Thursday 25 May 2017

محافظ جي روپ ۾ قاتل پوليس اهلڪار killer police in shape of defender

محافظ جي روپ ۾ قاتل پوليس اهلڪار                 25-05-2017
http://dailyjeejal.com/e-paper/2017-5-25/news/page4/1%20(3).htm
اصغر ناريجو
سنڌ پوليس  جي بهادر اهلڪارن، عملدارن ۽ آفيسرن جي ڪارگردگي جي گڻن بابت سنڌ جي عوام کي چڱي ريت خبر آهي ته هو ڪيتري ضمير جي سچائي ۽ ايمانداري سان عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندا آهن.اهي پوليس وارا  ڪنهن به واقعي، واردات، يا  حادثي جي جاچ ڪيتري ضمير جي آواز تي سرانجام ڏيندا آهن.(صرف ڪالهه جون ئي اخبارون پڙهي ڏسو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته هو پنهنجا فرض ڪهڙي نموني سرانجام ڏئي رهيا آهن). انهي سنڌ پوليس پنهنجي ڪردار جي ذريعي پنهنجو تعارف هن ريت مقبول ڪرائي ڇڏيو آهي . ملير کان ڏهرڪي تائين پوليس عوام جي تحفظ بجاءِ کين تشدد ڪرڻ، تذليل ڪرڻ ۽ مارڻ جو فرض نڀائي رهي آهي.
انسانيت سوز حرڪتون ڪرڻ ۽ قانون جي لتاڙ ڪرڻ:عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار قانون کي لتاڙي ماڻهن کي ماري ڇڏن ته پوءِ ان ديس جي عوام جي پوليس بابت ڪهڙي سوچ هوندي؟ ڏهرڪي ۾ اسپيشل پوليس جي اهلڪارن ڪمليش ڪمار جي موبائل دڪان تا ن چوري ءَ جي الزام ۾ گرفتار نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ کي ٽارچر سيل ۾ واڙي تشدد ڪري ماري ڇڏيو. عبدالرزاق جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڪيلاش جو چوڻ هو ته هن مٿان وحشياڻو تشدد ٿيل آهي، جنهن سبب هن جي ڳاٽ جي هڏي، ڪرنگهي جي هڏي، ٻئي ڄنگهون ڀڳل هيون. جڏهن ته ڳچي ۽ چيلهه ۾ رسي جي نشانن سميت سڄي جسم تي سخت تشدد جا نشان مليا آهن. ڊاڪٽر موجب سندس موت جو سبب وحشياڻو تشدد ۽ ڳاٽ هڏي ڀڄي پوڻ آهي. جڏهن ته ڳچي تي موجود نشانن مان لڳي ٿو ته کيس گهٽا به ڏنا ويا آهن بي رحم پوليس اهلڪارن بقول سندن وارثن جي بااثر شخص افضل مهر جي چوڻ تي سندن جي نوجوان جو خون ڪيو آهي. مارجي ويل نوجوان ٽن ٻارن جو پيءُ هو. سنڌ پوليس جا اهلڪار قانون کي لتاڙي ماڻهن کي کنڀي تشدد ڪري کين ماري ڇڏڻ وارو ڪم ماضي کان ڪندا پيا اچن. اهڙن قتلن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي مثالي سزا ناهي ملي سگهي، جنهن سبب اهي آئي ڏينهن يا مهيني ڪنهن نه ڪنهن پورهيت، هاري، مزدور، شاگرد،ڊرائيور، دڪاندار توڙي سياسي ڪارڪن کي کنڀي تشدد ڪري ماري ڇڏيندا آهن. اهي مقتولن جي وارثن کي ڏمڪيون ڏئي زبردستي سرچاءُ ڪرائڻ تي مجبور ڪندا آهن.
ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو مارڻ:جيئن 3 ڏينهن پهريان ڀرياسٽي پوليس مبينا ڪوڙي مقابلي ۾ نوشهروفيروز واسي نوجوان شفيع محمد سولنگي کي سخت تشدد ۾ مارڻ بعد گوليون هڻي ماري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان جي والد خان محمد سولنگي ۽ ڀاءُ رفيق موجب سندن نوجوان کي 14 ڏينهن اڳ پوليس نوشهروفيروز جي قائم ڪالوني مان کنڀي وئي هئي. جنهن بعد سخت تشدد ۾ ۾ مارڻ بعد گوليون هنيون ويون. نوجوان کي غسل ڏيڻ بعد خبر پئي ته شفيع محمد سولنگي جي پوري جسم تي تشدد جا نشان هئا، نڪ ۽ ڪنن مان رت وهي رهيو هو، پير سڳل هئا، جڏهن ته ڪنڌ پڻ ڀڳل هو. اهڙو ٻيو واقعو ميرخاص ۾ پيش ٿيو، ميرپورخاص ۾ پوليس مهينو اڳ گرفتار ٿيل نوجوان کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو. عدالتي حڪم تي سي آءِ اي انچارج، ايس ايڇ او، چئن پوليس اهلڪارن۽ ٻن اڻڃاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مارجي ويل نوجوان غلام حيدر عرف گلو مري جي امڙ ڪيس جي فريادڻ حضور زادي جو چوڻ هو ته مهينو اڳ پوليس سندن گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو۽ سندس پٽ کي کنڀي ويا، جنهن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي. ماڻهن کي گهران کنڀي ڪوڙن مقابلن ۾ مارڻ واري انسانيت سوز ڪڌي عادت پوليس مان ختم ڪير ڪندو؟ انهن پوليس اهلڪارن جو ضمير ۽ انسانيت وارو احساس ان وقت موڪلائي ويندو آهي جڏهن اهي بي گناهه، بي ڏوهه امڙين جي اولاد کي سندن گهرن مان کنڀي ڪوڙن مقابلن ۾ ماري ڇڏن.
پيسا نه ڏيڻ تان ٿاڻي ۾ ئي قتل ڪرڻ: ٽي ڏينهن اڳ ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي ۾ پوليس ڊرائيور علي محمد نوحاڻي کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان جي وارثن موجب علي محمد کي پوليس بيگناهه گرفتار ڪرڻ بعد لکين روپيا رشوت گهري. رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ مٿس تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.اهڙن واقعن ۾ پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ لاءِ سموري قوت استعمال ڪندي آهي.  جڏهن پوليس وارا به قانون کان مٿانهان قدم کڻي ماڻهن کي ماري ڇڏن ته پوءِ جهنگ وارن ماڻهن تي ڪهڙي معيار ڏجي. جن کي قانون جي بنه ڄاڻ نه هوندي آهي. پوليس اهلڪار ڌاڙيل جو روپ  اختيار ڪري ماڻهو مارڻ وارو ڪم ڪن ٿا.
عورتن تي تشدد ڪرڻ: اخلاق شناسي کان وانجهيل سنڌ پوليس جا اهلڪار سنڌ جي عورتن جي تذليل ڪرڻ ۾ شرم محسوس ناهن ڪندا. اهڙي ئي ڪريل حرڪت پوليس وارن  ميهڙ، مانجهند ۽ خيرپور ميرس ۾ به  ڪئي آهي. ميهڙ ويجهو ڳوٺ حسين ڏيپر تي پوليس جي وڏن اٽالن چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري 10 ڄڻن کي کنڀي وئي. پوليس جي زيادتي جو شڪار ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاج ڪيو.مانجهند لڳ مختلف ڳوٺن تي پوليس چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن کي تشدد نشانو بڻايو ۽ عورتن کي وارن کان وٺي گهلي تذليل ڪئي وئي. ڌرين ۾ زميني تڪرارن بعد به پوليس وارا ڳوٺن تي چڙهايون ڪري عورتن تي تشدد ڪندا آهن. سياسي ڀوتارن جي اشارن تي پورهيتن جي گهرن مان ميڙيل چونديل سامان لٽي سندن جي گهرن کي باهيون ڏيڻ ۾ به ڪا ڪهل نه ايندي اٿن. جن جو ذڪر اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو. جوابدارن جو عمارتون ڊاهڻ به پوليس جي کاٻي هٿ جي راند آهي.
پوليس خلاف عوام سراپا احتجاج: روزانو اخبارن جي صفحن تي اهڙيون خبرون پڻ هونديون جن ۾ اهو لکيو هوندو آهي ته پوليس ۽ بااثر شخصن جي زيادتين خلاف عوام سراپا احتجاج، پوليس جي ڏاڍين خلاف  ڳوٺاڻا توڙي شهري پڻ احتجاج ڪندا آهن.
سنڌ پوليس جو انقلابي قدم: ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ. سنڌ پوليس جي عملدارن هڪ انقلابي قدم کنيو آهي، کين فيصلا ڪرائڻ جو به ٽاسڪ ملي ويو آهي. ( جيئن ڪالهه جي هڪ اخبار موجب سوراهه پوليس جرڳائين ۽ متاثرن ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو، پوليس ايس ايس پي جي حڪم باوجود جرڳي جي جاچ نه ڪئي، الٽو جوابدارن کي هيسائي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو).
