Saturday 8 April 2017

Failed to protect children in the world.

http://dailyjeejal.com/e-paper/2017-3-28/news/page4/1%20(2).htm

ٻارن  کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام دنيا 
اصغر ناريجو
بدقسمتيءَ سان دنيا جا سمورا ملڪ ۽ سندن اڳواڻ گلاب جي گلن جهڙن معصوم ٻارن کي ملڪ ۾تحفظ ڏيڻ ۾ناڪام ٿي ويا آهن. دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي ٻارن کي مڪمل طور تحفظ هجي. دنيا جي 41 ملڪن ٻارن تي تشدد جي خاتمي واري سلسلي ۾ واِضع پابنديون ته لڳايون آهن، پر انهن ملڪن ۾ به ٻارن تي تشدد جي واقعن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ناهي آئي.امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ جي نالي به انسانيت سان کيڏيو وڃي ٿو. دنيا جي ملڪن ۾ جاري مڙهيل گهرو ويڙه، نسل پرستي، فرقي پرستي جي بنياد تي حملا، معدني وسيلن جي ڦرلث لاءِ اپنايل طريقن، طالبانن، ۽ داعش جي حملن سبب انسانيت جي نسل ڪشي جاري آهي.انهن ملڪن ۾ مردن، عورتن سان گڏ ٻارن کي به موت جي ابدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو. جن ۾هٿياربند توڙي قابض فورسز قهري ڪارروائيون ڪري جيءُ جهوريندڙ واقعن کي جنم ڏين ٿيون. ڊرون حملن، راڪيٽ ۽ فضائي حملن ۾ دهشتگردن کي ته نشانو بڻايو ويندو آهي پر انهن حملن ۾ عام شهري آبادي جي فردن کي به موت ڏي ڌڪيو وڃڻ جون به رپورٽون ٿينديون رهيون آهن. هڪ ماحولياتي گدلاڻ ۽ ٻيو بارود سبب به معصوم ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا. انهن ٻارن جي عمر ته جهولن ۾ ويهي لڏڻ، امڙ جي هنج ۾ ننڊ ڪرڻ، گهر جي اڱڻ ۾ کيڏڻ ، گهٽين ۾ همعصرن سان مٽي جا رانديڪا ٺاهي کيڏڻ جي هوندي آهي، اسڪول ۾ وڃڻ جي هوندي آهي پر انهي معصوم وجود کي موت جي منهن سمهاريو وڃي ٿو. دنيا جي ملڪن ۾ ٻارن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهن بابت ڏيهي توڙي پرڏيهي ملڪن جي تنظيمن جون رپورٽون هڪ درد ڀري ڪهاڻي بيان ڪن ٿيون.
پاڪستان ۾ به ٻارن جون حياتيون محفوظ ناهن، هلندڙ مهيني جي 3 مارچ تي خوراڪ بابت ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري پاڪستان جي منصوبابندي ۽ ترقي جي وزارت پاران گڏيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ساليانو هڪ لک 77 هزار کان وڌيڪ ٻار 5 سالن جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ئي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.جنهن جو سبب مائرون غذائي کوٽ جو شڪارهجڻ آهي. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ڪروئل نمبرز جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ روزانو 11 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ادارو چوي ٿو ته 2016ع ۾ٻارن سان جنسي زيادتي سميت اغوا، گمشدگي ۽ جبري شادين جا 4139 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، اهو تعداد 2015ع جي مقابلي ۾ 10 سيڪڙو اضافي آهي. 2013ع ۾ مددگار نيشنل هيلپ لائين جي جاري ڪيل رپورٽ موجب سال جي پهرين 8 مهينن ۾ ٻارڙن سان مختلف ڏوهن جا 2033 واقعا رپورٽ ٿيا. انهن 8 مهينن ۾ 294 ٻار قتل، 293 ٻار اغوا ٿيا، 97 ٻارن کي کپايو ويو۽ 1155 ٻارن جي گمشدگي جا ڪيس داخل ٿيا. 234 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا.  ان کان علاوه پاڪستان ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي ۽ لاهور پارڪ سانحي سميت هزارين ٻار بم ڌماڪن، تشدد جي واقعن ۾ مارجي ويا آهن. ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب به گذريل ٻن ٽن سالن کان مرندڙ معصوم ٻارن جا واقعا به رپورٽ ٿيندا رهن ٿا.
