Tuesday 2 May 2017

الله ڏنو خاصخيلي: سر ۽ سنگيت جي آواز جو وڇوڙو

الله ڏنو خاصخيلي: سر ۽ سنگيت جي آواز جو وڇوڙو
اصغر ناريجو
رات سحري وقت موبائل تي  دوست جو ميسيج آيو ته ڏک جي خبر سنڌ جي سريلي ساز۽ سنگيت جو آواز  الهڏنو خاصخيلي ٽڊوالهيار بائي پاس وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻوڪري ويو. الهڏني خاصخيلي جو نالو ٻڌندي ئي منهنجي ذهن ۾ تصور جڙي آيو “جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون”  ڳائيندڙ آواز اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. هاڻ اسان عوامي راڳي جي مٺڙي آواز لاءِ به سڪندا سين جنهن جي گائڪي جي سٽ سٽ ۾ سنڌ جي ماروئڙن جو درد سمايل هو، جن جي ترجماني ڪلامن جون هي  سٽون آهن:
ڪالھ به پٽڙا ڪُٺا ويرين ويل ڪيا
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
هن دل ۾ سڄڻ ارمان لکين آهن
پورا نه ٿيا پئيمان لکين آهن
پنهنجي ماڻيٺي آواز ۾ جڏهن اهو ساز ۽ سرندي تي هي ڪلام  ڳائيندو هو ته:
انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گهران مان،
هڪ وار وري سولي سجائڻ ٿو گهران مان.
ته ماڻهو داد ڏيندي نه ٿڪبا هئا. وري وري اهو ڪلام ڳائڻ جي فرمائش ڪندا هيس.  ڪوئل جي ڪوڪ جهڙي مٺڙي آواز جو مالڪ، سوز ۽ سنگيت جي سريلي آواز جو بادشاھ الهڏنو خاصخيلي سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پر جيسين سر سلامت رهندا، سنگيت جا پرچارڪ رهندا ته البيلي آواز جو طلسم سماعتن ۾ سرهاڻ بخشيندو رهندو.
چيو ويندو آهي ته موسيقي روح جي غذا آهي پر ڪنهن ڪنهن راڳي جو آواز ان جو ساھ هوندو آهي ۽ اها سڀ الهڏني خاصخيلي تي قدرت جي ڏات هئي. هو جڏهن ڪو ڪلام ڳائيندو هو محفل ۾ ڄڻ ته ساھ سموئڻ لڳندو هو، بلڪل ڪنور ڀڳت جهڙو، احساس ۽ اتساھ جهڙو فنڪار، طبيعت ۾ به پنهنجي ٻولن جهڙو ٻهڪندڙ هو ۽ سنڌ جي ماڻهو کي مان ۽ محبتون ڏيڻ سندس سڀاءُ هو.
هو پنهنجي حياتي ۾ ٻين حادثن کي ته مات ڏئي ويو. پر ان بد نصيب ۽ ڪاري رات ۾ ٽرالر سان ڪار ٽڪرجڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو. هن دردناڪ حادثي ۾ سنڌ کان وڇڙي ويل ناليواري فنڪار الهڏني خاصخيلي جو جنم  25 -جنوري 1966ع تي، ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ استاد علي محمد خاصخيلي جي گهر ۾ ٿيو .سندس وجود کان گهڻو اڳ ٺٽي ۾ راڳ عام هو ۽ سکڻ توڙي سيکارڻ لاءِ راڳي آتا هوندا هئا. تن ئي ڏهاڙن ۾ الهڏني راڳ جي سکيا پنهنجي والد استاد علي محمد خاصخيلي کان وٺڻ شروع ڪئي، جنهن کانپوءِ استاد محمد جمن جو شاگرد ٿيو. الهڏني خاصخيلي جي تعليمي قابليت ايم. اي ۽ بي. ايڊ هئي ۽ هو راڳ سان گڏوگڏ گورنمينٽ پي. سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾استاد طور خدمتون به سرانجام ڏيندو رهيو. سنڌ جي سدا ملوڪ، ٻهڪڻي فنڪار جي قابليت ڏسي ريڊيو تي کيس نصير مرزا متعارف ڪرايو ۽ الهڏني خاصخيلي پنهنجو پهريون غزل،  
آءَ جو حال ٻڌايان ته گنهگار ٿيان
جي ڪجھ تو کان لڪايان ته گنهگار ٿيان
