Tuesday 2 May 2017

Humanity pioneers Abdul Sattar Edhi

انسانيت جو علمبردار ايڌي
اصغر ناريجو
ڌماڪن جا آواز، گندرف جو دونهون، پکڙيل انساني عضوا، رت سان رڱيل روڊ، آسماني آفتون، زلزلا، روڊ حادثا توڙي ٻين حادثن ۾ آنهن دانهن روڄ راڙن ۾ سائرن وڃندڙ ، تيزي سان موڙ مڙندڙ گاڏيون واقعي واري هنڌ تي ايمبولينس سروس پهچي وينديون آهن.  جيڪي سرڪاري ايمبولينس کان اڳي واقعي جي جاءِ تي پهچي وينديون آهن.اهڙو تربيت يافته عملو تڪڙو لهندي زخمين ۽ لاشن کي مهارت سان کڻي اسٽريجرن تي کڻي ايمبولينس ۾ منتقل ڪندو آهي. ائين ڪم  ڪندا ڄڻ 20 سالن جا نوجوان جذبي سان ڪم رهي رهيا آهن. سالن کان اهو ڪم ڪندا رهندا آهن. اهو دنيا جي سڀ کان وڏي نجي ايڌي ايمبولينس سروس فائونڊيشن جو عملو آهي. جيڪو ڪيترن ئي سالن کان بي لوث انسانيت جي خدمت جو ڪم ڪري رهيا آهن. هي اهڙو عملو آهي، جيڪو دهشتگردن جي حملن، ٽريفڪ حادثن، قدرتي آفتن ۾ سڀ کان پهرين پهچندو آهي. جنهجو جو باني عبدالستار ايڌي انسانيت جو مسيحو آهي.
معروف سماجي رهنما عبدالستارايڌي بغير رنگ، نسل، ذات پات ۽ مذهب کان هٽي ڪري انسانيت جي بي لوث خدمت ڪئي. انساني خدمت جو عملبردار مڃيو ويندڙ ايڌي سنڌ کان هميشه لاءِ  8 جولائي تي هي جهان ڇڏي ويو. خدمتگار درويش عبدالستار ايڌي گڙدن جي بيماري ۾ 2013ع ۾ مبتلا ٿيو هو. ان کان علاوه شوگر۽ بلڊ پريشر جي باعث سندس جي گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽هر ٽن ڏينهن تي ڊائيلاسيز ڪرائيندو هو. اهو فرشتو صفت انسان ڪالھ رات 11:20 تي ڪراچي جي ايس آءِ يوٽي ۾ وفات ڪري ويو.
پاڪستان جي فقير منش ۽ سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جو جنم 1929ع ۾ ڀارت جي جهونا ڳڙھ رياست جي ڳوٺ بانٽوا ۾ ٿيو.ايڌي جو والد ڪپڙي جو واپاري هو.عبدالستار ايڌي کي ننڍپڻ کان ئي انسانيت جي خدمت جو قائل هو. ايڌي جي عمر جڏهن 11 سال هئي ته سندس ماءُ کي فالج ٿيو. تنهن کان پوءِ ايڌي ماءُ جي خدمت ڪئي۽ انهي خدمت انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو درس ڏنو. بي سهارن جي ڀرجهلو ٿيڻ جو رستو ڏنو، لاوارثن جو وارث ٿيڻ جو سبق ڏنو. ماءُ جي خدمت واري عمل کان شروعات ڪندڙ سماجي خدمتگار سموري زندگي ڪامياب انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري.
پاڪستان جي وجود اچڻ جي ڇهين ڏينهن تي پنهنجي جنم ڀومي بانٽوا کي الوداع چئي عبدالستار ايڌي ڪراچي ملير ۾ هجرت ڪري آيو.
هن ايڌي فائونڊيشن جو 1951ع ۾ بنياد رکيو. هڪ ڪمري کان سماجي خدمت شروع ڪندڙ ايڌي جا ڪراچي ۾ 300 کان مٿي سماجي خدمت جا مرڪز آهن. ڪراچي ۾ 1957 ع ۾ جڏهن وبا سبب ڪيترائي ماڻهو مري ويا ته هن جي ذهن تي ڏاڍو اثر ٿيو.1957ع ۾ عبدالستار ايڌي 5 هزار رپين جي آمدني کان سماجي خدمت شروع ڪئي. هڪ پڪ اپ کان شروع ٿيل امدادي سروس هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي ايمبولينس سروس جو اعزاز رکي ٿي. ايڌي انفارميشن بيورو جي موجب هن جي امدادي مرڪزن جو تعداد  پوري ملڪ ۾ 335 آهي. ٻوڏ۽ سامونڊي طوفان جي موقعن تي امداد پهچائيندڙ 28 ٻيڙيون۽ عملو آهي. ايڌي فائونڊيشن جا ملڪ ۾ 17 ايڌي هومز سينٽر آهن. ان کان علاوا ايڌي شيلٽر، ايڌي وليج، ايڌي چائلڊ هوم، بلقيس ايڌي ميٽرنٽي هوم، ايڌي اينيمل هاسٽل، ايڌي فري ليبارٽري، ايڌي فري ننگر سروس به ملڪ ۾ ڪم ڪنديون آهن. ايڌي فائونڊيشن جون ٻه هزار کان وڌيڪ ايمبولينسون آهن تن کان علاوا 2 ايئر ڪرافٽ۽ هيليڪاپٽر به آهن.  