تازو گڏيل قومن جي اداري يونيسف پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي آهي، ان رپورٽ موجب گذريل سال شام ۾ گهٽ ۾ گهٽ 652 ٻار اجل جو شڪار بڻيا،252 ٻار اسڪول يا اسڪول جي ويجهو ماريا ويا. اهو انگ 2015ع ۾ مارجي ويل ٻارن کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. يونيسيف جي رپورٽ موجب گذريل سال 850 ٻارن کي وڙهڻ لاءِ ڀرٿي ڪيو ويو( جڏهن ته گذريل سال ڏکڻ سوڍان ۾ 12 هزار ٻارن کي جنگجوئن يا فوج ڀرٿي ڪيو هو). اهو انگ 2012ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي. افسوس شام ۾ 6 سالن کان هلندڙ گهرو ويڙهه ۾ 60 لک ٻار انساني بنياد تي ملندڙ امداد تي زندگي گذاري رهيا آهن. جن ۾ 23 لک ٻار ملڪ کان ٻاهر لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن ۽ 28 لک ٻار شام ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته شام ۾ گهرو يڙهه سبب هر ٽن اسڪولن مان هڪ اسڪول جي عمارت استعمال ڪرڻ جهڙي ناهي۽ شام ۾ 17 لک ٻار تعليم کان محروم آهن. بارود سان ڪچڙو من رکندڙ ٻارن جي موت واريون رپورٽون ته عالمي ادارا دنيا وارن جون اکيون کولڻ لاءِ منظر عام تي آڻن ٿا، پر ان جي باوجود انهن ملڪن ۾ انسانن سان جاري ظلم بند ناهي ٿي سگهيو. هلندڙ مهيني جي 2 مارچ تي انساني حقن جي عالمي تنظيم سيرين آبزويٽري رپورٽ ۾ لکيو آهي ته گذريل ڏيڍ سال دوران شام ۾ روس جي فضائي بمباري ۾ 1175 ٻار مارجي ويا . روس فضائي بمباري ۾خطرناڪ اليومينيم ۽ آئرن آڪسائيڊ جهڙن مادن سان تيار ڪيل بم استعمال ڪيا. اهي 500 ڪلو گرام وزني بم انسانن سميت هر جاندار لاءِ خطرناڪ تصور ڪيا ويندا آهن، انهن بمن سان انسان ٻن يا اڍائي منٽن ۾ مري وڃي ٿو. انسانيت جي لتاڙ ڪندڙ ملڪن آڏو انسان سندن طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بارود جو ٻارڻ بڻجي ويا آهن. 
هلندڙ مهيني جي 8 تاريخ تي عالمي صحت واري اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ سبب ساليانو 17 لک ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا! رپورٽ ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته 5 سالن جي هر چئن مان هڪ ٻار جي موت جو سبب گدلي رهائش ۽ ماحول آهي.گدلاڻ ۾ گهر جي اندر توڙي ٻاهر جي گدلاڻ سگريٽ جودونهون، گدلوپاڻي ۽ صحت ۽ صفائي جون ابتڙ سهولتون شامل آهن. جنهن سبب هڪ سال کان 5 سالن تائين جي ٻارن ۾ موت جو وڏو سبب مليريا، نمونيا وغيرهه جهڙيون بيماريون پڻ آهن.
