Tuesday 2 May 2017

Gambat City Deprived from Public Library!

پبلڪ لائبريري کان محروم گمبٽ شهر!  
  اصغر ناريجو
“نالو وڏو شهر ويران” جي چوڻي اسان جي تعليمي ادارن تي به ٺهڪي ٿي جيترا تعليمي ادارا( پرائمري کان يونيورسٽي) تائين اوترا انهن جا مسئلا  جن کي حل ڪرڻ بجاءِ  سرڪار سُستي ڪري تن کان نظرون هٽائيندي رهي آهي. هر سال سنڌ سرڪار نوان اسڪول جوڙڻ جا اعلان ته ڪندي رهي آهي پر انهن کي مڪمل بنيادي سهولتون(چوديواري، پاڻي، باٿروم، سيڪيوٽي) فراهم ناهي ڪري سگهندي ۽ سرڪار توڙي تعليم جي وزارت کان بجيٽ ۾ شهرن ۾ پبلڪ لائبريري ٺهرائڻ جا اعلان وسري ويندا آهن. تعليمي ادارا نه هجڻ، بند هجڻ توڙي انهن ادارن ۾ پبلڪ لائبريري نه هجڻ لاءِ شهري احتجاج ڪندا آهن، ته ائين ئي گمبٽ ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ، نوجوانن، ۽ سماجي ڪارڪنن “گمبٽ شهر ۾ پبلڪ لائبريري ” نه هجڻ خلاف ڪجھ ڏينهن پهريان احتجاج ڪيو هو جيڪي ٻن سالن کان انهي اهم مسئلي تي احتجاج ڪندا رهيا آهن، انهي احتجاج جي خبر اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانسواءِ انهن کي ڪا موٽ ناهي ملي سگهي.
خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ جي آبادي اندازن  ٻه لک آهي جنهن ۾ 1915ع ۾ ميرن مراد هاءِ اسڪول ٺهرايو،1979ع ۾ گمبٽ ڪاليج ٺهي،1997ع ۾ گرلس ڪاليج گمبٽ جو قيام ٿيو، ان کان علاواه ايورشائين پبلڪ اسڪول، اقرا پبلڪ اسڪول ،مشعل ماڊل ۽ ٻيا  تعليمي ادارا مشهور آهن. جن ۾ تعلقي ڪوٽڏيجي، صوڀوديرو جا شاگرد داخلا وٺي تعليم جاري رکندا آهن. افسوس سان چئجي ٿو ته هيتري آبادي رکندڙ شهر  ايڪيهين صديءَ جي جديد دور ۾ جتي دنيا اندر ڊجيٽل لائبريريز جو ڄار وڇائجي رهيو آهي ته  اتي هي تعلقو پبلڪ لائبريري کان محروم آهي. ميونسپل گمبٽ جي آفيس ۾ مشرف واري ناظمي دور ۾ “خالد شيخ” پنهنجي ناظميءَ ۾ هڪ ڪمري ٻاهران “الخالد لائبريري” جي تختي لڳائي جتي رڳو اخبارون پهچايون وينديون هيون، جن جو خرچ ٽي ايم او آفيس ڀريندي هئي. انهي ڪمري جي لائبريري ۾ شاگرد پيپرن جي موسم يا عام ڏهاڙن ۾ پڙهندا هئا.پر اها لائبريري ٽي ايم اي شهريار کرل 3 مهينن کان بند ڪرائي ڇڏي آهي. جيڪو ايم پي اي نعيم کرل جو ڀائٽيو آهي ۽ پوئين حڪومت جي دور کان تعلقي گمبٽ جو ٽي ايم او آهي. اهڙي رَوِش خلاف گمبٽ جا شاگرد ٻن سالن کان چونڊيل نمائندن، پِيرَنِ شاهن۽ شيخن (خالد شيخ، لطيف شيخ ) ڏانهن پنڌ ڪري ٿڪجي پيا آهن ته  شهر واسين کي پبلڪ لائبريري جوڙائي ڏيو، تن جا به اهي واعدا ته “ٻن مهينن اندر يا ايندڙ بجيٽ ۾” گمبٽ لاءِ لائبريري منظور ڪرائينداسين تن جا واعداوفا اڄ ڏينهن تائين ناهن ٿيا، ويتر ستم ظريفي ته ڏسو  هڪ ڪمري واري لائبريري کي ٽن مهينن کان بند ڪري ڇڏيو اٿئون، جتي ملازم اچي ٿڪ ڀڄي هليا ويندا آهن. اهي به ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته 16_2015 جي بجيٽ ۾ لائبريريءِ  لاءِ 2 ڪروڙ  رکيا ويا جڪي نمائندن جي ملي ڀڳت سان هڙپ ٿي ويا!
ٻي ڳالھ ته سينيٽر مشاهد حسين گمبٽ جي پيرن جي پلاٽ ۾ پبلڪ لائبريري جوڙائي هئي، جنهن تي پيرن “ذاتي لائبريري ” جو چئي قبضو ڄمائي ويٺا آهن، جيڪا مڪمل عمارت ڪمرن ۽ هال سان لائبريري جي لاءِ آهي تنهن کي به پيرن تالا لڳرائي ڇڏيا آهن.انهي لائبريري جي عملي کي پگهار به سرڪاري خزاني مان ملندي آهي. 5 جون تي به شهرين گمبٽ ۾ پبلڪ لائبريري نه هجڻ خلاف پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو هو،پر چونڊيل نمائندن “ڪن لاٽار”  واري روايت تي عمل پيرا آهن. گمبٽ مان ٽيون ڀيرو  چونڊيل ايم پي اي نعيم کرل ۽ 2013 جي اليڪشن ۾ جاويد شاھ کان ايم اين اي جي سيٽ کٽيندڙ ڪاظم شاھ لڪياري به انهيءَ اهم گُهر تي ڌيان ناهي ڏنو.
ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته شهر ۾ جلد لائبريري جوڙائي ڏني وڃي ۽ قبضي هيٺ آيل لائبريري کي به پبلڪ لائبريري قرار ڏنو وڃي ته جيئن نوجوان نسل، شاگرد۽  شهري پنهنجو قيمتي وقت اجاين ڪمن ڪارين ۾ وڃائڻ بدران لائبريرين کي استعمال ڪري، ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪن ۽ اُهي اڳتي هلي ملڪ جي ترقي ۽ صحتمند معاشرو جوڙڻ ۾ پنهنجواهم ڪردار ادا ڪري سگهن.
    3 جون 2016 تي  جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

No comments:

Post a Comment