Sunday, 24 December 2017

قائد اعظم جو 141هون جنم ڏهاڙو

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو اڄ 141 هون جنم ڏهاڙو  پوري ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
برصغير جي مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد وطن ڏيڻ وارو ۽ اقبال جي خيالن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻ واري ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي.
25 ڊسمبر 1876ع ۾ ڪراچي ۾ جناح پونجا خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد علي جناح مسلمانن جي قيادت ڪندي گڏيل هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ رياست پاڪستان جو وجود آندو.
هن ابتدائي تعليم جي شروعات 1882ع ۾ ڪراچي ۾ ڪئي. قائد اعظم 1893ع  ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلستان روانو ٿيو، جتان هن 1896ع ۾ بيرسٽري جو امتحان پاس ڪيو .
قائد اعظم پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪانگريس ۾ شموليت سان ڪئي.
، پر ڪجھه عرصي بعد هن کي احساس ٿيو تھ ڪانگريس صرف هندن جي اڳواڻن جي جماعت آهي جتي مسلمانن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو آهي.
1913 ۾ هن مسلمانن جي هڪ اڳواڻ جماعت آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اتان کان ئي الڳ وطن جي باقاعدا تحريڪ جو آغاز ڪيو.
قائد اعظم محمد علي جناح 1913ع کان وٺي پاڪستان جي آزادي 14 آگسٽ 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو.
محمد علي جناح 1918ع ۾ امير پارسي گهراڻي جي  مريم جناح سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي دينا واڊيا 15 آگسٽ 1919ع تي ڄائي.
قائد اعظم 1929ع ۾ موتي لعل نهرو کي نهرو رپورٽ جي جواب ۾ پنهنجا مشهور 14 نقطا پيش ڪيا. جن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي مسئلن جو حل تجويز ڪيو ويو.
جنهن بعد هن لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنسن ۾ هندستان جي مسلمانن جي نمائندگي ڪئي . پر ڪجهه عرصي لاءِ سياست تان دل کٽي ٿيڻ ڪري انگلستان ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
پر جڏهن هندستان جي مسلمانن کيس قيادت لاءِ آواز ڏنو ته هن وطن واپس اچي جدوجهد ڪئي.
1940ع ۾ قائد اعظم جي صدارت ۾لاهور ۾ تاريخي پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ويو.  
آخرڪار ان جي جھدوجھد رنگ لاٿو ۽ 14 آگسٽ 1947ع ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين مسلم رياست پاڪستان جو اضافو ٿيو.
قائد اعّظم پاڪستان جي وجود کان وفات تائين ملڪ جو پهريون گورنر جنرل رهيو ۽ پاڪستان  11 سيپٽمبر 1948ع تي عظيم اڳواڻ جي قيادت کان هميشهه لاءِ محروم ٿي ويو.


Thursday, 12 October 2017

استاد نصرت فتح علي کي 69هين جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا Tribute to usttad nusrat fateh ali