ايتريون امدادي سرگرمين جو نظام هلائيندڙ عبدالستار ايڌي  آهي. جنهن جي زندگي انتهائي سادگي جو نمونو آهي.
انسانيت جي مسيحي ايڌي موجب پهرين عوامي اپيل تي سندس ٻه لک چندو مليو. چوندو هو ته اها منهنجي نيت نه هئي ته مان ڪنهن وٽ وڃي پنان. پر مان چاهيندو هيس ته قوم کي ڏيندڙ بڻايان، پوءِ مان فٽ پاٿن تي بيهي پنيو،ٿوري ملي پر ٺيڪ ملي. جلد ئي ماڻهو بقول شاعر “ ماڻهو ايندا ويا ۽ ڪاروان بڻجندو ويو.
خدمت جو جذبو صرف انسانن لاءِ نه هوندو هيس پر جانورن جي لاءِ به فڪرمند هوندو هو. جنهن جي ڪري سماجي خدمتن جي ليجنڊ  35  سال پهرين 50 ايڪڙن تي مشتمل ايڌي هڪ سينٽر ٺهرايو، انهي سينٽر تي نالو پنهنجي زال بلقيس ايڌي جو بلقيس اينيمل ايڌي سينٽر رکيو. جتي ويٽرنري ڊاڪٽر به آهن. انهي زمين جي بائونڊري جي چوطرف ڀت به ٺهيل آهي. ٻه سال اڳ ٿر ۾ ڏڪار جي سبب مور مري رهيا هئا ته ايڌي  ڊاڪٽرن جي ٽيم ساڻ ڪري ننگرپارڪر پهتو هو.
انسانيت جو همدرد ايڌي چوندو هو ته مون زندگي جو اصول ٺاهيو آهي ته زندگي سادگي سان گذاريندس۽ ڪپڙا به هڪ قسم جا پائيندس. .جنهن وٽ ملائيشيا جا سستي ترين ڪپڙن جا ٻه جوڙا هئا. هڪ ميرو ٿيندو هيس ته ٻيو پائيندو هو. عبدالستار ايڌي جو چوڻ هو ته مجبور ماڻهن جي مدد لاءِ ڪنهن بين الاقوامي تنظيم جي ضرورت ناهي.انسانيت جي غمخوار ايڌي 48 سال صرف ايمبولينس هلائي ٻي گاڏي ڪڏهن به نه هلائي. ڏکويل دلين جي خدمت لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ عبدالستار ايڌي پنهنجي زندگي انتهائي سادگي سان گذاري.
خلق خدا سان محبت ڪندڙ انسان عبدالستار ايڌي هڪ نظريو، سوچ، فڪر جو نالو بڻجي ويو آهي.
عبدالستار ايڌي انسانيت جي خدمت ڪندڙ هڪ مثال آهي.
عبدالستار ايڌي 19 اپريل 1965ع تي بلقيس ايڌي سان شادي ڪئي. جيڪا ان جي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندي هئي. ايڌي کي  چئن ٻارن جو پيءُ هجڻ سان گڏ ڪروڙين بي سهارا لاوارث ٻارن جو پيءُ بڻيو. سندس اولاد ۾ پٽ فيصل ايڌي، ڪبريٰ ايڌي، زينت ايڌي۽ الماس ايڌي آهن. انهن سميت ڪروڙين  ماڻهو سڳوار ڇڏي ويو آهي. سندس پٽ فيصل ايڌي۽ ڌيءُ ڪبري ايڌي ٽرسٽ والده سان گڏجي هلائي رهيا آهن.
19 آڪٽومبر 2014ع تي عبدالستار ايڌي کي پنهنجي آفيس ۾ هڪ ڪلاڪ يرغمال بڻائڻ کان بعد ڦورن 5 ڪلو سون۽ ٽي چار لک آمريڪي ڊالر چوري ڪري ويا هئا. انهي ڌاڙي ايڌي کي جسماني جهوري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ چوندو هو منهنجي آفيس ۾ ڌاڙو ڇو هنيو ويو. انهي ڏينهن ۾ بقول سندس پٽ فيصل ايڌي “ايڌي سروس جو ٻن ڏينهن جو خرچو هڪ ڪروڙ روپيا ايندو آهي ”. هنگامي حالتن جي ڪري ايتري رقم گڏ آفيس ۾ رکندا آهيون.