ڳايو ته سڄي سنڌ ۾ ان غزل جي هاڪ مچي ويس. الهڏنو خاصخيلي جيتوڻيڪ راڳ جي هڪ استاد گهراڻي ۾ پرورش حاصل ڪئي پر پنهنجي انفرادي لياقتن ڪري پنهنجي استاد والد سميت پنهنجي ٽهي جي ناليوارن راڳين ۾ نالو شمار ڪرايو ۽ سنڌ ۾ ٽن ڏهاڪن تائين پنهنجي آواز جو جادو جڳايو. الهڏني خاصخيلي کي اهو به اعزاز حاصل رهيو ته سنڌي عوام جيجي زرينه بلوچ، منظور سخيراڻي، علڻ فقير، سرمد سنڌي مائي ڀاڳي وانگر کيس به عوامي فنڪار جو اعزاز ڏنو. عوامي ميڙاڪن ۾ مقبول فنڪار سڀ کان اول فنڪار شيخ اياز جو ڪلام “سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي” ڳايو جنهن کي پوءِ پوري سنڌ توڙي هند جي چونڊ فنڪارن ڳايو پر الهڏني جيتري موٽ ڪنهن کي به نه ملي جڏهن ته الهڏنو خاصخيلي سنڌ جي ٻين ڀلوڙ شاعرن امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، تاجل بيوس، غلام حسين رنگريز، سرويچ سجاولي، استاد بخاري ۽ ٻين شاعرن کي به ڳايو ۽ داد حاصل ڪيو.
الهڏني خاصخيلي اڪيلي سر به ڳايو ته  جوڙ ۾ پنهنجن ڀائرن محبوب علي خاصخيلي، ظفر علي ۽ استاد سومار سان به ڳايو. جڏهن سرويچ سجاولي جو هي گيت
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ڳڀرو اچن ڳاٽن سان جت ۽ ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گهوٽيا گهمن گهاٽن سان جت ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪُن،
ڇا پُت بدن جون بيهڪون، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪون ۽ ٽِڪُون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مهراڻ جون
جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون،
ڳائيندو هو ته محفل به مهراڻ جي ڇولين جيان ڇلندي هئي، جڏهن ته ان گيت کان پوءِ کيس انقلابي ڳائڻي جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو.
ٺٽي مان ڪوئل جي مٺن ٻولن جهڙي فنڪار پوري سنڌ ۾ پنهنجي آواز جا رنگ چٽيا ۽ وڏي ڳالھ هيءَ ته هن پهرين شاعري کي سمجهيو ان کانپوءِ ڳايو ۽ ان سموري مرحلي ۾ سندس شاعري جي چونڊ ۾ ٻانهن ٻيلي سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ليکڪ غلام حسين رنگريز رهيو.
الهڏني خاصخيلي جا هونئن ته ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا پر مٿين ڪلامن سميت خاص طور
ماڻهوءَ موتي داڻا هئا،
ڦاسيءَ جي جهوليءَ ۾ هن کي ننڊ اچي وئي.
رات جا تارا چون ٿا ته تون نه ايندينءَ تون نه ايندينءَ.
رات جو پهر پويون ٿيو تون نه آئين در کليو ئي رهيو.
۽ ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪوئي ته تماچي اچڻو آ.  خاص مقبوليت حاصل ڪئي.
سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ پڻ موجود آهن ۽ فني خدمتن عيوض کيس حسن ڪارگردگي ايوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ پڻ مليا.
سريلا فنڪار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت مِڙني ئي راڳ جي صنفن تي پڪڙ رکي آفاقي آواز سان عوام جي دلين ۾ محبتن جو گهر اڏيندا آهن اهڙن ئي مڌر آواز وارن جي سٿ ۾ الهڏنو خاصخيلي جو نالو هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو.جنهن کي سنڌ واسي هميشه ياد رکندا ۽ ناز ڪندا.
اياز جاني جي بي وقتي موت سان گڏوگڏ الهڏني خاصخيلي جي حادثاتي موت سنڌ سان  ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڀلوڙ، سهڻا سٻاجهڙا ۽ تخليقار ڪڻو ڪڻو ٿي سنڌ ڌرتيءَ کي الوداع چوندا پيا وڃن.
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
جڏهن شام جو جام خالي نه هيو
رات رم جهم هئي، تنهنجي ساهن جهيڻن سرن سان سُتل
منهنجي بستر تي منڪر ڪا موسم هئي ،
تنهنجي ڪَجيلين اکين جي ڪنارن مٿي ،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي لڳي ئي لڳي ،
ها! انهي کان اڳي مان هليو ڇو ويس
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس! (آڪاش)


25-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

No comments:

Post a Comment