استاد نصرت فتح علي کي 69هين جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا  
قوالي جي فن کي دنيا ۾متعارف ڪرائيندڙ عظيم قوال نصرت فتح علي خان جو اڄ 69 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
 نصرت فتح علي خان 13 آڪٽومبر 1948ع ۾ فيصل آباد جي قوال گهراڻي استاد فتح علي خان جي گهر ۾ جنم ورتو
نصرت فتح علي پهرين  پبلڪ پرفارمنس 1971ع ۾ والد محترم جي چهلم جي موقعي تي   16 سالن جي عمر  ۾ پيش ڪئي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نصرت فتح علي کي والد قوال نه پر ڊاڪٽر بڻائڻ چاهي پيو. نصرت فتح علي ڊاڪٽر ته نه بڻجي سگهيو پر ان جو شاندار آواز لکين ماڻهن جي دلين جو قرار بڻجي ويو.
قوالي جي شهنشاهه نصرت فتح علي خان جو آواز، ان جو انداز، چهري مٿان سنجيدگي جي تاثرات، موسيقي جو بهترين استعمال، لفظن جي شاندار روانگي اهي سڀ ڪجهه مداحن کي ڪنهن ٻي دنيا ۾ وٺي وڃڻ تي مجبور ڪندا آهن.
استاد نصرت فتح علي جي ”حق علي حق علي“  پهرين قوالي هئي جنهن کيس عالمي سطح تي متعارف ڪرايو .
استاد نصرت فتح علي خان دم مست قلندر مست، علي مولا علي، يه جو هلڪا هلڪا سرور هي، ميرا پيا گهر آيا، الله هو الله هو، ڪنا سوهنا تينون رب ني بنايا، آفرين آفرين ،ڪسي دا يار نا وڇڙي، محبت نهين ڪرنا، سايه بهي جب ساتهه چهوڙ جائه، تمهين دل لگي بهول جاني پڙيگي ۽ ميري زندگي جهڙا لازوال گيت ۽ قواليون پيش ڪيون.
  ليجنڊ گلوڪار نصرت فتح علي خان جي قوالين  جا 125 آڊيو البم رليز ٿيا جيڪي هڪ ورلڊ ريڪارڊ پڻ آهن
نصرت فتح علي بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ ۾ فن جو جادو جاڳائي قوالي کي مقبول بڻايو.
صوفي گلوڪار استاد نصرت فتح علي کي تمغه براءِ حسن ڪارگردگي، 1995ع ۾ يونيسڪو ميوزڪ ايوارڊ ، 1997ع ۾ گريمي ايوارڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.
صوفي گلوڪار ، امن ۽ پيار جو پيغام پهچائيندڙ  نصرت فتح علي خان 48سالن جي عمر ۾ 19 آگسٽ 1997ع تي لنڊن ۾ وفات ڪري ويو هو.
پر نصرت فتح علي خان اڄ به لکين دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.

اسڪرپٽ: اصغر ناريجو      13-10-2017 

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا
اصغر ناريجو 
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي پٽ مير مرتضيٰ جي اڄ ايڪهين ورسي ملهائي پئي وڃي.
 مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ انقلابي سوچ رکندڙ بهادر نوجوان هو ، هو آمريت خلاف کرو ڳالهائيدو ۽ کين للڪاريندو هو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو 18 سيپٽمبر 1954ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
 مير مرتضيٰ شروعاتي تعليم سينٽ ميري اڪيڊمي راولپنڊي مان پرائي، ۽ ڪراچي گرامر اسڪول مان او ليول جو امتحان   پاس ڪيو.
1972ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾  گريجوئيشن ۽ آڪسفورڊ مان ادب ۾ ماسٽرس ڪئي
5 جولائي 1977 تي  ضياالحق سندس والد چونڊيل وزيراعظم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو.تنهن وقت مير مرتضي ڀٽو المرتضي ٰ هائوس لاڙڪاڻي هليو ويو.
