Monday 25 December 2017

خوبصورت احساسن جي خالق شاعره پروين شاڪر کي 23هين ورسي تي ڀيٽا

خوبصورت احساسن جي خالق شاعره پروين شاڪر کي 23هين ورسي تي ڀيٽا
اصغر ناريجو
چلنے کا حوصلہ نہیں رکنا محال کر دیا
عشق کے اس سفر نے تو مجھ کو نڈھال کر دیا
خوبصورت احساسن جي خالق شاعره طور  سڃاتي ويندڙ پروين شاڪر جي اڄ23 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
ناليواري شاعره پروين شاڪر 24 نومبر 1952 تي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
هن شروعاتي تعليم ڪراچيءَ مان ئي حاصل ڪئي. پروين شاڪر 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي انگريزي شعبي مان ايم اي جي ڊگري، هارورڊ يونيورسٽي مان ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي.
پيار، رومانس ۽ حساس جذبن جي ترجمان شاعره پروين شاڪر جي شاعري جو پهريون مجموعو  خوشبو 1976ع ۾ شايع ٿيو. پروين شاڪر کي خوشبو جي نالي سان شايع ٿيل شاعري مجموعي شهريت جي بلندين تي پهچايو . ان وقت سندس عمر 24 سال هئي.
پروين شاڪر ياد جي اظهار کي پنهنجي شاعري ۾ هن ريت بيان ڪيو
یاد تو ہوں گی وہ باتیں تجھے اب بھی لیکن 
شیلف میں رکھی ہوئی بند کتابوں کی طرح
سندس خوبصورت شاعري جي مجموعن ۾ 1980ع ۾ صد برگ، 1990ع ۾ خودڪلامي، 1994ع ۾ ماهه تمام، انڪار ۽ ڪف آئينا ناياب  رهيا.
پروين شاڪر جي شاعري ۾ انڪار ۽ بغاوت به نظر اچي ٿي، هن پنهنجي شاعري ۾ عورت جي جذبن کي  درد جي روپ ۾ اظهاريو.
پروين شاڪر جي شاعري عورت جي عشق جي درد جو بيان  آهي.
جس طرح خواب میرے ہوگئے ریزہ ریزہ
اس طرح سے نہ کبھی ٹوٹ کر بکھرے کوئی
پروين شاڪر جي ادبي مڃتا ۾ کيس آدم جي ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان کيس پرائيڊ آف پرفامنس جي ايوارڊ سان نوازيو.
پروين شاڪر لفظن  ۽  جذبن  کي انوکي نموني ۾ سموئي  لفظن  ۾ خواهش ۽ انڪار جو روپ ڏنو.
پروين شاڪر هڪ  انٽريو ۾ چيو هو ته محبت جو فلسفو سندس شاعري جو بنياد آهي۽  هوءَ ان جي حوالي سان انسان، خدا ۽ ڪائنات کي ڏسي ۽ سمجهي ٿي.
اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعره  پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994ع تي 42 سالن جي عمر ۾ اسلام آباد ۾ ٽرئفڪ حادثي ۾ وڇڙي وئي.
محبت ۽ خوشبوئن جي شاعره پروين شاڪر کي مداحن کان وڇڙي 2 ڏهاڪا گذري ويا آهن پر سندسن شاعري اڄ به خوشبو جيان پکڙجندي رهي ٿي.
مر بھی جاؤں تو کہاں، لوگ بھلا ہی دیں گے
لفظ میرے، مرے ہونے کی گواہی دیں گے






No comments:

Post a Comment