Friday 9 April 2021

 

ورسٽي ۾ جواني جي عشق ۾ سگريٽ جو سهارو

اصغر ناريجو

19 ڊسمبر 2016

مستقبل جو ستارو ، مستقبل جو معمار ڳڀرو نوجوان سنڌ ورسٽي ۾ اچڻ وقت بهتر ،خوبصورت مستقبل جا خيال کڻي ايندو آهي ۔ ورسٽي جي گسن تي گهمندي گهمندي جڏهن هو عشق ۾ گرفتار ٿيندو آهي ته پنهنجي ڳاڙهن چپن سان سگريٽ جا ڪڇ هڻڻ شروع ڪندو آهي ۽ انهن ڳاڙهن چپن کي سگريٽ جي ڪاراڻ سان  ڪارو ڪري ڇڏيندو آهي ۔   اهو نوجوان ورسٽي جي پيچرن تي ڪچڙي جواني جا خواب حضرت عشق ٿيڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهي۔

 سگريٽ پيئڻ جو سبب اهو ٻڌائيندو ته يار عشق ٿي ويو آهي سندر چهري سان!  ان جي يادن ۾ سگريٽ پيئندو آهيان  ۔  اونداهي رات جو پنهنجي روم جي دوستن کي ڇڌي، هاسٽل جي ڇت تي سگريٽ ۽ موبائل کي ساڻ کڻي ويندو آهي. سگريٽ دکائي آسمان جي تارن ڏي نهاري محبوب جي حسن جي تعريف ڪندي پنهنجي سوچن جو مرڪز محبوب کي بڻائيندو آهي . چنڊ ۽ ستارن کي پنهنجي درد جي دانهن ڏيندو آهي . جيڪي به سندس فرياد ناهن ٻڌندا . سگريٽ مٿان سگريٽ دکائي پنهنجو پاڻ کي سگريٽ  جيان يادن ۽ سوچن ۾ جلائيندو آهي ۔ دکيل سگريٽ سان گڏ موبائل تي غزل ۽ گيتن کي پڻ ٻڌندو آهي۔

او شٽ يار سگريٽ کپي  ويا۔۔

اچ ڪئنٽين تي سگريٽ پيئڻ هلون ۔۔

وڏا هڪڙو گولڊيف کڻي ها ۔۔۔

هاسٽل گيٽ تي وڃين ٿو منهنجي لاء 2 ڪئپٽن سگريٽ آڻجان ۔۔۔

اچ يار سگريٽ جي ٻاڙ لڳي آ سگريٽ پيون۔۔

هي سگريٽ دکائي ڏي يار

منهجو لائيٽر ڪنهن کنيون ؟

ماچيس آهي ادا ۔۔ ها هي کڻو سنگت سان سگريٽ دکائي پوء ڏئي ٿووڃان ۔۔۔۔،

 ڀر واري روم تي دروازو کڙڪائي وڃي چوڻ ادا ماچيس اٿو ۔۔۔ وري انهن کان جواب ملندن

نه يار هن ڀيري سامان جي لسٽ ۾ ماچيس لکڻ وسري ويو ۔

سنڌ ورسٽي ۾ عاشقن جو سهارو سگريٽ بڻجي ويندو  آهي .  اهو شاگرد پنهنجي شعبي جي ڪاريڊور ۾  پنهنجي محبوبه کي ڏسندي به سگريٽ ڇڪيندو آهي ، جنهن کي اهو محسوس ڪرائڻ چاهيندو آهي ته تنهنجي عشق ۾ سگريٽ جو سهارو وٺي جيئندو آهيان۔ جيڪو تو وانگر ڪڏهن بيوفائي نه ڪندو۔  ڪئنٽين تي ڪٽ  ( چانھه جي اڌ ڪوپ کي يونيورسٽي ۾ ڪٽ چيو ويندو آهي  ) ۔۔ جا چسڪا ڀرڻ کان پوءِ به سگريٽ کي دکائي پاڻ کي دوستن سان گڏ هوندي به اڪيلو محسوس ڪندو آهي ۔ عشق کان پوء  اڪيلائي ، اداسي جي دنيا ۾ رهجي ويندو آهي ۔ ها دوستن جا سهڪاري جملا ٻڌڻ کان پوء به پاڻ کي سنڀالي ناهي سگهندو ۔   عشق ۽ سگريٽ ۾ ڇا فرق آهي ۔ لڳي ٿو ته عشق ۽ سگريٽ ۾ ڪو خاص فرق ناهي ڇو جو عشق جو ڪم به جلائڻ آهي ۽ سگريٽ جو ڪم به جلائڻ آهي پر عشق جي جلن ابدي هوندي آهي ۽ سگريٽ جي جلن وقتي ۔ سگريٽ ته ڪجهه گهڙين جي لاءِ درد جو ساٿي بڻجندو آهي پر عشق ته هر پل ، هر گهڙي ۽ مرڻ مهل تائين درد ڏيندو رهندو آهي ۔

ڪي چهرا عشق جي عالم ۾ اچڻ کان پوء ڪتابن کي پڙهندا آهن ۔ انهن ڪتابن ۾ ناول، شاعري جي ڪتابن کي اهميت وڌيڪ ڏيندا آهن ۔ 

تون گولڊيف جهڙي

مان چرس جهڙو

جڏهن به ملياسين

مدهوش ٿياسين۔۔!

No comments:

Post a Comment