16 سيپٽمبر 1977 تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي فوج المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪيو ته هن ٻنهي ڀائرن کي پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
جنهن بعد هو والد خلاف ٻڌايل سزا تي عالمي طاقتن کي اعتماد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.
پر 4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو پنهنجي والد جي جنازي نماز ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيا..
سنڌ جي ارڏي پٽ  مير مرتضيٰ ڀٽو  انقلابي جدوجهد ضيا جي آمريتي دور ۾ شروع ڪئي ۽ 16 سال جلاوطن به رهيو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو پهرين شادي 11 آڪٽومبر 1980ع ۾ افغان عورت فوزيا سان ڪئي ، جنهن کي هن شاهنواز ڀٽو جي  فرانس ۾ موت بعد کيس طلاق ڏني . جنهن مان کيس هڪ نياڻي فاطمه ڀٽو ٿي.
ٻي شادي لبناني عورت غنويٰ  ڀٽو سان ڪيائين ، جنهن مان کيس  هڪ پٽ ذوالفقار جونيئر  ٿيو
پنهنجي ڀيڻ بينظير جي حڪومتي دور ۾ مير مرتضي ڀٽو 16 سال جلاوطني ڪاٽڻ بعد 3 نومبر 1993ع تي  ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو، جتي هزارين همدردن  سندس شاندار استقبال ڪيو ۽کيس ڪراچي ايئرپورٽ تي ئي گرفتار ڪيو ويو.
5 جون 1994ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
 مير مرتضيٰ پ پ شهيد ڀٽو نالي سياسي تنظيم ٺاهي پنهنجي ڀيڻ بينظير کان الڳ سياست جي شروعات ڪئي.
محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آئي پر ان اليڪشن دوران هن محترمه سان نطرياتي  اختلاف رکيا ۽ الڳ چونڊ وڙهي صوبائي سيٽ کٽي هئي.
اها 20 سيپٽمبر 1996ع جي بدنصيب رات هئي جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو يوسف ڳوٺ، سرجاڻِي ٽائون مان گڏجاڻي بعد پنهنجي ساٿين سان گڏ واپس پنهنجي گهر اچي رهيو هو ته 70 ڪلفٽن ويجهو اٺ وڳي ٽيهن منٽن ڌاري کيس پوليس وارن روڪيو، ان وقت اسٽريٽ لائيٽون به بند ڪيون ويون ۽ اچانڪ پوليس جي انڌاڌنڌ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي 6 ساٿين عاشق جتوئي، يار محمد بلوچ، سجاد حيدر، وجاهت حسين، ستار راڄپر ۽ رحيم بروهي سميت شهيد ٿي ويو.
 مير مرتضيٰ ڀٽو 45 منٽن تائين زخمي حالت ۾ بي يارو مددگار تڙپندو رهيو، جڏهن سندس خون گهڻو وهي چڪو هو ته هن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو۽ 42  سالن جي عمر شهادت جو جام پيتو.
 مير مرتضيٰ ڀٽوکي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ والد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ننڍي ڀاءُ شاهنواز ڀٽوجي ڀر ۾ هزارين محبت ڪندڙن جي آلين اکين سان دفنايو ويو.
اهڙي طرح شهيد ذوالفقار جي عدالتي قتل ۽ شاهنواز ڀٽي جي سازشي موت بعد هڪ ٻئي ڀٽي کي دردناڪ انجام سان قتل ڪيو ويو.
انقلابي اڳواڻ جو قتل ڪيس عدالتن ۾ هلندو رهيو پر ڪو اهڙو فيصلو نه آيو جنهن سان انصاف جي اميد روشن ٿئي. پر ان ڪارروائي ۾ حصووٺندڙ پوليس اهلڪارن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو جن ۾ واجد دراني کي آءِ جي سنڌ ۽ شعيب سڊل کي به آءِ جي سنڌ بڻايو ويو.

