Thursday 12 October 2017

استاد نصرت فتح علي کي 69هين جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا Tribute to usttad nusrat fateh ali

استاد نصرت فتح علي کي 69هين جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا  
قوالي جي فن کي دنيا ۾متعارف ڪرائيندڙ عظيم قوال نصرت فتح علي خان جو اڄ 69 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
 نصرت فتح علي خان 13 آڪٽومبر 1948ع ۾ فيصل آباد جي قوال گهراڻي استاد فتح علي خان جي گهر ۾ جنم ورتو
نصرت فتح علي پهرين  پبلڪ پرفارمنس 1971ع ۾ والد محترم جي چهلم جي موقعي تي   16 سالن جي عمر  ۾ پيش ڪئي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نصرت فتح علي کي والد قوال نه پر ڊاڪٽر بڻائڻ چاهي پيو. نصرت فتح علي ڊاڪٽر ته نه بڻجي سگهيو پر ان جو شاندار آواز لکين ماڻهن جي دلين جو قرار بڻجي ويو.
قوالي جي شهنشاهه نصرت فتح علي خان جو آواز، ان جو انداز، چهري مٿان سنجيدگي جي تاثرات، موسيقي جو بهترين استعمال، لفظن جي شاندار روانگي اهي سڀ ڪجهه مداحن کي ڪنهن ٻي دنيا ۾ وٺي وڃڻ تي مجبور ڪندا آهن.
استاد نصرت فتح علي جي ”حق علي حق علي“  پهرين قوالي هئي جنهن کيس عالمي سطح تي متعارف ڪرايو .
استاد نصرت فتح علي خان دم مست قلندر مست، علي مولا علي، يه جو هلڪا هلڪا سرور هي، ميرا پيا گهر آيا، الله هو الله هو، ڪنا سوهنا تينون رب ني بنايا، آفرين آفرين ،ڪسي دا يار نا وڇڙي، محبت نهين ڪرنا، سايه بهي جب ساتهه چهوڙ جائه، تمهين دل لگي بهول جاني پڙيگي ۽ ميري زندگي جهڙا لازوال گيت ۽ قواليون پيش ڪيون.
  ليجنڊ گلوڪار نصرت فتح علي خان جي قوالين  جا 125 آڊيو البم رليز ٿيا جيڪي هڪ ورلڊ ريڪارڊ پڻ آهن
نصرت فتح علي بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ ۾ فن جو جادو جاڳائي قوالي کي مقبول بڻايو.
صوفي گلوڪار استاد نصرت فتح علي کي تمغه براءِ حسن ڪارگردگي، 1995ع ۾ يونيسڪو ميوزڪ ايوارڊ ، 1997ع ۾ گريمي ايوارڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.
صوفي گلوڪار ، امن ۽ پيار جو پيغام پهچائيندڙ  نصرت فتح علي خان 48سالن جي عمر ۾ 19 آگسٽ 1997ع تي لنڊن ۾ وفات ڪري ويو هو.
پر نصرت فتح علي خان اڄ به لکين دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.

