Tuesday 2 May 2017

Tribal disputes in Sindh

سنڌ جي ڪنڌ ۾ پيل قبيلائي تڪرار
اصغر ناريجو
چيو ويندو آهي ته جڏهن کان انسان هن ڌرتي تي آيو آهي ته کيس ٻن قسمن جي بک پنهنجو غلام پئي بڻايو آهي، هڪ جسم جي بک ٻيو پيٽ جي بک پر انهن ٻنهي بنيادي ضرورتن کان هٽي ڪري به هڪ بک انسان جي اندر واسو ڪيو ۽ انهيءَ بک انسان کي ڪڏهن انسانيت جي دائرن مان ئي ڪڍي ڇڏيو ۽ کيس وحشي، خونخوار ۽ سفاڪ بڻايو آهي. اها بک طاقت جي بک آهي، اها بک پنهنجي پاڻ کي اتم ۽ ٻين کي ادنيٰ تصور ڪري پهنجي پاڻ لاءِ اختيار ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي بک هئي. انهيءَ بک جي باهه اجهائڻ لاءِ انسانن جي انسانن سان جنگ شروع ٿي ۽ هو ڌرتيءَ جي هن گولي تي رهندي مختلف طريقن سان پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيترائي حربا استعمال ڪندو آيو آهي. اسان مٿي جن بُکن جو ذڪر ڪري آيا آهيون انهن مان هڪ جسم جي بک به آهي ۽ اها ئي بک انساني تاريخ ۾ قتل جو پهريون ڪارڻ بڻي هئي. حضرت آدم جيڪو هن دنيا جو پهريون ٻن پٽن قابيل ۽ هابيل وچ ۾ شادي ڪرڻ تان جهيڙو ٿيو اهڙي طرح انسانيت جو پهريون قتل قابيل جو ٿيو انهي دور کان وٺي اڄ تائين مختلف قومن هزارين جنگيون وڙهيون آهن ۽ ڪروڙين ماڻهن جو قتل عام ٿيندو رهيو.
اهي قتل ته صدين کان ٿيندا رهيا آهن پر منهنجي ڌرتي جنهن کي پڻ صديون پراڻي ڌرتي سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي پنهنجي الڳ سڃاڻ، تهذيب، رهڻي ڪهڻي، ثقافت ۽ ٻولي آهي. سنڌ جي تاريخ جا ورق اٿلائبا ته خبر پوندي ته سنڌي قوم پنهنجي سموري تاريخ ۾ تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن، پر ان باوجود سنڌ جا ماڻهو بهادريءَ سان ان کي منهن ڏيندا پيا اچن. پر اڃا ڪيتريون ئي اهڙيون خاميون اسان جي سنڌين اندر آهن، جنهن جي ور چڙهي هو پنهنجي جهوپڙي ڍيري ڪري ڇڏين ٿا جن ۾ ڪارو ڪاري، قبيلائي جهيڙا،زمين جي مالڪي تان فساد،پاڻي جي واري تان وار ڪرڻ،ٻارن جي ڳالهين تي جهيڙو ڪرڻ،فصل جي ڀيل تي ڪونڌر ڪٺا وڃن ٿا.
ڪالھ اخباري رپورٽن ۾ اها افسوسناڪ خبر شايع ٿيل هئي ته  لاڙڪاڻي ۾ مهر۽ ابڙا برادرين ۾ ٻيهر تڪرار ڀڙڪي پيو، هڪٻئي مٿان ڌرين جي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ ٽن راھ ويندڙن سميت 7 ماڻهو زخمن جا تاب سهي زندگي گذاريندا. قتل ٿيندڙ ٻه موڀي جوان فياض۽ عرفان مهر هئا. فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙاويس ابڙو، هوشو ابڙو،لطيف ابڙو ، جاويد مهر ۽ 3 واٽهڙن ۾ ديدار ترڪ، ولي محمد مڱريو۽ حفيظ شيخ زخمي ٿي پيا . تن واٽ ويندڙن کي ڪهڙي خبر تان اسان گذرنداسين ته بارود جي ور چڙهي زخمي ٿينداسين.  