Friday 9 April 2021

 

وڇوڙن جو شهر ڄامشورو

اصغر ناريجو

موئن جي دڙي واري سنڌ ۽ ان جو هر هڪ شهر ڪنهن نه ڪنهن  تاريخي حوالي سان پنهنجو پنهنجو وجود جي تاريخي حيثيت سان مشهوري به رکن ٿا، ته انهن مان ڪي شهر جيئن ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو طور،دادو ويٽيڪن سٽي ،ڪراچي روشنين جو شهر،سنڌ جي پئرس شڪارپورته ائين دنيا ۾ علم جو شهر طور ڄامشورو به پنهنجي نرالي حيثيت رکي ٿو. ۽ مادر علمي جو شهر به ڄامشورو آهي .

اي سنڌ ورسٽي توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان ،علم جي مرڪزجي ورسٽي، حسين چهرن جي  ورسٽي،ٽهڪن مرڪن جي ورسٽي، نوجوانن جي ورسٽي، دل ڦريندڙ لٽيندڙ ادائن، قاتل نگاهن جي ورسٽي، مست هوائن جي ورسٽي، حسن جو مچ آهين، نظرين،سوچن جو شهر آهين، وڇوڙن جي ورسٽي، جنت جي منظر جهڙي ورسٽي، پنهنجي اندر ۾ هزارين  تاريخون۽ لقاءَ سانڍي ويٺل ورسٽي، جواني جون چار بهارون تنهنجي هوائن جي هندوري ۾ گذريون، هڪ خواب مثل گذري ويون.

اڙي شهر جانان ڪي توکي سنڀارون ته شاعر جون گذريون هتي پنج بهارون........

تنهنجي نگري ۾ آيا هزارين چهرا  ڄامشورا، کل خوشي سان ،پنهنجن گهروارن،پيارن کان موڪلائي لڙڪن سان انهن کي الوداع باءِ باءءِ ڪندي چيو دعا ۽ دل ۾ ياد، اڄ وڃان ٿو سنڌ يونيورسٽي...... نون آيل چهرن لاءِ عجيب ڪشمش هوندي آهي، هو ڪنهن جي زلفن جي اسير ۾ ويڙهجي گم ٿي ويندا آهن، ڪنهن جي قاتل نگاهن جو نشانو بڻجندا آهن ڪنهن جي ادائن م مست مدحون هوندا آهن ته پنهنجو عشق آزاد خيالن ۾ ارپيندا آهن ته بغاوت جو علم به بلند رکندا آهن.

 هتي  نگري ۾ ڦوھ جواني جا چار سال ڪنهن  خواب مثل گذري وڃن ٿا ۽ انهن خوابن جي يادن ۾ وقت جي پاڇي گذرڻ سان اهي پل گهڙيون ذهن تي اڻ چٽيل نقش وانگر تري اينديون آهن جن جو اثر هميشه رهندو آهي.سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن جڏهن  اچڻ ٿيو ۽ وڃڻ وارو گهڻو ياد رهندا آهن. ها اها سنڌ ورسٽي علم،ادب،سياست،عشق ۽ حسن جو مرڪز آهي جتان هڪ شاگرد گهڻو ڪجھ سکي وڃي ٿو. ويلڪم پارٽي کان ويندي الودائي پارٽي تائين آيل پروگرامن  علمي ادبي سيمينار، انٽري ٽيسٽ ڊي، اسٽڊي سرڪل،ڪلچر ڊي،ويلنٽائن ڊي، ڪريزي ڊي،ڪلر ڊي،ڪمينٽس ڊي ،اسٽڊي ٽوئر،پڪنڪ ٽوئر،ڪانفرنسن جون يادون من ۾ گهريل رهنديون آهن. سنڌ ورسٽي فارمل تعليم سان گڏ انفارمل تعليم جو به محراب آهي.

نوجوانن جو شهر، سڪ سلامتي،سونهن سچائي جو شهر،ڀلن سان ڀلائي جو شهر،محبوب دوستن سان گهاڙيل گهڙيون پل ،ڪئمپس،ڪچهريون، ڦاٽڪ جون ڪڙاهيون ،ڪئنٽينن جا ڪٽ ،جنت روڊ جا چڪر يادن جي ڊائري ۾ محفوظ ٿي ويا آهن.هي ڄامشورو ڪنهن جون جهوليون گلن سان ڀري ٿو ته ڪنهن کي ڪنڊن جي سيج تي سمهاري ٿو ڇڏي.ڪنهن کي لڙڪ، ڪنهن کي مرڪ، ڪنهن کي سپنا ته ڪنهن کي فقط حسين يادون ارپي ٿو. هتي حسين شامون گذاريندڙ دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڇو نه هليو وڃي پر ڄامشوري جون هوائون هن جي من اندر ۾ پيون گهلنديون رهنديون.حسين اپسرائن ۾ قيدي نيڻ ته ڪنهن جا ٿيا ته هوندا ته ڪنهن کي محبت ۾ پنهنجو پاڻ کي انهي نانءُ  ارپي ڇڏڻ ، ڪنهن کي چاهيندي ۽ نه چاهيندي ملي وڃڻ.

