Tuesday 2 May 2017

“دراوڙ دل جي تنهائي ”جي خالق جو وڇوڙو

“دراوڙ دل جي تنهائي ”جي خالق جو وڇوڙو  
اصغر ناريجو
من ۾ ٿاڪَ تنهنجي نيڻن جا
چپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا
جهول گدليءَ ۾ ڪيئن جهلي جاني!
لڙڪ سڀ پاڪ تنهنجي نيڻن جا
هي سٽون درواڙ  دل جي تنهائي جي خالق اياز جاني جون آهن، جيڪو هن وقت سنڌ کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو آهي پر سندس احساس ۽ ذميواري توڙي نڀاءَ ڀريل شاعري جا سنڌ مٿان اڏيل ڇپر هميشه ڇانو بڻيل رهندا.
اياز جاني جنهن جي شاعري جي وڏي خوبي اها هئي ته هو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجن روايتن جو شاعر هو.
اياز جي شاعري جي ڪينواس تي ڌاري ٻولي جي يلغار نه هئي، هو نج سنڌي ٻولي جي سؤلن ۽ سڀ کان سمجهه ۾ ايندڙ ٻولن جو تخليقار هو.
اياز جاني جي شاعري ۾ جيتوڻيڪ غزل ۽ وائي تمام گهڻي ملي ٿي پر هو مشتاقي ڀريل دير سان به ڌرتيءَ جي دنگن، ٿاڪن ۽ ٿانون جي ڳالهه ڪندو هو. سندس شاعريءَ ۾ ٿالهين ۽ پيرن نم جي ڇانون، انگوري ڇڳن، ڇيلن ۽ ٽلين، ولين ۽ ونگن جون ڳالهيون ملن ٿيون، سندس شاعريءَ ۾ غزل تي خاص طور سندس ڪمال جي پڪڙ نظر اچي ٿي ۽ پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي اهو احساس ورائي وٺي ٿو ته هن احساس، انتظار، اظهار، قرب جي ڪڻن، ڳڻن، رشتن، واعدن، وصالن، توڙي ميلاپ جي خوشي ۽ جدائي جي عرب کي پهرين پاڻ تي سَٺَو آهي پوءِ ئي ڪجهه لکيو آهي. مطالعي جي عميق ۾ ٽوٻي مثل پار ٿيندڙ اياز ڪٿي به سنڌ جي وارثي تان هٿ نه کنيو آهي۽ ڌرتي جي ڀينڊن، ڀِترنِ، پَٿِرن، مارن جي مرڪن ٽهڪن، سندن وهمن، وسوسن، احساس،عشق،قرباني ۽ محبت جي هڙني گڻن تي خوب لکيو آهي.
خواب ۾ ٽٽندي ستارن کي ڏٺو
ان پل ڏٺو مون دل دري آڪاس جي
منهنجي مٽيءَ سان ئي وفا آهي لکيل
سوچي اهو ملجانهءِ پري آڪاس جي
ڌرتي گهڻو درياءَ کي ويجهو وئي
ان ۾ به ٻيڙي تري آڪاس جي
ٿڪجي پيو آهيان گهڻو منهنجا خدا!
لاهي رکان ڪاٿي پري آڪاش جي-اياز جاني
هنن سٽن جو سرجهڻار اياز جاني هر سٽ ۾ مٽيءَ جي خوشبو جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو۽ بلڪل ٻهراڙي ۾ ڳالهائي ويندڙ نج ٻولي ۽ ٻولن وانگر ٻهڪندي اڳتي وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو.
زيتون جي ٽاري نه هئي ڳيرو نه هو
واسينگ ها، ڪو مور جو ٻيرو نه هو
ان ننڊ ۾ مو لئه ڪراچي تنگ هئي
جنهن جاڳ ۾ منجهند نئو ديرو نه هو
يا اياز جاني هن نموني به چوي ٿو ته:
ڪير چوي ٿو سج ئي اڀرو
ٽانڊاڻو ٿئي ڪو، ٽڙندي جاڳرتا
هٿ ڪڙين کي چمڪندي اپ ۾
پکين کي ڏسجو ٽڙندي جاڳرتا
گڏجي ٽهڪ پکيڙيو چڙندؤ
خوشبو جو رستو
آهي جو اوندهه ۾
جيئن جو جذبو ٽرندي جاڳرتا
مطلب ته اياز جاني دراصل پنهنجي شاعريءَ ۾ جاڳرتا جا نوان رستا نون شاعرن لاءِ پاڻ ئي جوڙيا جنهن ۾ به سندس ٻولي تي غضب جي پڪڙ هئي.
اياز جاني سنڌ جي ڪوڪ ههڙي نموني به شاعري ۾ ڪندي نظريو:
پنهنجي جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نڪري وئي
ٿي ويو هل ڳوٺ ۾
شينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نظر مان ڪٿي
تهمتن جي رات ۾
ڏينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ
ڪو ٿريلو عشق هو
مينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ
اياز جاني سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رهندي ڳوٺ جي ٿڌڙين هوائن کي نه وساريو ۽ نه ئي ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين پنهنجي ڳوٺ ۽ ماڻهن کان منهن مٽايو.
محبت تون ڪٿي آهين
ڀلا خوش رهه جٿي آهين
ڪراچي ۾ ته دهشت آ
اتي ترسڻ نه ٿي چاهين
ڀلا خوش رهه جٿي آهين
وچان نڪري نئين ديري
اتي پيرا پئي ڊاهين
ڀلا خوش رهه جٿي آهين
اياز جاني 4 آڪٽوبر 1967ع ۾  لاڙڪاڻي جي رحمت پور پاڙي ۾ قربان علي ميمڻ جي گھر ۾ اکيون کوليون. اياز جاني جو اصل نالو اياز حسين هو. حساس دل جي قربائتي شاعر اياز جاني پرائمري جي سبق کان مئٽرڪ تائين جي تعليم نئون ديرو ۾ حاصل ڪئي.اياز جاني 6 جون تي 49 سالن جي ڄمار ۾ ساهه جي تڪليف سبب پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اياز جاني شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ٽيليفون کاتي ۾ نوڪري ملڻ بعد ڪراچي ۾ رهڻ لڳو.
  2014 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان ليڪچرر شپ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج نئون ديرو ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. اياز جاني 1983ع ۾ نيئن ديري ۾ ٻارڙن جي ادبي سنگت جو بنياد وڌو.تنهن کان پوءِ  گهايل ادبي سنگت، آثم ادبي سنگت ۽  سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو سان 1986 تائين  واڳيل رهيو.
اياز جاني ماهوار مئگزين سارس ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر، ماهوار همرڄو ۾ ايڊيشن طور۽ ماهوار لهرون ۾  پڻ ڪم  ڪيو.اياز جاني جي شاعري  سنڌ جي مختلف ڪلاڪارن حنيف لاشاري، استاد غفورسومرو،  حميد راڄپر ۽ ٻين پڻ ڳائي.
اياز جاني جي سندس شاعري جو مجموعو  “دراوڙ دل جي تنهائي” ڪتاب جي مهورت  تازو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾  ڪرائي وئي هئي.جيڪو جديد دور جي خوبصورت غزل جي عڪاسي ڪري ٿو.جنهن تي کيس مختلف شاعرن،اديبن ڀرپور مڃتا ڏني هئي. سندس غزلن جو مجموعو “پن ڇڻ جا  پل پٿر” پڻ ڇپجي چڪو آهي.
اياز جاني مختلف صنفن ۾  بهترين شاعري ڪري خوب نالو ۽ شهرت ڪمائي. اياز جاني جديدسنڌي  غزل ۽ وائي جو بهترين شاعر هو. اياز جاني کي سنڌ جي ناميارن شاعرن طور سڃاتو ويندو.
اڄ جڏهن اياز جاني اسان وٽ جسماني طور تي موجود نه آهي پر سندس لکڻين ۽ ملڻ جلڻ جي قربائتي انداز ۽ نوجوانن کي همٿائڻ واري ڪردار کي نه ٿو وساري سگهجي. ۽ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر  تي سنڌ سدا ناز ڪندي رهندي ۽ ڪيل تخليقي ڪم، حسين شاعريءَ، سنڌ جي عاشق طور کيس هميشه ياد رکيو ويندو.
فنا جو سڏ ٿو گونجي،
اسان جي سڏ وراڻي آ،
چڳو بس موڪلاڻي آ. (جاني)


07-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

No comments:

Post a Comment