جديد هٿيارن جي هوڏ تي اسپتال ۾  به ٻنهي ڌرين جا ماڻهو پوليس جي ڪڙي وانگر هڪٻئي تي ڪڙو چاڙهي فائرنگ ڪندا رهيا ته شهر به بند ٿي ويو آخر پوليس اهلڪار به انهي ڪڙي مٿان ڪڙو هڻي ڌرين کي فائرنگ ڪرڻ کان منع ڪيو. مهر ابڙا تڪرار 13 سال  نور الدين ابڙو جي ڀاءُ  نجم الدين جي قتل واقعي کانپوءِ شروع ٿيو، جنهن ۾ 13 سالن جي قبيلائي باھ ۾ 13 ماڻهو انمول حياتي کان گولين جي گهاون ۾ مري چڪا آهن. قبيلائي تڪرار ڀڙڪائيندڙن ئي ڪيئي ڀيرا انهن وچ ۾ ٺاھ ڪرايو جنهن تي عمل درآمد ته ڇا ويتر ڪالھ ٻن نوجوانن کي برسٽ هڻي قتل ڪيو ويو. انهي افسوس ناڪ واقعي ڀرپاسي ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ سميت ماڻهن کي روازاني زندگي ۾ مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
اچرج انهي ڳالھ تي اچي ٿي ته جيڪي ڌريون اهڙن تڪرارن جي سرپرستي ڪن ٿيون، سي فيصلا به پاڻ ڪن ٿيون ۽ پوءِ انهن فيصلن واري نظام تحت پنهنجي چڱ مڙسي ۽ لٺ سرداري برقرار رکن ٿيون جيئن  ڪجھ ڏينهن  پهريان  مهر۽ ابڙا ڌر جو راڄوڻي فيصلو ٿيو جنهن ۾ 35 لک غلام حسين مهر ،ابڙا ڌر جي ماڻهن کي ڏنا تنهن کان پوءِ به درندن هڪٻئي تي نفرت جي باھ ڪڌي رسم کي هٿي ڏيندي ويتر ڀڙڪائي ڇڏيو.اهي جوانن جا لاش هٿيارن جي ڇانو ۾ اسپتال کان ڳوٺ پهچايا ويا جتي روڄ راڙو، ماتم اطلاع ملندي ئي ڪيو هو . هنن جي لاشن کي گل ڇٽڻ بدران هٿيارن جي پهري ۾ دفنايو ويو ۽ ائين ئي جاگيرداري، سرداري مشينري سالن پراڻو دقيانوسي نظام جيئارينديون پيون اچن جن سان انسان جي اشرافيا واري مقدس نراڙ تي بدنما داغ ٺهي اچن ٿا جن جو ڪريڊٽ اسان جي قبيلائي سردارن ۽ هتي لاڳو ڪيل قانوني ادارن ڏانهن وڃي ٿو، جيڪي انهيءَ سڀني معاملن کي گهٽائڻ بدران وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
جتي هر آئي ڏينهن انهن قبيلائي تڪرارن ۾ امڙين جون جهوليون خالي ٿينديون رهيون آهن، ونين جا ور ماريا ويندا آهن، معصوم گلن کي ٽڙڻ کان اڳ ڪومايو ويندو آهي، راهگيرن کي به کاڄ بڻايو ويندو آهي. خصيص ڳالهين تان جهيڙا ڪري علائقي جو امن امان،معاشي ،تعليمي حالت بگاڙي وڃي ٿي. جهيڙيندڙ ڌرين جا ٻار قلم کڻڻ بجاء هٿيارن جي سکيا وٺي پهريدار ٿين ٿا. قبيلائي،جاگيرداڻي، سوچ رکڻ وارا غيرت ۽ جهالت جي انڌي ڄار ۾ جذباتي ٿي هڪ ٻئي جي رشتن جي تقاضائن کي ميٽي انسانيت جي عظمت کي پائمال ڪري هٿيارن کي پنهنجو پهريدار۽ ساٿي سمجهي سرعام قانون جي لتاڙ ڪندي جديد هٿيارن سان گولا بازي ڪري رت جي هولي کيڏن ٿا هڪ ئي وقت درجن ماڻهن جا قتل عام ڪيا ويندا آهن جن کي هٿيارن جي پهري ۾ لڙڪ لاڙي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو آهي.اهو عمل سنڌ صدين جي مهذب ڌرتي واري حقيقت تي سوال پئدا ڪري ٿو. جنهن سنڌ کي دنيا ۾ تهذيبن جي ماءُ سمجهيو وڃي ٿو، سنڌ جنهن دنيا کي مهذب پڻو، سهپ ۽ اخلاقي قدر سيکاريا، سا ڄڻ ته اڄ انهن سڀني اصولن کان پري ڪئي وئي آهي.