جڏهن شام جو سج لاڙيندولامون ته ياد ايندي ورسٽي جون شامون

ويل وقت توکي ڏک ڏئي پيو ڏنگيندو پوءِ ياد توکي باغي ايندو.....

جيڪو ڄامشورو آيو ۽ المنظر نه ڏٺائين ته سمجهو ڪجھ نه ڏٺائين جتي المنظر فطرتي حسن جي ساحل تي عشق،قرب جون ساروڻيون گذريون هونديون. دلڪش برساتي موسم ۾ دوستن سان گذاريل پل ذهن تي ياد رهندا. المنظر سنڌو درياءَ جو ٻيڙي تي سير ڪندي ٽهڪ ٽانڊا به تازا رهندا،ڪناري ڀرسان پاڻي ءَ جا ڇنڊا هڻڻ ۽ مرڪي هٿ اکين تي ڏئي وري پاڻي هڻڻ ياد رهندا.

مست هوائن ۾ حسين اداس شامون ،يادن جون سرد راتيون،جواني جون چار بهارون هي هاسٽل جون راتيون ،هي ڪئمپس جا ڏينهرا حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ناهن وسارڻ جهڙا.

 ڪا نشيلي نيڻن واري صلاح ڏيندي آهي ته ڄامشوري جي هوائن جهڙي زندگي ۾ ،جيڪب آباد جي گرمي جهڙا درد ڪاٽي زندگي خوش ۽ مرڪي گهار .

پر ڄام شورو مسافر خاني مثل آهي، هتي ڪنهن جو به مستقل ٺڪاڻو ناهي زندگي جون چار بهارون ڪنهن مسافر جي منزل جيان گذري ويون جيڪي تڪليفون مشڪلاتون هڪ مسافر ڏانهن اينديون آهن ائين ئي هتي مشڪلاتن جي منزل به شاگرد ماڻي ٿو.حليم باغي جيان  هتي بنا هٿيارن دل ڦرِيندڙ ڌاڙيل به آهن ته ڇڙواڳ ڇوڪرا به، ڪن جا ڌاڙا لڳي وڃن ته ڪن جا هتي ڌاڻا به نڪري وڃن.دپارٽمينٽ جي ڪاليڊور ۾ ڪنهن جو انتظار، پوائنٽس نڪرڻ وقت درشن جو خيال،ڪنهن خاموش محبت ڪندي چار سال به گذاريا هوندا ته ڪنهن جي محبت جا مثال به مرڪز هوندا.

اها الوداعي مرڪ ڪيڏي نه حسين هوندي جنهن سان اکين ۾ لڙڪ هوندا.....

سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي  ڄامشوري جو ڄڻ سو پٿر ٿيو وڃي

پٿريلي ڌرتي تي موسم خزان پن ڇڻ موسم زرد پن ڇاڻي وٺنديون آهن ته اتي ڄامشوري ۾ دلين جا وڇوڙي ۾ هانءَ ڇڻي پوندا آهن. چنڊ جي چوڏهين رات جهڙي تنهنجي جوڀن جواني وڇوڙن م ڪيئن گذرندي اهو درد سهي ڪيئن ننڊ نيڻين ايندي.

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي

هن کي چئجان گڏ هلي سگهندين

هڪڙو ننڍڙو سوال به ڪم ايند ئي....

 سنڌ ورسٽي مان فائنل ڪندڙ سڀني دوستن کي اها التجا آهي ته ،علم جي ان روشني سان غلاميءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ خلاف بغاوت جو علم بلند ڪن، سماجي برابريءَ ۽ حقن لاءِپاڻ پتوڙن، جيڪا علم جي  خوشبو سنڌ ورسٽي اوهان جي روح کي سونپرائي ان جي پرچار ڪندي باقي زندگي بسر ڪجو۽ اها ساڳي مهڪ محبت پنهنجي سماج ۾ ڦهلائجو، ڇو ته  مادر علمي اوهان کي جيئڻ جا اصول سيکاريا، محبتن جي محفلن جا بي بها خزانا اوهان جي جوان سيني ۾ رکيا، جيڪي ماڻيا ڪڏهن به  کٽندا ناهن، هميشه ساھ ۾سانڍي رکجو اهو عشق نينهن جو وچن سنڌ ورسٽي سان ڪجو...

ڄامشورو اسان جي پرين جو شهر آهي ننڍرو مگر آ وڏو پر اثر ڃامشورو اسان جي پرين جو شهر......

 ايڪسپريس نيوزپيپر ۾ ڇپيل ڊسمبر 2015

No comments:

Post a Comment