اسڪرپٽ: اصغر ناريجو      13-10-2017 

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا
اصغر ناريجو 
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي پٽ مير مرتضيٰ جي اڄ ايڪهين ورسي ملهائي پئي وڃي.
 مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ انقلابي سوچ رکندڙ بهادر نوجوان هو ، هو آمريت خلاف کرو ڳالهائيدو ۽ کين للڪاريندو هو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
 مير مرتضيٰ شروعاتي تعليم سينٽ ميري اڪيڊمي راولپنڊي مان پرائي، ۽ ڪراچي گرامر اسڪول مان او ليول جو امتحان   پاس ڪيو.
1972ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾  گريجوئيشن ۽ آڪسفورڊ مان ادب ۾ ماسٽرس ڪئي
5 جولائي 1977 تي  ضياالحق سندس والد چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو.تنهن وقت مير مرتضي ڀٽو المرتضي ٰ هائوس لاڙڪاڻي هليو ويو.
16 سيپٽمبر 1977 تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي فوج المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪيو ته هن ٻنهي ڀائرن کي پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جنهن بعد هو والد خلاف ٻڌايل سزا تي عالمي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.
پر 4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو پنهنجي والد جي جنازي نماز ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيا..
سنڌ جي ارڏي پٽ  مير مرتضيٰ ڀٽو  انقلابي جدوجهد ضيا جي آمريتي دور ۾ شروع ڪئي ۽ 16 سال جلاوطن به رهيو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو پهرين شادي 11 آڪٽومبر 1980ع ۾ افغان عورت فوزيا سان ڪئي ، جنهن کي هن شاهنواز ڀٽو جي  فرانس ۾ موت بعد کيس طلاق ڏني . جنهن مان کيس هڪ نياڻي فاطمه ڀٽو ٿي.
ٻي شادي لبناني عورت غنويٰ  ڀٽو سان ڪيائين ، جنهن مان کيس  هڪ پٽ ذوالفقار جونيئر  ٿيو
پنهنجي ڀيڻ بينظير جي حڪومتي دور ۾ مير مرتضي ڀٽو 16 سال جلاوطني ڪاٽڻ بعد 3 نومبر 1993ع تي  ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، جتي هزارين همدردن  سندس شاندار استقبال ڪيو ۽کيس ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي گرفتار ڪيو ويو.
5 جون 1994ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
 مير مرتضيٰ پ پ شهيد ڀٽو نالي سياسي تنظيم ٺاهي پنهنجي ڀيڻ بينظير کان الڳ سياست جي شروعات ڪئي.
محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي پر ان اليڪشن دوران هن محترمه سان نطرياتي  اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي.
اها 20 سيپٽمبر 1996ع جي بدنصيب رات هئي جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو يوسف ڳوٺ، سرجاڻِي ٽائون مان گڏجاڻي بعد پنهنجي ساٿين سان گڏ واپس پنهنجي گهر اچي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو اٺ وڳي ٽيهن منٽن ڌاري کيس پوليس وارن روڪيو، ان وقت اسٽريٽ لائيٽون به بند ڪيون ويون ۽ اچانڪ پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي 6 ساٿين عاشق جتوئي، يار محمد بلوچ، سجاد حيدر، وجاهت حسين، ستار راڄپر ۽ رحيم بروهي سميت شهيد ٿي ويو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو 45 منٽن تائين زخمي حالت ۾ بي يارو مددگار تڙپندو رهيو، جڏهن سندس خون گهڻو وهي چڪو هو ته هن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو۽ 42  سالن جي عمر شهادت جو جام پيتو.
 مير مرتضيٰ ڀٽوکي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ والد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ننڍي ڀاءُ شاهنواز ڀٽوجي ڀر ۾ هزارين محبت ڪندڙن جي آلين اکين سان دفنايو ويو.
اهڙي طرح شهيد ذوالفقار جي عدالتي قتل ۽ شاهنواز ڀٽي جي سازشي موت بعد هڪ ٻئي ڀٽي کي دردناڪ انجام سان قتل ڪيو ويو.
انقلابي اڳواڻ جو قتل ڪيس عدالتن ۾ هلندو رهيو پر ڪو اهڙو فيصلو نه آيو جنهن سان انصاف جي اميد روشن ٿئي. پر ان ڪارروائي ۾ حصووٺندڙ پوليس اهلڪارن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو جن ۾ واجد دراني کي آءِ جي سنڌ ۽ شعيب سڊل کي به آءِ جي سنڌ بڻايو ويو.

تاريخ ۽ عوام جي دلين ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي انقلابي سوچ سبب زندهه رهندو.