قبيلائي تڪرارن جي باھ ۾ سڙندڙ اتر سنڌ جو شهر لاڙڪاڻو، قمبر، جيڪب آباد، شڪارپور ئي ناهي پر ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ اها بيماري ڦهليل آهي جن کي حل ڪرڻ،ٺاهڻ جو فيصلو جاگيردارن،سردارن ڀوتارن پنهنجي ذاتي قانون تحت ذمي کڻي حڪومتي قانون کي انڪار ڪيو آهي.ٻن ڌرين کي ٺاهڻ سٺي ڳالھ آهي پر ان جي آڙ ۾ پنهنجي لٺ سرداري وارو عمل برقرار رکڻ ڪڌو ڪم آهي.انهن جي فيصلي سان مري ويلن کي آسيس نه ملندي آهي پر هڪ اشرف المخلوقات جي قتل جي قيمت مقرر ڪرڻ  سان اهو واپس ناهي وري ايندو.
تعليم جي زيور سان انهي ڪڌين روايتن خلاف محاذ جوڙڻ سان گڌ خاتمو آڻي سگهجي ٿو.افسوس سان چوڻو پئي ٿو اسان جي تعليم ڏينهون ڏينهن تباھ ٿيندي پئي وڃي،تعليم جي ڪرندڙ معيار کي سنجيدھ ڪوششن سان بلند ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.اها تعليم جهالت جو خاتمو آڻي ٿي۽  ماڻهو کي شعور ڏئي ٿي ،اهو شعور ئي آهي جيڪو انسان کي بُري ۽ ڀلي جي تميز سيکاري ٿو،حق سچ جي نرالي راھ تي هلائي ٿو. سنڌ جي نه رڳو شهرن پر ڳوٺن،ٻهراڙين ۾ معياري تعليم جي بنيادي پرچار ڪري عام ڪرڻ ۽  هنگامي بنيادن تي قدم کڻي تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهي تي عملي قدم کڻي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ مذهبن جي ماءُ،امن جي پرچار ڪندڙ،صوفين جي سرزمين تان بدنامي جو سبب بڻجندڙ ڪاروڪاري جهڙين رسمن، برادرين ۽  قبيلن ۾ تڪرارن توڙي عورتن تي تشدد ۽ اڻ برابري ناسهپ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو،اهو وقت پري ناهي ويو ته تاريخي طور خوشحال ۽ هن مهذب ديس کي پنهنجو مهذبپڻو ۽ امن وارو اوج موٽائي ڏجي.
وقت جي چونڊيل جمهوري حڪومت ۽ رياست جي اها ذميداري آهي ته اها قبيلائي تڪرارن کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻي نه ته انهي ڪڌي رسمن کي  جهيڙيندڙ ڌرين ۽ سهڪارن خلاف قانون تحت ڪاروائي ڪئي وڃي. انساني جانيون ضايع ٿيڻ وارن تڪرارن جا فيصلا عدالتن جي احاطن مان ڪرايا وڃن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ جهيڙيندڙ ڌرين تي تڪرارن جا ڏنڊ ڪروڙن ۾ نه رکيا وڃن جيئن 29 فيبروري تي ڀيا۽ جکراڻي ڌر تي  7 ڪروڙ 84 لک ڏنڊ وڌو ويو هئو. هڪ انسان جو قتل انسانيت جو قتل آهي انهي کي 10 _15 لکن جي قيمتن ۾ چڪائي نٿو سگهجي. ايئن ڪرڻ سان عوام ۾ تحفظ جو احساس ٿيندو ٻيو ته جهيڙيندڙ ڌريون به قانون جي بالادستي هئڻ جي خوف کان اهڙا ڪڌا قدم کڻن کان اڳ سوچينديون۽ جاگيرداري سرداري چڱ مڙسي واري ڪرتوتن مان عوام آزادي ماڻيندو.


15-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

No comments:

Post a Comment