عالمي اداري يونيسف طرفان 2014ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب دنيا ۾ هر پنجن منٽن ۾ تشدد سبب هڪ ٻار مارجي وڃي ٿو. رپورٽ ۾ اهو به لکيو ويو ته جيڪڏهن دنيا جي ملڪن جي حڪومتن ٻارن تي تشدد خلاف قدم نه کنيا ته ايندڙ 20 سالن ۾ ننڍي عمر جا 345 ٻار روزانو مري سگهن ٿا.يونيسيف موجب دنيا ۾ غربت ۾ رهندڙ ٻار وڌيڪ تشدد جو شڪار ٿيندا آهن. انساني حقن جا عالمي ادارا انساني بحران، جنگ ۽ گهرو ويڙهه وارن ملڪن توڙي علائقن ۾ جان جوکي ۾ وجهي انسانن سان ٿيندڙ ظلم بابت انگ اکر گڏ ڪري منظرعام تي آڻن ٿا. انهن علائقن ۾ماڻهن تي ٿيندڙ تشدد، ظلم،ناانصافي جي فرياد دنيا جي ملڪن آڏو رکندا رهن  ٿا، پر انهن تي عمل ناهي ٿي سگهيو. 
هلندڙ سال ٻئي مهيني جي آخري ڏينهن تي يونيسيف رپورٽ ۾ لبيا کي پناهگير ٻارن جي استحصال جو ڳڙهه قرار ڏنو،2016ع ۾ لبيا کان اٽلي ويندڙ 26 هزار ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ٻارن تي جنسي تشدد وڏي پئماني تي منظم طريقي سان چيڪ پوسٽن ۽ ڪراسنگز تي ڪيو ويو، جن ۾ اڪثر حملو ڪندڙ وردي وارا هئا. افغانستان ۾ گذريل سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ تشدد جي واقعن ۾ 388 ٻار مارجي ويا ، 1121 ٻار زخمي ٿيا هئا. جن جي قتل ۾ 60 سيڪڙو افغان مخالف عنصر ذميوار آهن جن ۾خاص ڪري داعش يا طالبان شامل آهن. يونيسيف جي هڪ رپورٽ موجب 2014ع ۾ ڏيڍ ڪروڙ ٻار هٿياربند ويڙهه ۾ متاثر ٿيا. جيڪي شديد مشڪلاتن واري زندگي گذارن ٿا پيا. يونيسف جي اندازي موجب 20 ڪروڙ لک ٻار اهڙن ملڪن يا علائقن ۾ رهن ٿا، جتي هٿياربند ويڙهه جاري آهي.جن علائقن ۾ويڙهه جاري هوندي آهي ته انهي علائقي جو عوام ان اکين ڏٺي درد کي وڌيڪ بيان ڪري سگهي ٿو. جيڪي زندگي جي عذابن کي برداشت کي حياتي گذارڻ تي مجبور آهن. جيڪي ذهني ۽ جسماني تشدد جي پيڙائن ۾ پيا ٿا پچن. جڏهن ته 2014ع ۾ اسرائيل جي 50 ڏينهن وارين ڪارروائين ۾ فلسطيني 538 ٻار موت جو کاڄ بڻيا، 3 هزارن کان وڌيڪ ٻار زخمي، ڏيڍ هزار ٻار يتيم پڻ ٿيا. تن ڏينهن ۾ 54 هزار ٻار بي گهر ٿيا. عراق ۾ جاري تشدد وارين ڪارروائين ۾ به 2 ڪروڙ 70 لک ٻار متاٿر ٿيا آهن. عراق ۾ ٻارن کي داعش تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي آهي ۽ ٻارن کي تشدد واريون ڪارروائيون ڏسڻ يا انهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ مجبور به ڪندي رهندي آهي.
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف طرفان هلندڙ سال جي ٻئي هفتي ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب يمن جنگ 2015ع جي مارچ مهيني کان اڄ ڏينهن تائين 1400 ٻارن جي حياتين کي ڳڙڪايو. يمن جنگ سبب 200 هزار اسڪول پڻ بند آهن.