ايڌي صاحب بي لوث انسانيت جي خدمت ڪئي. جنهن جي خدمتن جو اعتراف ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ان تي ڪيئي دستاويزي فلمون به ٺاهيون ويون آهن. دستاويزي فلمن ۾ ان جي زندگي جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي. بين الاقوامي ايوارڊن ۾1986ع ۾ عوامي خدمتن عيوض رامو مگسيسي ايوارڊ، 1988ع ۾ لينن امن ايوارڊ، 1992 ع ۾ پال هيريس فيلو روٽري انٽرنيشنل فائونڊيشن ايوارڊ، دنيا جي سڀ کان وڏي رضاڪاراڻا ايمبولينس سروس جو ايوارڊ گنينز بڪ ورلڊ رڪارڊ 2000ع ۾، همدان اعزاز برائي عمومي طبي خدمات 2000ع متحده عرب امارات،بين الاقوامي بلزان اعزاز 2000ع ۾ برائي انسانيت، امن ۽ ڀائيچارو، اطاليا،انسٽيوٽ آف بزنس ايڊمنستريشن ڪراچي جي طرفان  اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 2006ع ۾ ۽ يونيسڪو مدنجيت سنگھ ايوارڊ 2009ع ۾ مليو. قومي اعزازن ۾ ڪاليج آف فشريز اينڊ سرجنز پاڪستان جي طرفان سلور جوبلي شيلڊ 1962 ۽ 1987،سنڌ حڪومت جي طرفان سماجي خدمتگذار برائي برصغير جو اعزاز 1989ع ۾، نشان امتياز( حڪومت پاڪستان جو اعليٰ اعزاز) 1989ع ۾، حڪومت پاڪستان جي صحت ۽ سماجي بهبود جي کاتي  پاران بهترين خدمتن جو اعزاز 1989ع، پاڪسان سوڪ سوسائٽي جي طرفان پاڪستان سوڪ اعزاز 1992ع، پاڪ فوج جي طرفان اعزازي شيلڊ، پاڪستان اڪيڊمي آف ميڊيسن سانسز جي پاران اعزاز خدمت، پاڪستاني انساني حقوق معاشره جي طرفان انساني حقوق اعزاز، 26 مارچ 2005ع ۾ عالمي ميمن تنظيم جي طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ اعزاز سان نوازيو ويو.فقير منش انسان کان جڏهن نوبيل انعام ايوارڊ  لاءِ پڇيو ويندو هو ته چوندو هيو ته “ نوبيل انعام مليو ته ٺيڪ آهي جي نه ملي ته به ٺيڪ آهي”. هن قوم جي ماڻهن مونکي ايترو ڏنو آهي جو نوبيل انعام جي ضرورت ناهي. ان کانسواءِ بنا ڪنهن موڪل جي ايڌيءَ کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا مليل مليل آهي.
بي سهارا ٻار۽ عورتون ڏکايلن جي مدد ڪندڙ عبدالستارايڌي جي وڃڻ کان انهن جي مٿي جي ڇپر ڇانو هاڻي ڪير ٿيندو. اهي يتيم ٻار پهريان ئي هڪ دفعو يتيم ٿيل هئا ٻيهر عبدالستار ايڌي انهن کي يتيم ڪري ويو. بي سهارا اڪيلو ڇڏي ويو.انسانيت سان محبت ڪندڙ محبوب ستارو سنڌ جي روڊن رستن تي ڀٽڪندڙ معصومن،يتيم ٻارن، لاوارث ٻارن سميت پوري دنيا جي انسانيت کي به سوڳوار ڪري ويو آهي.ڏکويلن جي مدد ڪندڙ ايڌي جي سوڳواري ۾ آسمان به رات کان لڙڪ لاڙي رهيو آهي. سنهي سنهي برسات جي بوندن سان آسمان به پنهنجو غم جو اظهار ڪيو آهي. مٽي سان مٽي ٿي ويندڙ صوفي منش انسان کي هميشه ياد رکيو ويندو.
ست ڏهاڪن کان مشتمل سماجي خدمتن جو باب ايڌي، ڪراچي شهر جي روشني عبدالستار ايڌي جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت سان گڏ انهي کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرورت آهي.

10-07-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

No comments:

Post a Comment