تاريخ ۽ عوام جي دلين ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي انقلابي سوچ سبب زندهه رهندو.

ڪشور ڪمار جي 30هين ورسي kishore kumaar

...................منزلي اپني جگه هي راستي اپني جگا................
پنهنجي آواز ذريعي هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ ڪشور ڪمار جي اڄ 30 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
ڪشور ڪمار، اڀاس ڪمار گنگولي جي نالي سان هڪ بنگالِي گھِراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ڪمجا لال گنگولي مڌيا پرديش جي کنڊوا نالي هِڪَ ننڍي شهر ۾ رهندڙ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ۽ پيشي جو وڪيل هو.
ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمارجي قدمن تي هليو ۽ بالِي ووڊ ۾ هڪ گائڪ طور پير رکڻ لاءِ ممبئي پهتو.
ڪشور ڪمار اداڪاريءَ کي ناپسند ڪندو هو ۽ بالي ووڊ جو مُکيه گائڪ بنجڻ جِي خواهش رکندو هو. پر سندس گائڪِي يا موسيقيءَ جِي ڪا به سکيا ورتل نه هئِي.
ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمار جي واسطن سان فلمي دنيا ۾ پير ته رکي ڇڏيو، مگر ابتدا ۾ سُٺو تاثر ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، پر اداڪاري جاري رکي جنهن سبب کيس پنهنجي فلمن ۾ ڳائڻ جو موقعو ملندو رهيو.
ڪشور ڪمار پنهنجي گائڪِيءَ ۾ پنهنجو نئون مخصوص انداز پيدا ڪيو، جيڪو رفي، مڪيش ۽ سهگل کان بلڪل الڳ هو.
......................ميري سپنو ڪي راني ڪب آئيگي تو...................
ڪشور ڪمار جو آواز اڪثر ڪري راجيش کنا ۽ اميتاڀ بچن تي گهڻو ميچ ڪندو هو جنهن سبب انهن ٻنهي اداڪارن تي ڪشمور ڪمار جا گهڻا گيت فلمايا ويا.
........................منزلين اپني جگا هي راستي اپني جگا....................
 1980ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪشور ڪمار ۽ اميتاڀ بچن درميان ڪا مس انڊراسٽينڊڱ ٿي وئي. ڪشور ڪمار ڪا فلم پروڊيوس ڪري رهيو هو، جنهن ۾ اميتاڀ (جيڪو تنهن وقت باليووڊ جو تمام وڏو هيرو بڻجي چڪو هو) کي مهمان اداڪار جي حيثيت ۾ اچڻو هو.
اميتاڀ شوٽنگ لاءِ آيو، پر ڪجھه منٽ ويهي، پنهنجي سيڪريٽري کي اهو چئي هليو ويو ته ڪشور ڪمار کي ٻڌائي ته هو فلم ۾ ڪم ڪو نه ڪندو. ان ڳالهه تي ڪشور ڪمار ڪافي ناراض ٿي ويو ۽ ڪڏهن به اميتاڀ لاءِ نه ڳائڻ جو فيصلو ڪيائين.
انيل ڪپور لاءِ سندس پهرين فلم وه سات دن جا گيت ڪشور ڪمار ڳايا. هن انيل ڪپور جي پهرين سپر هٽ فلم مسٽر انڊيا جا گيت پڻ ڳايا. انهن ٻنهي فلمن جي موسيقي لڪشميڪانت پياري لال ترتيب ڏني. 1987ع ۾ هن آر ڊي برمن جي فلم ساگي لاءِ ڪي انتهائي سٺا گيت ڳايا -- ساگر جيسي آنکون والي، ساگر ڪناري دل يه پڪاري، جيڪي جاويد اختر جا لکيل هئا.
................................ساگر جيسي آنکون والي ..................
................................ ساگر ڪناري دل يه پڪاري......................
ڪشور ڪمار کي ڪيترن ئي گيتن تي کيس فلم فيئر ايوارڊ مليا جن ۾ روپ تيرا مستا، دل ايسا ڪسي ني ميرا توڙا، کئي ڪي پان بنا رس والا، هزار راهين، پگ گهنگهرو بانڌ ميرا ناچي ٿي، اگر تم نا هوتي، منزلين اپني جگه ۽ ساگر ڪناري شامل آهن.
1987ع ۾ ڪشور ڪمار بالي ووڊ تان رٽائر ڪرڻ ۽ کنڊوا نالي ڳوٺ ۾ پنهنجا اباڻا کڪ وڃي وسائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هن آڪٽوبر 1987ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
....................وه مقدر ڪا سڪندر سيڊ..........................


noor jahan نور جهان جي 91هين سالگرهه

نور جهان جي 91هين سالگرهه
مين تيري سنگ ڪيسي چلون سجنا
تو سمندر هي مين ساحلون ڪي هوا
پنهنجي آواز ذريعي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين دلين تي راڄ ڪندڙ ملڪه ترنم نورجهان جي اڄ 91 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.
نورجهان جو اصل نالو الهه رکي هو ۽ هن 21 سيپٽمبر 1926ع ۾ پنجاب جي شهر قصور جي ڪوٽ مراد محلي ۾ جنم ورتو.
نورجهان سال 1935ع ۾ چائلڊ اسٽار طور ڪلڪتي ۾ ٺهيل فلم پنڊ دي ڪڙي ۾ ڪم ڪيو، جنهن بعد ڪجهه ٻين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ سال 1938ع ۾ لاهور آئي، جتي هن گل بڪاولي فلم ۾ اهم ڪردار نڀايو.
هن کي 1941ع ۾ موسيقار غلام حيدر کيس فلم خزانچي ۾ پلي بيڪ سنگر طور متعارف ڪرايو، جڏهن ته ساڳئي سال بمبئي ۾ ٺهيل فلم خاندان ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جيڪا ڪامياب ثابت ٿي.
 ان ئي فلم جي شوٽنگ دوران نورجهان ۽ هدايتڪار شوڪت رضوي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿيا، جنهن بعد ٻنهي شادي پڻ ڪئي.
سال 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد نورجهان پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فلم توڙي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڪم جاري رکيو.
نورجهان اٽڪل هڪ هزار فلمن لاءِ گيت رڪارڊ ڪرايا، جن مان ڪيترائي گانا اڄ به سندس مداحن کي ياد آهن.
سندس مشهور فلمن ۾ دوست، لال حويلي، نوڪر، انمول گهڙي، جگنو، ڪوئل، انتظار، انارڪلي ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.

ملڪه ترنم نورجهان سال 2000ع ۾ مداحن کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي، سندس آخري آرامگاهه ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي واري قبرستان ۾ آهي.

