Tuesday 2 May 2017

Condemns, demand and then ideal silent

مذمتون، مطالبا ۽ پوءِ مثالي ماٺار
اصغر ناريجو
اسان جي ملڪ اندر گهڻو وقت اڳ ڪجهه “نرسريون” قائم ڪيون ويون هيون، انهن نرسرين جو قيام اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هتي ڳالهه انگريزي ميڊيم اسڪولن جي “نرسري” ڪلاس جي نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها نرسري ته ڪي جي کان به پاڻ کي ڪراس نه ڪري سگهي آهي ۽ اڳتي نڪرڻ واري ڊوڙ ۾ ڪامياب نرسري نه آهي پر هڪڙي “نرسري” ٻه ٽي ڏهاڪا پهرين ڄائي هئي جنهن جهرجهنگ، جبل واهڻ وستي ۾ وائرس وانگر ڦهلجي، وڌي ويجهي جوان ٿي ۽ پوءِ پنهنجي پيرن تي پاڻ بيهي سگهڻ جهڙي ٿئي ته سڄي سموري ملڪ اندر ٻڙدڪ مچائي ڇڏيائين. جنهن گهر ۾ نپني نه تنهن در جو خيال، نه ئي ڪنهن جو به اهو خواب خيال هو ته اڳتي هلي اها ننڍين وڏين شاهي واٽن تي پِڙُ ڪڍي اسان سڀني کي اوڇنگارون ڏياريندي جيئندي جڙندي مانگر مڇ وانگر مچندي، اسان جي گهر جون ئي ڀتون اورانگهي، حدون ۽ سرحدون لتاڙي مخلوق کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجهي چيڀاٽڻ ۽ مارڻ لڳندي. هاڻ يقيني طور تي توهان سمجهي ويا هوندائو ته اسان ڪهڙي نرسري جي ڳالهه ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
انهيءَ “نرسري” ۾ ٿيندڙ پالنا جهڙي تهڙي نه هئي، رڪارڊ پالنا ٿي، جو سموري دنيا کي ڌوڏڻ واري ڊوڙ ۾ سندس نالو يهود و هنود پاران شايع ٿيندڙ رڪارڊ رکندڙ ڪتاب ۾ عالمي دهشت طور سندن نالو لکجي ويو ۽ “نمبر ون نرسري” جو تاج مٿي تي پائي بادشاھ ٿي ويٺي. انهن نرسرين جي پيداوار سلطنت لاءِ ماڪوڙن جو نه پر ماڻهن جو شڪار ڪرڻ جي تلاش ۾ هئي، جنهن پهرئين امتحان ۾ ئي دنيا جي وڏي بلاڪ جي مدد سان ٻئي وڏي بلاڪ کي ڌوڙ ڪري وڌو. تنهن کان پوءِ دنيا جي طاقت جي توازن هڪ نئين صورت اختيار ڪئي ۽ اڀري آيل واحد طاقت مٿن پنهنجي ڪرم جا سمورا دروازا کولي ڇڏيا پر ڪرم سان پالنا جي لوڏ تي جنهن جي هنج ۾ وڏي  ٿي تنهن جي به ڪڏهن لڄ نه ڪيائين. تربيت واري هوڏ تي “هنج وٺندڙ” هٿن کي ئي کائڻ لڳي. پنهنجي ئي گهرڀاتين کي ڪڻو ڪڻو ڪري چيرڻ لڳي تنهن کان پوءِ ڊزن، ٻه ڊزن پوءِ  ڪڻي جو انگ پنجاهه ۽ پوءِ هجومن تائين وڃي پهتو جتي اڻ ڳڻيا پنهنجا سندن ئي وحشتن جو شڪار ٿيندا رهيا. سندن ڪلورن وڏا وڏا واقعا ڪرڻ کان پوءِ ٻڌندڙ بيهوش ٿي پون، جيئرا جاڳندا پاڻ کڻائي اسپتالن تائين پهچي سُيون هڻائي گوريون کائي ٿڌا ساھ کڻي گهر پهچندا ۽ ڪي ويچاره ته ڪلهن تي گهر بدران خاموشين جي شهرن جا راهي ٿي ويندا هئا.
اها نرسري جيڪا اسان قائم ڪئي هئي سان سرحدون اڪري وڏي اڏار ڪري طاقتور کان طاقتور ٿي وئي. نرسري جو اهو ننڍڙو وجود جيئن ڏينهون ڏينهن ڦولارجندو ويو ته ڳالهه وڃي اتي دنگ ڪيو ته “پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب” ڇا ڪجي، پوءِ مجبور ٿي اسان به اکيون مهٽي اٿي کڙا ٿياسين جنهن کان پوءِ ڀلا ڍلا چونڊجي ويا ۽ هلڪي ڦلڪي ڪَنَ مَهِٽَ شروع ٿي.