ڪشور ڪمار جي 30هين ورسي kishore kumaar

...................منزلي اپني جگه هي راستي اپني جگا................
پنهنجي آواز ذريعي هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ ڪشور ڪمار جي اڄ 30 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
ڪشور ڪمار، اڀاس ڪمار گنگولي جي نالي سان هڪ بنگالِي گھِراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ڪمجا لال گنگولي مڌيا پرديش جي کنڊوا نالي هِڪَ ننڍي شهر ۾ رهندڙ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ۽ پيشي جو وڪيل هو.
ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمارجي قدمن تي هليو ۽ بالِي ووڊ ۾ هڪ گائڪ طور پير رکڻ لاءِ ممبئي پهتو.
ڪشور ڪمار اداڪاريءَ کي ناپسند ڪندو هو ۽ بالي ووڊ جو مُکيه گائڪ بنجڻ جِي خواهش رکندو هو. پر سندس گائڪِي يا موسيقيءَ جِي ڪا به سکيا ورتل نه هئِي.
ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمار جي واسطن سان فلمي دنيا ۾ پير ته رکي ڇڏيو، مگر ابتدا ۾ سُٺو تاثر ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، پر اداڪاري جاري رکي جنهن سبب کيس پنهنجي فلمن ۾ ڳائڻ جو موقعو ملندو رهيو.
ڪشور ڪمار پنهنجي گائڪِيءَ ۾ پنهنجو نئون مخصوص انداز پيدا ڪيو، جيڪو رفي، مڪيش ۽ سهگل کان بلڪل الڳ هو.
......................ميري سپنو ڪي راني ڪب آئيگي تو...................
ڪشور ڪمار جو آواز اڪثر ڪري راجيش کنا ۽ اميتاڀ بچن تي گهڻو ميچ ڪندو هو جنهن سبب انهن ٻنهي اداڪارن تي ڪشمور ڪمار جا گهڻا گيت فلمايا ويا.
........................منزلين اپني جگا هي راستي اپني جگا....................
 1980ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪشور ڪمار ۽ اميتاڀ بچن درميان ڪا مس انڊراسٽينڊڱ ٿي وئي. ڪشور ڪمار ڪا فلم پروڊيوس ڪري رهيو هو، جنهن ۾ اميتاڀ (جيڪو تنهن وقت باليووڊ جو تمام وڏو هيرو بڻجي چڪو هو) کي مهمان اداڪار جي حيثيت ۾ اچڻو هو.
اميتاڀ شوٽنگ لاءِ آيو، پر ڪجھه منٽ ويهي، پنهنجي سيڪريٽري کي اهو چئي هليو ويو ته ڪشور ڪمار کي ٻڌائي ته هو فلم ۾ ڪم ڪو نه ڪندو. ان ڳالهه تي ڪشور ڪمار ڪافي ناراض ٿي ويو ۽ ڪڏهن به اميتاڀ لاءِ نه ڳائڻ جو فيصلو ڪيائين.
انيل ڪپور لاءِ سندس پهرين فلم وه سات دن جا گيت ڪشور ڪمار ڳايا. هن انيل ڪپور جي پهرين سپر هٽ فلم مسٽر انڊيا جا گيت پڻ ڳايا. انهن ٻنهي فلمن جي موسيقي لڪشميڪانت پياري لال ترتيب ڏني. 1987ع ۾ هن آر ڊي برمن جي فلم ساگي لاءِ ڪي انتهائي سٺا گيت ڳايا -- ساگر جيسي آنکون والي، ساگر ڪناري دل يه پڪاري، جيڪي جاويد اختر جا لکيل هئا.
................................ساگر جيسي آنکون والي ..................
................................ ساگر ڪناري دل يه پڪاري......................
ڪشور ڪمار کي ڪيترن ئي گيتن تي کيس فلم فيئر ايوارڊ مليا جن ۾ روپ تيرا مستا، دل ايسا ڪسي ني ميرا توڙا، کئي ڪي پان بنا رس والا، هزار راهين، پگ گهنگهرو بانڌ ميرا ناچي ٿي، اگر تم نا هوتي، منزلين اپني جگه ۽ ساگر ڪناري شامل آهن.
1987ع ۾ ڪشور ڪمار بالي ووڊ تان رٽائر ڪرڻ ۽ کنڊوا نالي ڳوٺ ۾ پنهنجا اباڻا کڪ وڃي وسائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هن آڪٽوبر 1987ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
....................وه مقدر ڪا سڪندر سيڊ..........................


