محفوظ سمجهن پيا. سردي جي موسم هئي، ڇوڪريون به ڪئپري شرٽ، جيينس ،شلاور قميص ٿري پيس، پٽيالا شرٽ،لمبي شرٽ پهري اينديون رهيون، ڇوڪرين جا انداز به نراله ته سينگار به، ڇوڪرين جي ڊريسنگ جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي ڏسڻ وارو ڪاريگر جي محنت سان گڏ حسن سونهن کي ڏسندي دل ۾ ٿڌا ساھ کڻندي ائين چون پيا انهن کي فرصت ۾ ٺاهيو ويو آهي ۽ ڪهڙي جهان م رهندا آهن جو ايترا سمارٽ، خوبصورت، نشيلا، سندر، نه نه ڪندي به واھ واھ جا واڄٽ پيا نڪرن، هوش حواس کي سنڀالي هن هن کان پڇي ڊپارٽمينت پهتا،اتي نظرن سان ٽڪرائيندي، منجهندي هٻڪندي پڇيائون ته فرسٽ ايئر جو ڪلاس ڪٿي آهي جتان مزاحيا جواب مليس ..هي يونيورسٽي آهي فرسٽ ايئر جا ڪلاس ڪاليج ۾ هوندا آهن ته پاڻ به کلڻ کان نه رهجي سگهيو،عمر ۾ توڙي وڏا ڏسڻ ۾ ننڍڙا بلڪه ننڍي قد وارن کي هي جملاٻڌڻا پون پيا اوهان يونيورسٽي ڇو آيا آهيو پنهنجو قد ڏسو، هي ڪاليج کان ڀلجي ورسٽي ۾ آيا آهن، ادا مان  ڊپارٽمينٽ جي فرسٽ ايئر جي ڪلاس جو پڇان ٿو، وڃ سامهون کاٻي هٿ وارو فرسٽ ايئر جو ڪلاس اٿئي، ڪلاس ۾ مي آءِ ڪم ان سر چئي داخل ٿيو....اهو فائنل ايئر جو شاگرد هو استاد نه ..ويھ ويھ ڪرسي تي،ڪجھ منٽ گذرڻ کان پوءِ فائنل ايئر جا شاگرد آيا ڏسي سوچيو ته الائي ڇا ٿيندو پر هنن کان انٽروڊڪشن بجاءِ ڊيڪوريشن پڇيو ويو جنهن ۾ نالوڪير،ڪٿان،ڪهڙي چوائس تي آيو آهي جا مزيدار جواب ملين.. ڳالهائڻ جي سگھ هوندي به ڳالهائڻ کان هٻڪن پيا  ڪن بهتر  ڊيڪوريشن ڏنو ته ڪيترن خوب کلايو .سمارٽ نارين شرمائيندي چيو اسان  ڪجھ نه ٻڌائيندوسون ائين پيو ڳالهائين جيئن پهريون دفعو ڳالهائن ايترو آهسته آواز جو ڀر وارو به مشڪل ٻڌي،. سينئرن پاران همٿائڻ وارا جوشيلا جملا چيا جيئن سياسي جلوسن ۾ چئبا آهن اوهان يونيورسٽي ۾ آيا آهيو يونيورسٽي يونيورسل لائيف آهي اوهان کي خاموش نه رهڻو پوندو، اهي سندرتون توڙي نوجوان ڪجھ ڏينهن کان پوءِ پاڻ کي سينئرن جي صحبت ۾ رهڻ کان پوءِ سينئر سمجهندا آهن، پهرين ڏينهن يونيورسٽي جي شعبن ۾ پروفيسر به انٽروڊڪشن ڪلاس وٺندي موٽيويٽ ڪندا رهندا اٿن، يونيورسٽي جا دلڪش منظر ڏسندي  اندر ۾ موجود پريشانين وهمن وسوسن جي قيد مان ٿورو وقت آزادي ماڻي هڪٻئي کي نه سڃاڻڻ واري ماحول م اچي کلندا،مسڪرائيندا سوچن ۾ رهيا،ڪئنٽين تي ڪٽ۽ شعبن جا چڪر ڏئي پهرين ڏينهن جي پڃاڻي تي سي ايل جي گرائونڊ تي پوائنٽ بسن جي نڪرڻ وقت هجوم، گوڙ سان گڏ حسين جوڙا، ڪائنات جي پريشانين مشڪلاتن کان لاتعلق قرب ڪچهري ۾ مصروف رهندي به ڏسي دل ۾چوندا آهن ۽ دوستن سان به ڳالھ ڪندا آهن، ڪاش!  اسان به جوڙي ۾ هجون جي حسرت کي ظاهر ڪندا آهن،پوءِ وقت گذرڻ سان ڪلاس جي ماحُول ۾ گڏجڻ کان پوءِ پاڻ به جوڙي ٺاهي موجون مسرتون ڪندا آهن۽ ديدار درشن لاءِ ميڙاڪن،مذاڪن محبتن ۾ يونيورسٽي ۾ گذاريندا آهن...