11 آڪٽومبر 2016 ع تي سيو دي چلڊرين تنظيم جي جاري ڪيل رپورٽ موجب دنيا ۾ هر ستن سيڪنڊن ۾ 15 سالن کان گهٽ عمر واري هڪ نينگري جي شادي ٿي وڃي ٿي. اها ڇوڪري شادي کان پوءِ تعليم کان محروم ٿي وڃي ٿي، ان سان گڏ گهريلو استحصال، تشدد ۽ کيس تشدد جو خطرو وڌي ويندو اٿس. ڏکن سوڍان ۾هڪ سال کان هلندڙ ويڙهه ۾ ساڍا ست لک ٻار پناهگيرن جي زندگي گذارن ٿا. افغانستان، ڪانگو، صوماليا، سوڍان، يمن، شام ۽ پاڪستان ۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ گهروويڙهه سبب لکين ٻار متاثر ٿيا آهن.
يونيسيف جي هڪ رپورٽ موجب 2012ع ۾ دنيا ۾ 95 هزار ٻارن کي قتل ڪيو ويو،جڏهن ته 12 ڪروڙ ڇوڪرين کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
گڏيل قومن جي تعليم ۽ ثقافت بابت اداري يونيسڪو جي رپورٽ موجب دنيا ۾ 5 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جڏهن ته 10 ڪروڙ ٻار بنيادي پرائمري تعليم به حاصل ناهن ڪري سگهندا. اسڪول نه ويندڙ ٻارن ۾ غريب خاندان جي ڇوڪرين جو انگ وڌيڪ آهي. دنيا ٻارن جي تعليم جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. پاڪستان جي بنيادي تعليمي صورتحال بابت پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جي ٻه هفتا اڳ جي رپورٽ موجب پاڪستان جا 5 کان 16 سالن جي عمر وارا 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ٻار مستقبل ۾معاشري جو صحتمند ۽ فعال فرد تعليم جي ذريعي بڻجي سگهي ٿو.
هڪ تحقيق موجب ٻارن تي تشدد جي شروعات سندن گهر کان ئي ٿيندي آهي. هڪ اندازي موجب هڪ سال ۾هڪ ارب جي لڳ ڀڳ ٻار والدين يا سندن سارسنڀال ڪرڻ وارن جي هٿان تشدد جو نشانو بڻجن ٿا. دنيا ۾ ٻارن تي ذهني، جسماني توڙي سڀني طريقن جو تشدد ڪيو ٿو وڃي.اهو تشدد ٻارن تي اتي ٿئي ٿو، جتي کين محفوظ هجڻ گهرجي.ننڍن ٻارن تي سندن گهرن، اسڪولن ۽ ٻين هنڌن تي تشدد ٿيڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.ٻارن کي درپيش مسئلن ۾ سندن ننڍي عمر ۾ شاديون، غلامن جهڙو ڪم۽ رويو، شرمناڪ تشدد، تعليم کان محرومي سميت ملڪن ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه، صنفي تفاوت، غربت وغيرهه شامل آهن.
هڪ ماءُ ئي پنهنجي اولاد جي مارجي وڃڻ جي درد ڪهاڻي بيان ڪري سگهي ٿي، هي لکين امڙين جون اولاد کان خالي ٿيندڙجهولين جي درد ڪهاڻي ڊگهي آهي.
هر سال دنيا ۾ شرمناڪ وارداتن، ڪارروائين ۽ حملن ۾ مرندڙ لکين معصوم گلابن جي موت کي روڪڻ هڪ مونجهائيندڙ سوال آهي، جنهن لاءِ انساني حقن جون عالمي تنظيمون ئي بهتر ڪردار  ادا ڪري سگهن ٿيون . باقي دولت جو بم ۽ ائٽم جو بم رکندڙ ملڪن کان انسانيت جي ڀلائي جي اميد نٿي رکي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اها انهن ملڪن جي ئي پاور فل رهڻ لاءِ پيدا ڪيل جنگ آهي.

No comments:

Post a Comment