مخلوق کي مارن پيا ته  اسان جا سياسي سورما، سرواڻ جاوا، گاوا سڀئي ڪاوڙ ۾ پِيلا ڳاڙها ٿي، اهڙا ته بيان ڪرڻ لڳا جوسماج ڪنن تي هٿ ڏئي ٻڌڻ لڳو، مرڻ لڳو. مخلوق اجتماعي پِٽڪو شروع ڪيو، ماتم ڪيو پر ڪنهن کي ڪا ڪهل  نه آئي، وحشتن واقعن، حادثن تي سرواڻن جا بيان به اخبارن ۾ فرنٽ پيج تي والار ڪري ويهي رهن. ٻن ٽن ڏهاڪن کان پنهنجين ئي نرسرين ۾ پليل جڏهن پنهنجن ئي هٿن مان نڪري ويا ته پوءِ سندن خلاف ڪاريون ڪاروايون شروع ٿيون. ڪجهه ڀڳا، ڪجھ مئا ته ڪي شهرن جو رُخ ڪري الوپ ٿي ويا يا الوپ ڪيا ويا. تن جي پڇ تي لت گهڻي ڀاڳي آئي آئون نٿو ڄاڻان پر توهان ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا. جڏهن پنهنجين نرسرين تي هٿ جي پڪڙ سخت ٿي ته نرسرين به پنهنجو رد عمل ڏيکاريندي قهري ڪاروايون جاري رکيون. لکن کي ماري،  مواڙ ٿيڻ باوجود به مخلوق کي مارڻ تان باز نه آيا.
گهڻا ئي جوان مارجي ويا پوءِ به سرواڻن جا بيان ساڳئا، تازو ٿورا ڏينهن اڳ عالمي شهرت رکندڙ مڙس ماري وڌائون. تنهن کان پوءِ ڇا ٿيو سڀ ڄاڻون ٿا پر مان ان تي نه ڳالهائيندس. پنهنجي ڳالھ ٻئي شروع ٿيل هئي پر پهتا اهڙي جاءِ تي آهيون نڪرڻ لاءِ ٿوري ٽٻي هڻڻي پوندي ته اچون ٿا ته تازي واقعي کان پوءِ ڏيهي پرڏيهي خودساخته جلاوطني اختيار ڪيل سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن مذمتن ۽ الزامن جي بيانن جي اهڙي ته ڀرمار ڪئي جو اليڪٽرانڪ نشريات وارا ادارا ئي پريشان ٿي وڃن ته اول ڪهڙي خبر بريڪ ڪيون!؟ پريس ڪانفرنسز جون اڍنگيون قطاورون لڳي وينديون آهن، ائين لڳندو آهي ڄڻ بينظير انڪم سپورٽ جا پيسا ڪڍرائڻ لاءِ اي ٽي ايم مشينن ٻاهران پنهنجي واري جي انتظار ڪندڙ قطارن ۾ بيٺل آهن. اهي سائين وارا ميڊيا جا مائيڪ آڏو الائي ڪهڙا ڪهڙا لفظ واچوڙي جي واڪي جيان اڏائيندا آهن، ساڳين لفظن کي مڱن وانگي ڏَري ڏري لفظن کي ٿڪائي وجهندا آهن. مقصد موقعي تي ڳالهائڻ بدران وڏيون هامون هڙندا آهن.
ڪي وري چوندا آهن ته اسان ته سندن چيلهون چٻيون ڪري ڇڏيون آهن. پوءِ ڇا ٿيندو آهي جو چٻي چيلھ وارا ريڙيون پائي ڍڍڙن تي هلي ڪاروايون ڪري رهيا آهن تن تي نظر ڪنهن جي نٿي پوي؟ اهي ڪٿي ٿا پلجن، انهن جا سهولتڪار ڪير آهن، ڪردن ۾ ڄاوا ۽ حملن ۾ سنڌ ۾ مارجي ويا اهي ڪهڙيءَ ريت ڪهڙا بارڊ اورانگهي هتي آيا، اُڀَ اڇليا ڌرتي جهليا، اهي جاوا، ڄاوا سمنڊ پار، پليا نپنيا بارڊر پار، حملا وري ٽئين هنڌ.
“ساڳئا لاٽون ساڳئا چگھ” واري ٽِڪ تي عمل پيرا بيان بُسُتان ساڳيا، ائين لڳندو آهي قديم روايت  ڪلهن تي کنيون ٿا اچن. جڏهن بار ٿڪائي ساڻو ڪندن ته وري ٿڌي ڇانو ۾ ويهي رهندا، سڀني کان سڀ ڪجھ وسري ويندو جيئن پرائمري ۾ مون جهڙن ٻارن کان سبق وسري ويندوهو، وري موقعي جو انتظار ڪندا آهن. اسٽيشن تي ريل جو انتظار ڪندڙ مسافرن جيان ڪنهن نئين اڻوندڙ واقعي جي انتظار م ويٺلن کي ڪير سمجهائي ته هاڻي مذمتن، پٽڻ پاراتن جو وقت گذري ويو آهي. وقت آهي ته مستقل رٿا جوڙڻ جيڪا اصل نقل  ۽ کار جي تفاوت کي ڇڏي جنهن جو به هٿ معصوم مخلوق کي مارڻ ۾ هجي ان کي ڇڪي پيڙي قدم ته گهڻا کنيا آهن انهن قدمن جو ساليانو نتيجو عالمي رپورٽون آهن ته ڇا ٿيو نه ٿيو يا ڪهڙو عمل آهي جيڪو ناهي ٿيو.

28-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

No comments:

Post a Comment