5 آڪٽومبر استادن جو عالمي ڏهاڙو World teachers day

5 آڪٽومبر استادن جو عالمي ڏهاڙو
5-10-2017

سنڌ سميت سموري دنيا ۾ اڄ استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي،

عالمي اداري يونيسيڪو 1994ع ۾ 5 آڪٽومبر کي استادن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.

هن سال استادن جو عالمي ڏهاڙو آزاديءَ ۾ تدريس استادن کي بااختيار بڻائڻ جي موضوع سان ملهايو پيو وڃي.
استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد معاشري ۾ استادن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ سندن اهميت بيان ڪرڻ پڻ آهي.
حقيقت ۾ استاد  هڪ معياري تعليم جي پهچ تائين تمام اثرائتي ۽ طاقتور قوت آهي.
استادن کي پيشوراڻي آزادي، آزادي ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ضروري گهرجن مان لطف اندوزڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن هو سکندڙن جي ضرورتن، حالتن ۽ اميدن تي پورو لهن.
ڪنهن به معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ استاد جو ڪردار هر دور ۾ اهم رهيو آهي. بدقسمتي سان سنڌ سميت ملڪ ۾ استاد کي جائز مقام ناهي ملي سگهيو.
يونيسڪو پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي  ته دنيا ۾ وڌنڌڙ بحران، تڪرار ۽ نااميدي ،اڀرندڙ تعصب ۽ تفاوت سمجهڻ سان گڏوگڏ بجيٽ ۾ پابندي جهڙا ٻيا عنصراستادن جي آزادي ۽ بااختيار بڻائڻ کي متاثر ڪري رهيا آهن.
يو آئي ايس اداري  موجب دنيا ۾ اعليٰ تربيت يافته استادن جي کوٽ آهي
يونيسڪو جي هڪ بيان موجب ته سال 2030 تائين عالمي پرائمري ۽ ثانوي تعليم جو مقصد ماڻڻ لاءِ هڪ اندازي موجب ملڪن  کي 69 ملين پرائمري ۽ ثانوي استادن جي ڀرتي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ سرڪار کي به گهرجي ته استادن جا جائزا مسئلا حل ڪري سندن عظمت کي مان بخشيو وڃي.

استاد به پنهنجي حقن جي جدوجهد سان گڏ ذميواري نڀائڻ لاءِ به جدوجهد ڪن .  قوم جو مستقبل سنوارڻ ۾ استادن جو اهم ڪردار هوندو آهي ان لاءِ سنڌ جا استاد به سنڌ جي تعليم سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. .

