Tuesday 2 May 2017

World Day Against Child Labour

ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي ڏهاڙو
اصغر ناريجو
12 جون، “انٽرنيشل ليبر آرگنايزيشن” پاران ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ٿو وڃي. اهو ڏهاڙو پهريون ڀيرو 2002ع ۾ ملهايو ويو. آَءِ ايل او“انٽرنيشل ليبر آرگنايزيشن” دنيا جي ملڪن کي ٻارن جي جبري پورهئي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۽ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ لاءِ اهو ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو. 2002ع کان ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي سطح تي نفرت جي اظهار طور ڏهاڙو ته ملهايو وڃي ٿو پر ان بابت ملندڙ انگ اکرن موجب عالمي سطح تي ٻارن جي جبري پورهئي ۾ گهٽتائي بدران ويتر اضافو ٿيندو پيو وڃي. آءِ ايل او جي رپورٽ موجب “دنيا ۾ جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جو انگ 168 ملين آهي”. جيڪي زراعت، فئڪٽرين، سروسز، ڪنسٽرڪشن جهڙن سخت ڪمن ۾ جڪڙيل آهن. ٻاهرين جي جبري پورهيئي بابت انٽرنيشل ليبر آرگنائيزيشن جي جاري ڪيل فهرست ۾ پاڪستان دنيا جو ٽيون نمبر ملڪ آهي جتي 15 ملين ٻار خطرناڪ نوعيت جو پورهيو ڪن ٿا.
ملڪي آئين جي آرٽيڪل 11 جي شڪ 3 ۾ اهو واضع لکيل آهي ته 14 سالن جي عمر تائين جو ڪو به ٻار فئڪٽري يا ڪوئلي جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي، جيڪو ان کي نقصان پهچائي اهڙو خطرناڪ پورهئو نٿو ڪري سگهي. پاڪستان پئنل ڪوڊ 374 موجب ڪنهن به ماڻهوءَ کي خواهش جي خلاف ڪو به ڪم زبردستي ورتو وڃي ته اهو ڏوھ آهي. اهڙي عمل جي سزا پنجن سالن تائين قيد يا جرمانو يا ٻئي لاڳو ٿي سگهن ٿا.
پاڪستاني آئين ۾ موجود “ٻارن جو جبري پورهئي” جي تشريح موجب 14 سالن کان گهٽ عمر تائين جو ڪم ڪندڙ ٻار جنهن جي زندگيءَ کي، ذهني، جسماني، سماجي ۽ اخلاقي نقصان پهچي يا خطرو هجي.
آئي ايل او جي 30 مارچ 2016ع تي پيش ڪيل رپورٽ بيان ڪري ٿي ته پاڪستان دنيا جو ٻارن کان جبري پورهيو ڪرائيندڙ ٽيون نمبر ملڪ آهي انهيءَ اداري جي 2012ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ به پاڪستان کي اهڙو ملڪ ڄاڻايو هو جنهن ۾ 12.5 ملين ٻار جبري پورهيو ڪري رهيا هئا ۽ 2 لک 64 هزار ٻار گهريلو پورهيو ڪري رهيا هئا. هڪ ٻي رپورٽ “گلوبل سليوري انڊيڪس” موجب پاڪستان ۾ ٻار بنيادي حقن کان محروم ۽ جبري پورهئي جي ڪري بدترين صورتحال ۾ آهن. جن مٿان ذهني ۽ جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو. ان رپورٽ ۾ حڪومت پاڪستان کان اهڙو مطالبو به ڪيو ويو آهي ته اها ٻارن جي جبري پورهئي کي روڪڻ لاءِ ملڪ اندر اهڙي عمل خلاف نيشنل پاليسي جوڙي وڃي.
آئي ايل او موجب پاڪستان 25 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن جن مان 15 ملين ٻار مختلف مزدوري ڪري ڪمائن ٿا. ٻارن جي جبري پورهئي ڪرڻ جو سبب اسڪولن جي کوٽ ۽ غربت آهي. غربت کي گهٽائڻِ لاءِ ملڪ ۾ ڪا به پاليسي موجود ناهي ويتر ان کي وڌائڻ ۾ حڪومت ٻه قدم اڳتي آهي. ٻارن جي جبري پورهئي خلاف قانون ته آهن پر انهن تي بد قسمتي سان اسان وٽ عمل ناهي. گلن جهڙا معصوم لکين ٻارڙا اسڪولن ۾ وڃي تعليم جو زيور پرائڻ بجاءِ هوٽلن، ٽيلرماسٽرن،گيراجن، دڪانن، ورڪشاپن، ٽائرپنڪچر جي دڪانن تي ڪم ڪرڻ سميت گهران نڪري وڃي شهرن ۾ پورهئو ڪن ٿا. غربت ان انتها کي پهچي چڪي آهي جو گلن جهڙا ٻارڙا تعليمي درسگاهن بدران پورهئي طرف وڃڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ اها غربت ئي آهي جنهن هن ملڪ جي معصوم ٻارڙن کي علم جي نور کان به محروم رکيو آهي. اهو لازمي ته  ناهي جو اهي ٻار اميرن جي گهرن، بنگلن ۾ ننڍڙا ٻانها ٿي ڪم ڪن، قلم کڻڻ بجاءِ گيراجن ۾ پانا ۽ اسڪرو کڻي گاڏيون ٺاهڻ جو ڪم سکن  ۽ ننڍڙين ننڍڙين غلطين تي گهرن مان تڙجي نڪتل مڪينڪ جي ڪاوڙ جو شڪار بڻجن ۽ گيراج جا استاد