Tuesday 26 December 2017

محترمه بينظير ڀٽوجي عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد

محترمه بينظير ڀٽوجي عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد
اصغر ناريجو 27 ڊسمبر 2017 
سنڌ جي راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 10هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
 بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي، جنهن والد جي ڇڏيل مشن تي هلندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. 
محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ،قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ عوا م جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ سان گڏ هن عورتن جي مسئلن جي خاتمي لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي.
محترمه بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988ع تي  35 سالن جي عمر ۾ ، مسلم دنيا ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي.
ضياءِ جي دور ۾ عورتن جا حق محدود ڪرڻ لاءِ بنياد پرست قانون قائم ڪيا ويا ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪا نئين قانون سازي نه ڪئي وئي.
محترمه بينظير ڀٽو چونڊ مهم دوران عورتن لاءِ تضاد وارا قانون جهڙوڪ هدود ۽ زنا کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جيڪي  پاڪستان ۾ عورتن جي حقن کي گهٽائن ٿا.
بينظير ڀٽو قاهره ۾ڪوٺايل آبادي ۽ ترقي  جي عالمي ڪانفرنس ۾ حمل ڪيرائڻ جي خلاف ڳالهايو، جتي هن اولهه جي ملڪن تي الزام لڳايو ته هو حمل ڪيرائڻ، زنا  سميت مذهب ۽ معاشري جي سطح تي اهڙن مسئلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن. جنهن ۾ سڀني جي پنهنجي سماجي اخلاقيات شامل آهي. پر بينظير ڀٽو کي وڏين تنظيمين سهڪار نه ڪيو.
محترمه بينطير ڀٽو، پاڪستان ۾  1989ع ۾ فرسٽ وويمن بئنڪ جو بنياد وڌو
محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي قدامت پرست معاشري ۾ پهريون ڀيرو 25 جنوري 1994ع ۾ عورت پوليس اسٽيشن قائم ڪيون.
محترمه بينظير ڀٽو 1996ع ۾ جڙيل  عالمي عورت اڳواڻن جي ڪونسل جي باني ميمبر  بڻي.

بينظير ڀٽو ملڪ ۾ هڪ سينيئر سول سروس عورت جي سربراهي ۾ عورت ججن ۽ عورتن جي ڊويزن کي مقرر ڪيو.

No comments:

Post a Comment