نيو ايئر بئچ جي لاءِ مادر علمي سنڌ ورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر عابداه طاهراڻي صاحبه پڻ يونيورسٽي جي دل ۽ جان آرٽس فئڪلٽي جي صحن ۾ اورينٽيشن ڊي مقرر ڪري نون چهرن کي يونيورسٽي جي ماحول اهميت ،سرگرمين توڙي ٻين تي روشني وجهي همٿائي سندن آڌر ڀاءَ ڪيو،جنهن ۾ يونيورسٽي جي پروفيسرن به خطاب ڪيو ته ميڊيا ائنڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردن ڪامران ساريو ۽ صلال مغل کي گٽار تي صوفي سنڌي راڳ جا نغما چورايا ويا جن تي خاموش فضا ۾ اهڙي خوشي ۽ مسرت پئدا ڪئي جو تاڙين سان داد ڏيندي نه ٿڪيا.

يونيورستي جي شعبن ۾ ڪلاس هلڻ لڳا نوان نوان چهرا ايندا رهيا،ماحول ۾ سرهاڻ سڳنڌ، محبت عشق قرب،جون ساروڻيون ڪچهريون ٿينديون رهيون، ڪئنٽينن ڊپارٽمينٽن ۾ ٽهڪ ڏيندا رهيا،نون آيل چهرن جي سڃاڻپ سيئيئر شاگرد پري کان ڪندا آهن، جن جي باري ۾ مشهور هو ته يونيورسٽي جو ماحول خراب آهي،ڪامريڊايپ آهي،نون شاگردن سان رينگنگ ٿيندي يونيورسٽي جي ماحول کي انتظاميا بگاڙِيو آهي پوءِ سڃو ڪم شاگرد تنظيمن تي ٿڦي پاڻ کي آجو سمجهي ٿي، پر هتي آيل چهرن سان اهڙو ورتاءَ ته ڪنهن نه ڪيو انهن جي چهرن تي مسڪراهٽ جا گلاب آڻڻ لاءِ شعبن جي سينيئر شاگردن پاران  سندن مان ۾ آجياڻو (ويلڪم پارٽي) ڏئي، نون ذهنن کي يونيورسٽي جي ماحول کان متعارف ڪرائي متاثر ڪيو آجياڻي ۾ صدارتي مهمان شعبي جو ڊائريڪٽر چيئرمين ۽ چيئرپرسن هئا،اتي پروفيسر۽ شاگرد پڻ چڱي تعداد ۾ اچي پروگرام جي رونقن ۾ اضافو ڪري شاگرد لطف اندوز ٿيندا رهندا آهن،، تعليمي عمل سان گڏ انٽرٽئنمينٽ جا اهڙاا پروگرام ڪري شوق چاھ جي امنگن سان پروگرام مان لطف اندوز ٿيندي مسڪرائيندا رهيا،.ويلڪم پارٽي جي شروعات تلاوت ۽ حمد سان ٿيندي آهي،جنهن کان پو۽ آيل مهمانن ۽ پروفيسرن کي سنڌ جي ثقافت جي اهڃاڻ اجرڪ ٽوپي تحفو ڏئي سندن کان نون آيل شاگردن لاءِ خطاب ڪرائيندا آهن، ماٺار ۾ آيل پروگرام تي ٽهڪن جا قافلا آڻڻ لاءِ نصحيتي مزاحيا خاڪا ٽيبلوز پيش ڪري وندرائيندا رهيا ۽ اسٽيج پبلڪ پروگرام پرفارم ڪري خوب کلائيندا رهيا ته جهومڻ ۽ جهونگارڻ لاءِ سر ۽ سنگيت جو به بندوبست ٿيل هئو، بهترين آواز سان سريلا گيت  آلاپي محفل کي چارچنڊ لڳائيندا آهن،ٿر جي باغي روح سان پنهنجي نرالي مڃتا رکندڙ حليم باغي جي سنڌ ورسٽي لاءِ چيل شاعري چئي چهرا محبت جي ديوي ۾ گم ٿيندا رهيا ۽ حليم باغي جي سٽن سان پنهنجو احساس اظهار ڪندا آهن، پر اڄ حيلم باغي جي دور واري يو ڪلپس جون ڊگهون قطارون ناهن،تن جي واڍي ٻيلو سمجهي ڪئي وئي،پلانٽ سائنس وارا پلانٽ به ختم ڪيا ويا،آرٽس فئڪلٽي جي اندر ۽ ٻاهران به خالي ميدان نظر ايندو ته سي ايل جي سونهن ۽ فطري ماحول کي وڌائيندڙ وڻ به وڍي ٺوڙهي سي ايل  ڏيک ڏئي پئي، هاڻي يونيورسٽي به سيڪيلور ناهي رهي، ڪاليڊور ۾ بيهڻ به منع آهي ته دوستن جو گروپ ۾ گهمڻ تي پابندي آهي ته شاگردن لاءِ نوان مسئلا فيسن ۾ سو سيڪڙو اضافو به ڪيو ويو آهي ته الاٽمينٽ لاءِ به وزيرن کان ڪالون ٿين پيون.سيوا،سوٽا تنظيمون فعال ،شاگردن جي تنظيمن تي پابندي.