جا “پانا” برداشت ڪرڻا پوندا اٿن. تن ٻارن جي عمر روڊن رستن، ٽول پلازن تي بيهي پنڻ توڙي شاهراهن تي گاڏين جا شيشا صاف ڪرڻ جي ناهي. صبح جو انهن لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول وڃڻ ضروري آهي يا بوٽ پالش جو ٿيلهو کڻي پينٽ سوٽ پاتلن کي چئي ته “صاحب بوٽ پالش ڪرائيندو؟” هاڻي ته خطرناڪ حد تائين ان عمل ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو ته ننڍڙي عمر وارا ٻار رڪشا ۽ موٽر سائيڪل جي ڊرائيونگ ڪري پنهنجي حياتي داءَ تي لڳائي گهر جو چرخو هلائن ٿا زرعي زمينن ۽ ڪارخانن ۾ به ننڍڙي عمر جا ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا. باهه هر شيءِ ساڙيندي آهي ۽ معصوم ٻار سرن جي بٺن تي سرن سان گڏ باهه ۾ پچن ٿا. ٻارڙن جو هڪ وڏو انگ شهرن ۾ گندگيءَ جي ڍيرن تان  پَننِ جو رزق تلاشيندو رهندو آهي. ڇا اهي سڄي عمر پنا ميڙيندا رهندا؟ ٻارن کي گهرن، اسڪولن۽ مدرسن ۾ پڻ جسماني تشدد ۽ وحشي معاشري ۾ جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻائڻ جهڙو بدتهذيبي ڪلچر به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جي ذهني جسماني سماجي ۽ اخلاقي قوت متاثر ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري هڪ لکيل پڙهيل ٻار وارو خواب چڪنا چور ٿيو وڃي. جبري پورهيو ڪندڙ ٻار کي گهٽ اجرت ڏئي، زبردستي انهن کان عمر جي حساب کان وڌيڪ ڪم ورتو وڃي ٿو. افسوسناڪ عمل تن مٿان ذهني ۽ جسماني تشدد پڻ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي.
آئين جي آرٽيڪل 25 اي تحت“اها رياست جي ذميواري آهي ته هر 5 کان 16 سالن جي عمر واري ٻار کي مفت ۽ لازم تعليم ڏياري.” جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل سموري حقيقتن جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته سمورو نظام ابتڙ ٿو نظر اچي. ٻارن لاءِ بنيادي تعليم لازم آهي پر ائين ٿيڻ بدران 15 ملين ٻارن تي جبري پورهيو لازم آهي. ٿورو هن ملڪ جو مستقبل ته سوچيو جنهن کي مستقبل قريب ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر، وڪيل، صحافي، ۽ پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن بدران 15 ملين نوجوانن جو هڪ اهڙو نسل ملڻ وارو آهي جيڪو مزدور، اڻپڙهيل ۽ ڪنهن به صورت تيزي سان ترقي جون منزلون ماڻيندڙ دنيا جي نوجوانن سان مقابلو ڪرڻ جي لائق نه هوندو!. جيڪڏهن آئين جي آرٽيڪل 11 جي شق نمبر3، پي پي سي 374 ۽ آرٽيڪل 25 اي تحت ڪٿي عمل نظر اچي ته ان علائقي جو نالو گنينز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾لکرائي جشن تقريبون ملهائينداسين. جهڙي ريت اسان 2014ع ۾ ڀارت ڄائَي ڪيلاش ستيارٿي ۽ پاڪستان ڄائِي ملالا يوسف زئيءَ کي ٻارن جو جبري پورهيو روڪڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي حق لاءِ پتوڙڻ جي عيوض نوبل انعام ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو.
ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته ٻارن تي جبري پورهئي خلاف جيڪي رياستي ۽ عالمي قانون موجود آهن حڪومت  جي اولين ذميواري اها آهي ته تن تي عملدرآمد ڪرائي جنهن سان ٻارن جي جبري پورهئي ۾ گهٽتائي ايندي ۽ جبري پورهيو ڪندڙ ٻار ملڪ جي صحتمند معاشري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا. اڇي ڪاغذ جهڙن شفاف ذهنن کي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب کڻائڻ جي روايت وڌي وڃي ته مستقبل ۾ اسان ڪنهن روشنيءَ جي اميد ڪري سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪجهه نور آهي ته اهو علم ئي آهي علم کان سواءِ جيڪو ڪجهه آهي اها ڏاٻ اونداهه آهي.
نا اهل اسان جو مالهي آ
معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو
بد زوق جي هٿ ۾ باغ رهيو
معصوم گلن جو ڇا ٿيندو.


12-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

No comments:

Post a Comment