noor jahan نور جهان جي 91هين سالگرهه

نور جهان جي 91هين سالگرهه
مين تيري سنگ ڪيسي چلون سجنا
تو سمندر هي مين ساحلون ڪي هوا
پنهنجي آواز ذريعي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين دلين تي راڄ ڪندڙ ملڪه ترنم نورجهان جي اڄ 91 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.
نورجهان جو اصل نالو الهه رکي هو ۽ هن 21 سيپٽمبر 1926ع ۾ پنجاب جي شهر قصور جي ڪوٽ مراد محلي ۾ جنم ورتو.
نورجهان سال 1935ع ۾ چائلڊ اسٽار طور ڪلڪتي ۾ ٺهيل فلم پنڊ دي ڪڙي ۾ ڪم ڪيو، جنهن بعد ڪجهه ٻين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ سال 1938ع ۾ لاهور آئي، جتي هن گل بڪاولي فلم ۾ اهم ڪردار نڀايو.
هن کي 1941ع ۾ موسيقار غلام حيدر کيس فلم خزانچي ۾ پلي بيڪ سنگر طور متعارف ڪرايو، جڏهن ته ساڳئي سال بمبئي ۾ ٺهيل فلم خاندان ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جيڪا ڪامياب ثابت ٿي.
 ان ئي فلم جي شوٽنگ دوران نورجهان ۽ هدايتڪار شوڪت رضوي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿيا، جنهن بعد ٻنهي شادي پڻ ڪئي.
سال 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد نورجهان پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فلم توڙي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڪم جاري رکيو.
نورجهان اٽڪل هڪ هزار فلمن لاءِ گيت رڪارڊ ڪرايا، جن مان ڪيترائي گانا اڄ به سندس مداحن کي ياد آهن.
سندس مشهور فلمن ۾ دوست، لال حويلي، نوڪر، انمول گهڙي، جگنو، ڪوئل، انتظار، انارڪلي ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.

ملڪه ترنم نورجهان سال 2000ع ۾ مداحن کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي، سندس آخري آرامگاهه ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي واري قبرستان ۾ آهي.

5 آڪٽومبر استادن جو عالمي ڏهاڙو World teachers day

5 آڪٽومبر استادن جو عالمي ڏهاڙو
5-10-2017

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي،

عالمي اداري يونيسيڪو 1994ع ۾ 5 آڪٽومبر کي استادن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.

هن سال استادن جو عالمي ڏهاڙو آزاديءَ ۾ تدريس استادن کي بااختيار بڻائڻ جي موضوع سان ملهايو پيو وڃي.
استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾ استادن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ سندن اهميت بيان ڪرڻ پڻ آهي.
حقيقت ۾ استاد  هڪ معياري تعليم جي پهچ تائين تمام اثرائتي ۽ طاقتور قوت آهي.
استادن کي پيشوراڻي آزادي، آزادي ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري گهرجن مان لطف اندوزڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن هو سکندڙن جي ضرورتن، حالتن ۽ اميدن تي پورو لهن.
ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ استاد جو ڪردار هر دور ۾ اهم رهيو آهي. بدقسمتي سان سنڌ سميت ملڪ ۾ استاد کي جائز مقام ناهي ملي سگهيو.
يونيسڪو پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي  ته دنيا ۾ وڌنڌڙ بحران، تڪرار ۽ نااميدي ،اڀرندڙ تعصب ۽ تفاوت سمجهڻ سان گڏوگڏ بجيٽ ۾ پابندي جهڙا ٻيا عنصراستادن جي آزادي ۽ بااختيار بڻائڻ کي متاثر ڪري رهيا آهن.
يو آئي ايس اداري  موجب دنيا ۾ اعليٰ تربيت يافته استادن جي کوٽ آهي
يونيسڪو جي هڪ بيان موجب ته سال 2030 تائين عالمي پرائمري ۽ ثانوي تعليم جو مقصد ماڻڻ لاءِ هڪ اندازي موجب ملڪن  کي 69 ملين پرائمري ۽ ثانوي استادن جي ڀرتي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ سرڪار کي به گهرجي ته استادن جا جائزا مسئلا حل ڪري سندن عظمت کي مان بخشيو وڃي.

استاد به پنهنجي حقن جي جدوجهد سان گڏ ذميواري نڀائڻ لاءِ به جدوجهد ڪن .  قوم جو مستقبل سنوارڻ ۾ استادن جو اهم ڪردار هوندو آهي ان لاءِ سنڌ جا استاد به سنڌ جي تعليم سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. .