Sunday 24 December 2017

15 آڪٽومب ...رٻھراڙي جي عورتن جو عالمي ڏهاڙو 15 October international rural women day

ٻھراڙي جي عورتن جو عالمي ڏهاڙو 
اصغر ناريجو 
هر سال 15 آڪٽومبر کي عالمي سطح تي ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي ۔ جنهن جو مقصد ٻهراڙي جي عورتن کي مان ڏيڻ آهي ۔  
 اڄ سنڌ سميت دنيا ۾  ٻھراڙي جي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۔ 
سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رهندڙ عورتون گهر جي ڪم ڪار سميت زمين جو ڪم به مردن سان گڏجي ڪنديون آهن ۔ 
ٻهراڙي جون عورتون همٿ ۽ حوصلي سان اڀرندڙ سج کان وٺي شام تائين پنهجي ڪمن ۾ رڌل رهنديون آهن ۔ 
اهي ٻهراڙي جون سگهڙ عورتون گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ گهر کي اهڙي نموني سينگارينديون آهن جو ڏسندڙ حيرت سان سندن محنت کي ڏسي داد ڏيڻ تي مجبورٿي پوندو آهي ۔ 
ٻهراڙي جون عورتون هٿ جي هنر ۾ به ڪمال جي مهارت رکنديون آهن، جيڪي وانڌڪائي جي وقت کي عيب سمجهنديون آهن ۔ 
اهي عورتون گهر جو ڪم ڪار پورو ڪري رليون سبڻ ۽ ٺاھڻ ، ڀرت ڀرڻ ، ڪڻڪ جي تيلين مان پينڍيون ٺاھڻ ، ونجڻا ٺاھڻ ، تڏا توريون ٺاھڻ ، سلائي ڪرڻ سميت ٻيو هٿ جو هنر ڪري گهر جي آمدني ۾ به اضافو ڪنديون آهن ۔ 
هن دور ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين جون عورتون ڪچن ڪوٽن ۽ گهرن کي مٽي به هڻنديون آهن ۔  
ٻهراڙي جون عورتون فصل جي پوکائي کان ويندي لڻائي تائين مردن سان گڏجي گرمي توڙي سردي ۾ ڪم ڪنديون آهن ۔ 
ٻهراڙي جون عورتون گهريلو مال جي سنڀالي ڪنديون آهن ۔ جنهن ۾ ڍورن جي ٻڌي ڇوڙي سميت پوکن مان گاهه ڪري مال جي پالنا پڻ ڪن ٿيون ۔ 
پر افسوس سان سنڌ ۾ عورتون پدراڻي سماج جي ڏاڍ ۾ پيڙهبيون رهن ٿيون ۔ جن سان هر آئي ڏينهن ظلم جون خبرون ميڊيا ذريعي ٻڌون ٿا ۔ 
ضرورت ان ڳالهه جي آهي معاشري ۾ عورت کي عزت، عظمت ۽ تحفظ ڏئي مان بخشيو وڃي ۔

No comments:

Post a Comment