 محفل جا مور  سنڌي اربيلو ڪلام جنهن کي اڪثريت پسند ڪرڻ سان گڏ محفلن، ميڙاڪن جي آخر ۾ ڳائي وڄائي اهو هو جمالو هو جمالو......... تي رقص سڀئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون گڏجي ڪري پنهنجي سنڌيت جي عشق جو ثبوت ڏيندا آهن، محفل جي رخصت به شعر سان ڪري الوداع ڪندا رهيا،انهي پروگرام ۾ تصويري يادگيرين جا البم ٺاهي يادگيرين ۾ اضافو آڻي خوش ٿيندا آهن ۽ سماجي رابطن جي سائيٽس فيسبوڪ،واٽس ايپ،ايمو وغيرھ تي اپولڊ ڪري پنهنجي دوستن جي ڏنل راين ڪمينٽس تي مهرباني چوندا آهن.نيو ايئر جي شاگردن جي مان ۾ ڏنل آجياڻين جا پروگرام ورسٽي جي  شعبن ۾ ٿيندا رهيا ، جتي شاگرد مزا ماڻي خوش رهندا آهن۽ يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي جيان ياد گيرين جا گيت ڳائي دل کي بهار ڏيندا آهن.نئين ايندڙ بئنچ جا شآگرد پنهنجو عشق آزاد خيالن ۾ ارپيندا آهن،ڪنهن جي زلفن ۾ زنگجي زندگي نانءِ ڪندا آهن،عشق ۽ محبت جا مرڪز بڻجندا آهن،بغاوت جي راھ جا پانڌيئڙا به ٿيندا آهن،ته شاھ ڀٽائي،سچل سامي،مخدوم بلاول جا پيروڪار بڻجندا آهن،

سوچن نظرين،آزاد فضائن،حسن سونهن،دل ڦريندڙ ادائن جي ورسٽي ۾.علم جي خزان جي ورسٽي ۾ زندگي جا چار پنج سال علم ۽ قلم جي حاصل ڪيل قوت سان مستقبل جي پرمسرت اهم شخصيت ،انسان دوست بڻجي ڪامياب زندگي بسر ڪري سگهندا.

ايڪسپريس نيوز پيپر ۾ ڇپيل فيبروي 2016

 

 

 

وڇوڙن جو شهر ڄامشورو

اصغر ناريجو

موئن جي دڙي واري سنڌ ۽ ان جو هر هڪ شهر ڪنهن نه ڪنهن  تاريخي حوالي سان پنهنجو پنهنجو وجود جي تاريخي حيثيت سان مشهوري به رکن ٿا، ته انهن مان ڪي شهر جيئن ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو طور،دادو ويٽيڪن سٽي ،ڪراچي روشنين جو شهر،سنڌ جي پئرس شڪارپورته ائين دنيا ۾ علم جو شهر طور ڄامشورو به پنهنجي نرالي حيثيت رکي ٿو. ۽ مادر علمي جو شهر به ڄامشورو آهي .

