Tuesday 26 December 2017

سنڌ جي سرموڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي سنڌ کان وڇڙي 21 سال گذري ويا پر سندس آواز کي اڄ به هزارين دليون وڏي چاهه سان ٻڌن ٿيون. سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڳايو اهو ئي سبب آهي جو سرمد سنڌي اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌو وڃي ٿو.

سنڌ جي قومي  آواز سرمد سنڌي کي 21هين ورسي تي ڀيٽا
اصغر ناريجو 27 ڊسمبر 2017
اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو ......
سنڌ جي سرموڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي سنڌ کان وڇڙي 21 سال گذري ويا پر سندس آواز کي اڄ به هزارين دليون وڏي چاهه سان ٻڌن ٿيون.
سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڳايو اهو ئي سبب آهي جو سرمد سنڌي اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌو وڃي ٿو.
هو سنڌ جي درد جي ترجمان ڪندڙ آواز هو ....اي قوم توکي ڇا ٻڌايا ن مان  قصا .....
سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌي 7 جولائي 1961ع ۾  خيرپور ضلعي جي شهر پريالو ۾ محمد حيات مغل جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو عبدالرحمان هو جيڪو بعد ۾ قومي گيت ڳائڻ ڪري سرمد سنڌي جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين جي تعليم پريالوءَ مان ئي پرائي، جنهن بعد هن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي .
سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات 14 سالن جي عمر ۾ ڪئي ۽ هو جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ پڙهندو هو ته اتي ڪاليج ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ قومي گيت جهونگاريندو  هو.
سرمد سنڌي ڪي ڊي اي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ اتان ئي راڳ جي باقائدي شروعات ڪيائين. سرڪاري نوڪري هوندي سرمد سر ۽ سنگيت سان آخر تائين ناتو نڀايو.
سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ ئي تمام گهڻو مشهور ٿي.
سرمد سنڌي جي گيتن کي قومي تحريڪ کان وٺي هر طبقي جوماڻهو پسند ڪندوآهي، اهو ئي سبب آهي جو سرمد جي من کي موهيندڙ آواز کي اڄ به سنڌ جي واهڻ وستي، ڪندڪڙچ ۾ وڏي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو.
سرمد سنڌي جي گيتن م ديس جي دانهن به هئي ته ديس واسين کي سجاڳ ٿي متحد محاذ جوڙڻ جي راهه به ڏسيل هئي، ...... او انقلاب ساٿيو انقلاب ساٿيو .....
سندس مشهور گيتن ۾  وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو، اي چنڊ پرين کان آءُ پڇي ڇا توکي به ننڊ ايندي آ،  اسان هجون نه هجون شل اوهان کي ياد هجون،منهنجي دلي ٿي چوي پيار هرڪو ڪري،  دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورو وسين هان ته ڇا ٿئي هان، ڇا ٻڌيان مان حال دردن ڀريو بيان آ، سر سنڌ تان قربان آ سر ديس تان قربان آ،سميت ٻيا ڪيترائي گيت اڄ به عوام ۾ بيحد مقبول آهن.
سرمد سنڌيءَ ڌرتي جي دنگن ،ننگن ، خوبصورتين، انقلاب ۽ سماج جي ناانصافين تي جڙيل گيت جهونگارڻ سبب وڏي شهريت ماڻي
سرمد سنڌيءَ پنهنجي سريلي آواز ذريعي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ دردوند دلين جي ترجماني پڻ ڪئي.
سرمد سنڌي ڦوهه جواني ۾ 35 سالن جي عمر م 27 ڊمسر 1996ع تي بدين ويجهو بدنصيب روڊ حادثي ۾ هميشهه لاءِ سنڌ کان وڇڙي ويو
انقلابي، ۽ ڏکوئيل دلين جي آواز سرمد سنڌي جي ڳايل گيتن جي گونج 2 ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود به اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي .
منهنجي مئي ڱانپوءِ منهنجي ٻچڙن جي سار لهجو .....


No comments:

Post a Comment