Sunday 24 December 2017

قائد اعظم جو 141هون جنم ڏهاڙو

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو اڄ 141 هون جنم ڏهاڙو  پوري ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
برصغير جي مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد وطن ڏيڻ وارو ۽ اقبال جي خيالن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻ واري ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي.
25 ڊسمبر 1876ع ۾ ڪراچي ۾ جناح پونجا خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد علي جناح مسلمانن جي قيادت ڪندي گڏيل هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ رياست پاڪستان جو وجود آندو.
هن ابتدائي تعليم جي شروعات 1882ع ۾ ڪراچي ۾ ڪئي. قائد اعظم 1893ع  ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلستان روانو ٿيو، جتان هن 1896ع ۾ بيرسٽري جو امتحان پاس ڪيو .
قائد اعظم پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪانگريس ۾ شموليت سان ڪئي.
، پر ڪجھه عرصي بعد هن کي احساس ٿيو تھ ڪانگريس صرف هندن جي اڳواڻن جي جماعت آهي جتي مسلمانن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو آهي.
1913 ۾ هن مسلمانن جي هڪ اڳواڻ جماعت آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اتان کان ئي الڳ وطن جي باقاعدا تحريڪ جو آغاز ڪيو.
قائد اعظم محمد علي جناح 1913ع کان وٺي پاڪستان جي آزادي 14 آگسٽ 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو.
محمد علي جناح 1918ع ۾ امير پارسي گهراڻي جي  مريم جناح سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي دينا واڊيا 15 آگسٽ 1919ع تي ڄائي.
قائد اعظم 1929ع ۾ موتي لعل نهرو کي نهرو رپورٽ جي جواب ۾ پنهنجا مشهور 14 نقطا پيش ڪيا. جن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي مسئلن جو حل تجويز ڪيو ويو.
جنهن بعد هن لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنسن ۾ هندستان جي مسلمانن جي نمائندگي ڪئي . پر ڪجهه عرصي لاءِ سياست تان دل کٽي ٿيڻ ڪري انگلستان ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
پر جڏهن هندستان جي مسلمانن کيس قيادت لاءِ آواز ڏنو ته هن وطن واپس اچي جدوجهد ڪئي.
1940ع ۾ قائد اعظم جي صدارت ۾لاهور ۾ تاريخي پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ويو.  
آخرڪار ان جي جھدوجھد رنگ لاٿو ۽ 14 آگسٽ 1947ع ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين مسلم رياست پاڪستان جو اضافو ٿيو.
قائد اعّظم پاڪستان جي وجود کان وفات تائين ملڪ جو پهريون گورنر جنرل رهيو ۽ پاڪستان  11 سيپٽمبر 1948ع تي عظيم اڳواڻ جي قيادت کان هميشهه لاءِ محروم ٿي ويو.


No comments:

Post a Comment