اي سنڌ ورسٽي توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان ،علم جي مرڪزجي ورسٽي، حسين چهرن جي  ورسٽي،ٽهڪن مرڪن جي ورسٽي، نوجوانن جي ورسٽي، دل ڦريندڙ لٽيندڙ ادائن، قاتل نگاهن جي ورسٽي، مست هوائن جي ورسٽي، حسن جو مچ آهين، نظرين،سوچن جو شهر آهين، وڇوڙن جي ورسٽي، جنت جي منظر جهڙي ورسٽي، پنهنجي اندر ۾ هزارين  تاريخون۽ لقاءَ سانڍي ويٺل ورسٽي، جواني جون چار بهارون تنهنجي هوائن جي هندوري ۾ گذريون، هڪ خواب مثل گذري ويون.

اڙي شهر جانان ڪي توکي سنڀارون ته شاعر جون گذريون هتي پنج بهارون........

تنهنجي نگري ۾ آيا هزارين چهرا  ڄامشورا، کل خوشي سان ،پنهنجن گهروارن،پيارن کان موڪلائي لڙڪن سان انهن کي الوداع باءِ باءءِ ڪندي چيو دعا ۽ دل ۾ ياد، اڄ وڃان ٿو سنڌ يونيورسٽي...... نون آيل چهرن لاءِ عجيب ڪشمش هوندي آهي، هو ڪنهن جي زلفن جي اسير ۾ ويڙهجي گم ٿي ويندا آهن، ڪنهن جي قاتل نگاهن جو نشانو بڻجندا آهن ڪنهن جي ادائن م مست مدحون هوندا آهن ته پنهنجو عشق آزاد خيالن ۾ ارپيندا آهن ته بغاوت جو علم به بلند رکندا آهن.

 هتي  نگري ۾ ڦوھ جواني جا چار سال ڪنهن  خواب مثل گذري وڃن ٿا ۽ انهن خوابن جي يادن ۾ وقت جي پاڇي گذرڻ سان اهي پل گهڙيون ذهن تي اڻ چٽيل نقش وانگر تري اينديون آهن جن جو اثر هميشه رهندو آهي.سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن جڏهن  اچڻ ٿيو ۽ وڃڻ وارو گهڻو ياد رهندا آهن. ها اها سنڌ ورسٽي علم،ادب،سياست،عشق ۽ حسن جو مرڪز آهي جتان هڪ شاگرد گهڻو ڪجھ سکي وڃي ٿو. ويلڪم پارٽي کان ويندي الودائي پارٽي تائين آيل پروگرامن  علمي ادبي سيمينار، انٽري ٽيسٽ ڊي، اسٽڊي سرڪل،ڪلچر ڊي،ويلنٽائن ڊي، ڪريزي ڊي،ڪلر ڊي،ڪمينٽس ڊي ،اسٽڊي ٽوئر،پڪنڪ ٽوئر،ڪانفرنسن جون يادون من ۾ گهريل رهنديون آهن. سنڌ ورسٽي فارمل تعليم سان گڏ انفارمل تعليم جو به محراب آهي.

نوجوانن جو شهر، سڪ سلامتي،سونهن سچائي جو شهر،ڀلن سان ڀلائي جو شهر،محبوب دوستن سان گهاڙيل گهڙيون پل ،ڪئمپس،ڪچهريون، ڦاٽڪ جون ڪڙاهيون ،ڪئنٽينن جا ڪٽ ،جنت روڊ جا چڪر يادن جي ڊائري ۾ محفوظ ٿي ويا آهن.هي ڄامشورو ڪنهن جون جهوليون گلن سان ڀري ٿو ته ڪنهن کي ڪنڊن جي سيج تي سمهاري ٿو ڇڏي.ڪنهن کي لڙڪ، ڪنهن کي مرڪ، ڪنهن کي سپنا ته ڪنهن کي فقط حسين يادون ارپي ٿو. هتي حسين شامون گذاريندڙ دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڇو نه هليو وڃي پر ڄامشوري جون هوائون هن جي من اندر ۾ پيون گهلنديون رهنديون.حسين اپسرائن ۾ قيدي نيڻ ته ڪنهن جا ٿيا ته هوندا ته ڪنهن کي محبت ۾ پنهنجو پاڻ کي انهي نانءُ  ارپي ڇڏڻ ، ڪنهن کي چاهيندي ۽ نه چاهيندي ملي وڃڻ.