سنڌ پوليس، سياسي پوليس: سنڌ پوليس کي سياسي پوليس جو مليل لقب به ڪافي مشهور آهي ۽ حقيقت به آهي ته سنڌ پوليس ۾ ڀرتي کان ويندي مقرريون توڙي بدليون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آهن. جنهن جو ذڪر آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پاڻ ڪري چڪو آهي. ايتري قدر سياسي انتقام جي بنياد تي پوليس ڪارروايون ڪرڻ ۾ به سٺا نمبر کڻندي ايندي آهي. چونڊيل نمائندن جي تابع تي به ڪم ڪندي رهي آهي. چونڊيل ڀوتار  جي اشاري تي ڪنهن کي گرفتار ڪري يا ڇڏي ڏي جهڙا به ڪم ڪرڻ ۾ وس ناهي گهٽائيندي.
مجرم بدران عيوضين کي گرفتار ڪرڻ:مجرم بدران عيوضين کي گرفتار ڪرڻ پوليس کي الائي ڪهڙي قانون تحت مليل آهي. ڪنهن به مجرم جي روپوشي واري حالت ۾ جوابدار کين هٿ ناهي ايندو ته هو سندس جي عزيزن کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪندا آهن. ته جيئن جوابدار پوليس کي منهن ڏي. مجرمن کان وڌيڪ اهلڪار مجرم جي رشتيدارن کي ڌمڪيون ڏئي مختلف حربا استعمال ڪندا آهن.
ڍڪ حوالي مال ڪرڻ: مالوند ماروئڙن جي بي زبان جانورن کي ڍڪ حوالي ڪرڻ پوليس اهلڪارن جي روايت ۾ شامل آهي. جيئن احمدپور ويجهو ڳوٺ حاجي عبدالله ناريجي وارن جا 250 کان مٿي ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن. مفتي عبدالرحمان، فوجي ميهر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پيرڳوٺ پوليس اٽالا ساڻ ڪري سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪري عورتن سان بدڪلامي بعد 250 مينهون  ڪاهي ويا آهن.
پوليس لاءِ اهي ڳالهيون به گردش ڪنديون رهنديون آهن ته پوليس شادي به کائي ته غمي به کائي، پوليس لاءِ جهڙا ساهرا تهڙا پيڪا، پوليس جو ڪم پيسي سان آهي، قانون سان ان جو ڇا وڃي؟ مردن ۽ عورتن تي تشدد ۽ تذليل ڪندڙ اهلڪارن کي سزا جو خوف ئي ناهي، جنهن سبب اهي هر آئي ڏينهن يا مهيني اهڙا واقعا ڪندا رهن ٿا. مظلوم مٿان دٻدٻو۽ قاتل جي ساٿاري بڻجڻ پوليس اهلڪارن جي ڪرت آهي. سنڌ پوليس ٻڌي ۽ ڇوڙي واور ڪم به علائقي جي چونڊيل نمائندي سميت مال کارائڻ واري جي چوڻ تي ڪندي آهي ۽ انهي ڪم لاءِ مليل ٻين پوليس آفيسرن جا حڪم سندن لاءِ ڪي حيثيت نٿا رکن.( جيئن مٿي سوراهه پوليس واري خبر جو ذڪر ٿيل آهي). پوليس اهلڪارن جي قانون جي لتاڙ ڏسي ۽ ٻڌي عوام جو پوليس کان اعتبار ئي کڄي ويوآهي. سنڌ پوليس پنهنجو وڃايل وقار لاءِ ڪهڙن بنيادن تي ڪهڙا قدم کڻندي اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.سنڌ پوليس جا اهلڪار محافظ جي روپ ۾ قاتل پوليس طور فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.
پوليس مارجي ويلن جي وارثن امڙين، ڀينرن ۽ اولاد کي آٿت ڪير ڏيندو. وارثن جون ڳوڙهن سان ڀريل اکيون ۽ دلين ۾ ماتم کي ڪير گهٽ ڪندو. مارجي ويلن جي وارثن سان صرف بيان ئي کين آٿت نه ڏيندا پر عملي قدم سندن جي دردن ۾ گهٽتائي آڻي سگهن ٿا،.مارجي ويلن جي وارثن کان وڌيڪ ڏک ڪنهن کي هوندو، اهي امڙيون ڀينرون ئي درد برداشت ڪن ٿيون.
آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه صاحب جي نوٽيسز بعد اهلڪارن جو معطليون ۽ سندن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ سان متاثر ڌرين کي انصاف ملي سگهندو؟ ان جو جواب ايندڙ وقت ڏيندو؟ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي گهرجي ته عوام آزار پوليس وارن خلاف مثالي ڪارروائي ڪري ته جيئن قاتل ۽ قتل ۾ ملوث اهلڪارن سميت تحفظ ڏيندڙ به بينقاب ٿي سگهن.


No comments:

Post a Comment