Thursday 12 October 2017

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا
اصغر ناريجو 
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي پٽ مير مرتضيٰ جي اڄ ايڪهين ورسي ملهائي پئي وڃي.
 مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ انقلابي سوچ رکندڙ بهادر نوجوان هو ، هو آمريت خلاف کرو ڳالهائيدو ۽ کين للڪاريندو هو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
 مير مرتضيٰ شروعاتي تعليم سينٽ ميري اڪيڊمي راولپنڊي مان پرائي، ۽ ڪراچي گرامر اسڪول مان او ليول جو امتحان   پاس ڪيو.
1972ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾  گريجوئيشن ۽ آڪسفورڊ مان ادب ۾ ماسٽرس ڪئي
5 جولائي 1977 تي  ضياالحق سندس والد چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو.تنهن وقت مير مرتضي ڀٽو المرتضي ٰ هائوس لاڙڪاڻي هليو ويو.
16 سيپٽمبر 1977 تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي فوج المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪيو ته هن ٻنهي ڀائرن کي پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جنهن بعد هو والد خلاف ٻڌايل سزا تي عالمي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.
پر 4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو پنهنجي والد جي جنازي نماز ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيا..
سنڌ جي ارڏي پٽ  مير مرتضيٰ ڀٽو  انقلابي جدوجهد ضيا جي آمريتي دور ۾ شروع ڪئي ۽ 16 سال جلاوطن به رهيو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو پهرين شادي 11 آڪٽومبر 1980ع ۾ افغان عورت فوزيا سان ڪئي ، جنهن کي هن شاهنواز ڀٽو جي  فرانس ۾ موت بعد کيس طلاق ڏني . جنهن مان کيس هڪ نياڻي فاطمه ڀٽو ٿي.
ٻي شادي لبناني عورت غنويٰ  ڀٽو سان ڪيائين ، جنهن مان کيس  هڪ پٽ ذوالفقار جونيئر  ٿيو
پنهنجي ڀيڻ بينظير جي حڪومتي دور ۾ مير مرتضي ڀٽو 16 سال جلاوطني ڪاٽڻ بعد 3 نومبر 1993ع تي  ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، جتي هزارين همدردن  سندس شاندار استقبال ڪيو ۽کيس ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي گرفتار ڪيو ويو.
5 جون 1994ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
 مير مرتضيٰ پ پ شهيد ڀٽو نالي سياسي تنظيم ٺاهي پنهنجي ڀيڻ بينظير کان الڳ سياست جي شروعات ڪئي.
محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي پر ان اليڪشن دوران هن محترمه سان نطرياتي  اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي.
اها 20 سيپٽمبر 1996ع جي بدنصيب رات هئي جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو يوسف ڳوٺ، سرجاڻِي ٽائون مان گڏجاڻي بعد پنهنجي ساٿين سان گڏ واپس پنهنجي گهر اچي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو اٺ وڳي ٽيهن منٽن ڌاري کيس پوليس وارن روڪيو، ان وقت اسٽريٽ لائيٽون به بند ڪيون ويون ۽ اچانڪ پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي 6 ساٿين عاشق جتوئي، يار محمد بلوچ، سجاد حيدر، وجاهت حسين، ستار راڄپر ۽ رحيم بروهي سميت شهيد ٿي ويو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو 45 منٽن تائين زخمي حالت ۾ بي يارو مددگار تڙپندو رهيو، جڏهن سندس خون گهڻو وهي چڪو هو ته هن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو۽ 42  سالن جي عمر شهادت جو جام پيتو.
 مير مرتضيٰ ڀٽوکي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ والد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ننڍي ڀاءُ شاهنواز ڀٽوجي ڀر ۾ هزارين محبت ڪندڙن جي آلين اکين سان دفنايو ويو.
اهڙي طرح شهيد ذوالفقار جي عدالتي قتل ۽ شاهنواز ڀٽي جي سازشي موت بعد هڪ ٻئي ڀٽي کي دردناڪ انجام سان قتل ڪيو ويو.
انقلابي اڳواڻ جو قتل ڪيس عدالتن ۾ هلندو رهيو پر ڪو اهڙو فيصلو نه آيو جنهن سان انصاف جي اميد روشن ٿئي. پر ان ڪارروائي ۾ حصووٺندڙ پوليس اهلڪارن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو جن ۾ واجد دراني کي آءِ جي سنڌ ۽ شعيب سڊل کي به آءِ جي سنڌ بڻايو ويو.

تاريخ ۽ عوام جي دلين ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي انقلابي سوچ سبب زندهه رهندو.

No comments:

Post a Comment