جڏهن شام جو سج لاڙيندولامون ته ياد ايندي ورسٽي جون شامون

ويل وقت توکي ڏک ڏئي پيو ڏنگيندو پوءِ ياد توکي باغي ايندو.....

جيڪو ڄامشورو آيو ۽ المنظر نه ڏٺائين ته سمجهو ڪجھ نه ڏٺائين جتي المنظر فطرتي حسن جي ساحل تي عشق،قرب جون ساروڻيون گذريون هونديون. دلڪش برساتي موسم ۾ دوستن سان گذاريل پل ذهن تي ياد رهندا. المنظر سنڌو درياءَ جو ٻيڙي تي سير ڪندي ٽهڪ ٽانڊا به تازا رهندا،ڪناري ڀرسان پاڻي ءَ جا ڇنڊا هڻڻ ۽ مرڪي هٿ اکين تي ڏئي وري پاڻي هڻڻ ياد رهندا.

مست هوائن ۾ حسين اداس شامون ،يادن جون سرد راتيون،جواني جون چار بهارون هي هاسٽل جون راتيون ،هي ڪئمپس جا ڏينهرا حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ناهن وسارڻ جهڙا.

 ڪا نشيلي نيڻن واري صلاح ڏيندي آهي ته ڄامشوري جي هوائن جهڙي زندگي ۾ ،جيڪب آباد جي گرمي جهڙا درد ڪاٽي زندگي خوش ۽ مرڪي گهار .

پر ڄام شورو مسافر خاني مثل آهي، هتي ڪنهن جو به مستقل ٺڪاڻو ناهي زندگي جون چار بهارون ڪنهن مسافر جي منزل جيان گذري ويون جيڪي تڪليفون مشڪلاتون هڪ مسافر ڏانهن اينديون آهن ائين ئي هتي مشڪلاتن جي منزل به شاگرد ماڻي ٿو.حليم باغي جيان  هتي بنا هٿيارن دل ڦرِيندڙ ڌاڙيل به آهن ته ڇڙواڳ ڇوڪرا به، ڪن جا ڌاڙا لڳي وڃن ته ڪن جا هتي ڌاڻا به نڪري وڃن.دپارٽمينٽ جي ڪاليڊور ۾ ڪنهن جو انتظار، پوائنٽس نڪرڻ وقت درشن جو خيال،ڪنهن خاموش محبت ڪندي چار سال به گذاريا هوندا ته ڪنهن جي محبت جا مثال به مرڪز هوندا.

اها الوداعي مرڪ ڪيڏي نه حسين هوندي جنهن سان اکين ۾ لڙڪ هوندا.....

سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي  ڄامشوري جو ڄڻ سو پٿر ٿيو وڃي

پٿريلي ڌرتي تي موسم خزان پن ڇڻ موسم زرد پن ڇاڻي وٺنديون آهن ته اتي ڄامشوري ۾ دلين جا وڇوڙي ۾ هانءَ ڇڻي پوندا آهن. چنڊ جي چوڏهين رات جهڙي تنهنجي جوڀن جواني وڇوڙن م ڪيئن گذرندي اهو درد سهي ڪيئن ننڊ نيڻين ايندي.

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي

هن کي چئجان گڏ هلي سگهندين

هڪڙو ننڍڙو سوال به ڪم ايند ئي....

 سنڌ ورسٽي مان فائنل ڪندڙ سڀني دوستن کي اها التجا آهي ته ،علم جي ان روشني سان غلاميءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ خلاف بغاوت جو علم بلند ڪن، سماجي برابريءَ ۽ حقن لاءِپاڻ پتوڙن، جيڪا علم جي  خوشبو سنڌ ورسٽي اوهان جي روح کي سونپرائي ان جي پرچار ڪندي باقي زندگي بسر ڪجو۽ اها ساڳي مهڪ محبت پنهنجي سماج ۾ ڦهلائجو، ڇو ته  مادر علمي اوهان کي جيئڻ جا اصول سيکاريا، محبتن جي محفلن جا بي بها خزانا اوهان جي جوان سيني ۾ رکيا، جيڪي ماڻيا ڪڏهن به  کٽندا ناهن، هميشه ساھ ۾سانڍي رکجو اهو عشق نينهن جو وچن سنڌ ورسٽي سان ڪجو...

ڄامشورو اسان جي پرين جو شهر آهي ننڍرو مگر آ وڏو پر اثر ڃامشورو اسان جي پرين جو شهر......

