Sunday 25 February 2018

سنڌ کان وڇڙي ويل صادق فقير

 سنڌ کان وڇڙي ويل صادق فقير

#اصغرناريجو
توکان  ٿيندي ڌار گيت ڳائي بي پناهه شهرت ماڻيندڙ سنڌ جي البيلي راڳي صادق فقير کي وڇڙي ٽي سال مڪمل ٿي ويا.
سنڌ جي سرموڙ راڳي صادق فقير 20 مارچ 1964ع  تي ٿر ۾ فيَض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو.
صادق فقير راڳ جي سکيا پنهنجي مامي راڳي فقير بخش کان ورتي.
صادق فقير پهريون ڀيرو ڪاليج جي هڪ تقريب ۾ گيت ڳائي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.
صادق فقير ٿر جي درد، ٿر جي فطري سونهن کي پنهنجي سريلي آوزا ۾ ڳائي ٿر کي امر ڪيو.
منهنجي ٿر جو حال جي پڇندي ته روئي پوندين.....
صادق فقير درد، وڇوڙي، پيار جا گيت آلاپيندو هو .
هن کي 1990 ع واري ڏهاڪي ۾ اياز گل جو ڪلام توکان ٿيندي ڌار،  کلندي کلندي يار ،لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري ، ڳائڻ ڪري کيس شهرت ملي.
توکان ٿيندي ڌار........ ڪلام
صادق فقير 1992ع ۾ شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ ٽن پٽن جو اولاد آهي.
ٿر جي اربيلي راڳي  هڪ هزار کان وڌيڪ گيت ڳايا، جڏهن ته سندس مادري زبان مارواڙي هئي، پر هن سنڌي، اردو، سرائڪي، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽  ٻين ٻولين ۾ ڳايو.
ٿر جي امر راڳي صادق فقير، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، شيخ اياز ، حافظ نظاماڻي سميت ٻين سنڌي شاعرن سان گڏ اردو ۾ فيض احمد فيض ، غالب ، فراز کي کي به ڳايو.
سندس مشهور ڪلامن ۾ سخي پيا کي ملين، اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا، سنڌ جاڳي پئي، ڇڱو ڀٽائي آئون موڪليان ٿو، جواني نه رهندي هي حياتي نه رهندي، سنڌ منهجي امان سميت ٻيا ڪيترائي انمول گيت شامل آهن، جن کي سندس چاهيندڙ وڏي چاهت سان اڄ به ٻڌن ٿا.
سنڌ جي ٻيجل صادق فقير ڀارت، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
ياد رهي ته صادق فقير ٽي سال اڳ 26 فيبروي 2015 تي سعودي عرب عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ گهرڀاتين سان گڏجي و يو هو جتي روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشهه لاءِ وڇڙي ويو.
سندس آخري آرامگاهه  مٺي جي اباڻي قبرستان ۾ آهي.

No comments:

Post a Comment