 ايڪسپريس نيوزپيپر ۾ ڇپيل ڊسمبر 2015

 

ورسٽي ۾ جواني جي عشق ۾ سگريٽ جو سهارو

اصغر ناريجو

19 ڊسمبر 2016

مستقبل جو ستارو ، مستقبل جو معمار ڳڀرو نوجوان سنڌ ورسٽي ۾ اچڻ وقت بهتر ،خوبصورت مستقبل جا خيال کڻي ايندو آهي ۔ ورسٽي جي گسن تي گهمندي گهمندي جڏهن هو عشق ۾ گرفتار ٿيندو آهي ته پنهنجي ڳاڙهن چپن سان سگريٽ جا ڪڇ هڻڻ شروع ڪندو آهي ۽ انهن ڳاڙهن چپن کي سگريٽ جي ڪاراڻ سان  ڪارو ڪري ڇڏيندو آهي ۔   اهو نوجوان ورسٽي جي پيچرن تي ڪچڙي جواني جا خواب حضرت عشق ٿيڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهي۔

 سگريٽ پيئڻ جو سبب اهو ٻڌائيندو ته يار عشق ٿي ويو آهي سندر چهري سان!  ان جي يادن ۾ سگريٽ پيئندو آهيان  ۔  اونداهي رات جو پنهنجي روم جي دوستن کي ڇڌي، هاسٽل جي ڇت تي سگريٽ ۽ موبائل کي ساڻ کڻي ويندو آهي. سگريٽ دکائي آسمان جي تارن ڏي نهاري محبوب جي حسن جي تعريف ڪندي پنهنجي سوچن جو مرڪز محبوب کي بڻائيندو آهي . چنڊ ۽ ستارن کي پنهنجي درد جي دانهن ڏيندو آهي . جيڪي به سندس فرياد ناهن ٻڌندا . سگريٽ مٿان سگريٽ دکائي پنهنجو پاڻ کي سگريٽ  جيان يادن ۽ سوچن ۾ جلائيندو آهي ۔ دکيل سگريٽ سان گڏ موبائل تي غزل ۽ گيتن کي پڻ ٻڌندو آهي۔

او شٽ يار سگريٽ کپي  ويا۔۔

اچ ڪئنٽين تي سگريٽ پيئڻ هلون ۔۔

وڏا هڪڙو گولڊيف کڻي ها ۔۔۔

هاسٽل گيٽ تي وڃين ٿو منهنجي لاء 2 ڪئپٽن سگريٽ آڻجان ۔۔۔

اچ يار سگريٽ جي ٻاڙ لڳي آ سگريٽ پيون۔۔

هي سگريٽ دکائي ڏي يار

منهجو لائيٽر ڪنهن کنيون ؟

ماچيس آهي ادا ۔۔ ها هي کڻو سنگت سان سگريٽ دکائي پوء ڏئي ٿووڃان ۔۔۔۔،

 ڀر واري روم تي دروازو کڙڪائي وڃي چوڻ ادا ماچيس اٿو ۔۔۔ وري انهن کان جواب ملندن

نه يار هن ڀيري سامان جي لسٽ ۾ ماچيس لکڻ وسري ويو ۔

سنڌ ورسٽي ۾ عاشقن جو سهارو سگريٽ بڻجي ويندو  آهي .  اهو شاگرد پنهنجي شعبي جي ڪاريڊور ۾  پنهنجي محبوبه کي ڏسندي به سگريٽ ڇڪيندو آهي ، جنهن کي اهو محسوس ڪرائڻ چاهيندو آهي ته تنهنجي عشق ۾ سگريٽ جو سهارو وٺي جيئندو آهيان۔ جيڪو تو وانگر ڪڏهن بيوفائي نه ڪندو۔  ڪئنٽين تي ڪٽ  ( چانھه جي اڌ ڪوپ کي يونيورسٽي ۾ ڪٽ چيو ويندو آهي  ) ۔۔ جا چسڪا ڀرڻ کان پوءِ به سگريٽ کي دکائي پاڻ کي دوستن سان گڏ هوندي به اڪيلو محسوس ڪندو آهي ۔ عشق کان پوء  اڪيلائي ، اداسي جي دنيا ۾ رهجي ويندو آهي ۔ ها دوستن جا سهڪاري جملا ٻڌڻ کان پوء به پاڻ کي سنڀالي ناهي سگهندو ۔   عشق ۽ سگريٽ ۾ ڇا فرق آهي ۔ لڳي ٿو ته عشق ۽ سگريٽ ۾ ڪو خاص فرق ناهي ڇو جو عشق جو ڪم به جلائڻ آهي ۽ سگريٽ جو ڪم به جلائڻ آهي پر عشق جي جلن ابدي هوندي آهي ۽ سگريٽ جي جلن وقتي ۔ سگريٽ ته ڪجهه گهڙين جي لاءِ درد جو ساٿي بڻجندو آهي پر عشق ته هر پل ، هر گهڙي ۽ مرڻ مهل تائين درد ڏيندو رهندو آهي ۔

ڪي چهرا عشق جي عالم ۾ اچڻ کان پوء ڪتابن کي پڙهندا آهن ۔ انهن ڪتابن ۾ ناول، شاعري جي ڪتابن کي اهميت وڌيڪ ڏيندا آهن ۔ 

تون گولڊيف جهڙي

مان چرس جهڙو

جڏهن به ملياسين

مدهوش ٿياسين۔۔!

Sunday 25 February 2018

بالي ووڊ ليجند ادڪاراه سري ديوي ديهانت ڪري وئي


بالي ووڊ ليجند ادڪاراه سري ديوي ديهانت ڪري وئي

#اصغر ناريجو

بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪاره سري ديوي دل جو دورو پوڻ سبب 55 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري وئي.

سري ديوي دبئي ۾  پنهنجي مڙس بوني ڪپور ۽ پنهنجي ڌيءُ خوشي سان گڏ ڀائٽي جي شادي تقريب ۾ هئي ته اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري وئي.

سري ديوي جي ديهانت جي خبر پوڻ بعد ممبئي ۾ سندس گهر ٻاهران مداح وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي رهيا آهن.

 سري ديوي 13 آگسٽ 1963ع تي ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ڳوٺ سيواسڪي ۾  پيدا ٿي.سندس والد وڪيل هو .  هن جو پورو نالو سري ديوي ڪپور هيو.

سري ديوي 1978ع ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات سولهوان ساون سان ڪئي، ۽ گذريل سال رليز ٿيندڙ فلم مام سندس 300هين فلم هئي.

هن 1985ع ۾ اداڪار مٿن چڪروتي سان شادي ڪئي جيڪا ٽن سالن بعد ٽثي وئي.

سري ديوي 1996ع ۾ فلم پروڊيوسر بوني ڪپور سان شادي ڪئي، جيڪا مرڻ گهڙي تائين ڪامياب رهي.

جنهن مان کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد خوشي  ۽ جهانوي ڪپور آهن.  

 سري ديوي بالي ووڊ فلمن ۾ همٿ والا، موالي، تحفه ،نيا قدم، ماسٽر جي، ، گهمراهه، لاڊلا، جدائي سميت ٻين فلمن ۾ ڪم ڪيو.

1983ع ۾ همٿ والا فلم کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو .مسٽر انڊيا، خداگواه، چالباز، لمحا، صدمه سندس سپر هٽ فلمون هيون.

سري ديوي 1997ع ۾ فلمي دنيا کان ڪناراڪشي ڪري ڇڏي جنهن بعد هن 15 سالن بعد 2012ع ۾ انگلش ونگلش فلم سان بالي ووڊ ۾ واپسي ڪئي.

سري ديوي 2017ع ۾ فلم مام ۾ سجل علي ۽ عدنان صديقي سان ڪم ڪيو.

سري ديوي تامل، تيلگو۽ مليالم سميت بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪيو.

2013ع ۾ سري ديوي کي ڀارت جي چوٿين وڏي شهري ايوارڊ پدم شري سان نوازيو ويو.

سري ديوي پنهنجي ڪيريئر دوران بهترين اداڪار ه جا 5 فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيا،جن ۾ هڪ فلم فيئر اسپيشل ايوارڊ به شامل آهي.

بالي ووڊ جي پهرين عورت فلم اسٽار سري ديوي 300 فلمن ۾ ڪم ڪيو.

سري ديوي جي وفات جي خبر جو ٻڌنڌي ئي سماجي رابطن واري ويبسائيٽن تي وڏي تعداد ۾ بالي ووڊ اسٽار توڙي ٻين شخصيتن پاران تعزيتي پيغام اچڻ شروع ٿي ويا آهن...........