Thursday, 25 May 2017

محافظ جي روپ ۾ قاتل پوليس اهلڪار killer police in shape of defender

محافظ جي روپ ۾ قاتل پوليس اهلڪار                 25-05-2017
http://dailyjeejal.com/e-paper/2017-5-25/news/page4/1%20(3).htm
اصغر ناريجو
سنڌ پوليس  جي بهادر اهلڪارن، عملدارن ۽ آفيسرن جي ڪارگردگي جي گڻن بابت سنڌ جي عوام کي چڱي ريت خبر آهي ته هو ڪيتري ضمير جي سچائي ۽ ايمانداري سان عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندا آهن.اهي پوليس وارا  ڪنهن به واقعي، واردات، يا  حادثي جي جاچ ڪيتري ضمير جي آواز تي سرانجام ڏيندا آهن.(صرف ڪالهه جون ئي اخبارون پڙهي ڏسو ته اوهان کي خبر پئجي ويندي ته هو پنهنجا فرض ڪهڙي نموني سرانجام ڏئي رهيا آهن). انهي سنڌ پوليس پنهنجي ڪردار جي ذريعي پنهنجو تعارف هن ريت مقبول ڪرائي ڇڏيو آهي . ملير کان ڏهرڪي تائين پوليس عوام جي تحفظ بجاءِ کين تشدد ڪرڻ، تذليل ڪرڻ ۽ مارڻ جو فرض نڀائي رهي آهي.
انسانيت سوز حرڪتون ڪرڻ ۽ قانون جي لتاڙ ڪرڻ:عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار قانون کي لتاڙي ماڻهن کي ماري ڇڏن ته پوءِ ان ديس جي عوام جي پوليس بابت ڪهڙي سوچ هوندي؟ ڏهرڪي ۾ اسپيشل پوليس جي اهلڪارن ڪمليش ڪمار جي موبائل دڪان تا ن چوري ءَ جي الزام ۾ گرفتار نوجوان عبدالرزاق لاڙڪ کي ٽارچر سيل ۾ واڙي تشدد ڪري ماري ڇڏيو. عبدالرزاق جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڪيلاش جو چوڻ هو ته هن مٿان وحشياڻو تشدد ٿيل آهي، جنهن سبب هن جي ڳاٽ جي هڏي، ڪرنگهي جي هڏي، ٻئي ڄنگهون ڀڳل هيون. جڏهن ته ڳچي ۽ چيلهه ۾ رسي جي نشانن سميت سڄي جسم تي سخت تشدد جا نشان مليا آهن. ڊاڪٽر موجب سندس موت جو سبب وحشياڻو تشدد ۽ ڳاٽ هڏي ڀڄي پوڻ آهي. جڏهن ته ڳچي تي موجود نشانن مان لڳي ٿو ته کيس گهٽا به ڏنا ويا آهن بي رحم پوليس اهلڪارن بقول سندن وارثن جي بااثر شخص افضل مهر جي چوڻ تي سندن جي نوجوان جو خون ڪيو آهي. مارجي ويل نوجوان ٽن ٻارن جو پيءُ هو. سنڌ پوليس جا اهلڪار قانون کي لتاڙي ماڻهن کي کنڀي تشدد ڪري کين ماري ڇڏڻ وارو ڪم ماضي کان ڪندا پيا اچن. اهڙن قتلن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي مثالي سزا ناهي ملي سگهي، جنهن سبب اهي آئي ڏينهن يا مهيني ڪنهن نه ڪنهن پورهيت، هاري، مزدور، شاگرد،ڊرائيور، دڪاندار توڙي سياسي ڪارڪن کي کنڀي تشدد ڪري ماري ڇڏيندا آهن. اهي مقتولن جي وارثن کي ڏمڪيون ڏئي زبردستي سرچاءُ ڪرائڻ تي مجبور ڪندا آهن.
ڪوڙن مقابلن ۾ ماڻهو مارڻ:جيئن 3 ڏينهن پهريان ڀرياسٽي پوليس مبينا ڪوڙي مقابلي ۾ نوشهروفيروز واسي نوجوان شفيع محمد سولنگي کي سخت تشدد ۾ مارڻ بعد گوليون هڻي ماري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان جي والد خان محمد سولنگي ۽ ڀاءُ رفيق موجب سندن نوجوان کي 14 ڏينهن اڳ پوليس نوشهروفيروز جي قائم ڪالوني مان کنڀي وئي هئي. جنهن بعد سخت تشدد ۾ ۾ مارڻ بعد گوليون هنيون ويون. نوجوان کي غسل ڏيڻ بعد خبر پئي ته شفيع محمد سولنگي جي پوري جسم تي تشدد جا نشان هئا، نڪ ۽ ڪنن مان رت وهي رهيو هو، پير سڳل هئا، جڏهن ته ڪنڌ پڻ ڀڳل هو. اهڙو ٻيو واقعو ميرخاص ۾ پيش ٿيو، ميرپورخاص ۾ پوليس مهينو اڳ گرفتار ٿيل نوجوان کي مقابلي ۾ ماري ڇڏيو. عدالتي حڪم تي سي آءِ اي انچارج، ايس ايڇ او، چئن پوليس اهلڪارن۽ ٻن اڻڃاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مارجي ويل نوجوان غلام حيدر عرف گلو مري جي امڙ ڪيس جي فريادڻ حضور زادي جو چوڻ هو ته مهينو اڳ پوليس سندن گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو۽ سندس پٽ کي کنڀي ويا، جنهن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي. ماڻهن کي گهران کنڀي ڪوڙن مقابلن ۾ مارڻ واري انسانيت سوز ڪڌي عادت پوليس مان ختم ڪير ڪندو؟ انهن پوليس اهلڪارن جو ضمير ۽ انسانيت وارو احساس ان وقت موڪلائي ويندو آهي جڏهن اهي بي گناهه، بي ڏوهه امڙين جي اولاد کي سندن گهرن مان کنڀي ڪوڙن مقابلن ۾ ماري ڇڏن.
پيسا نه ڏيڻ تان ٿاڻي ۾ ئي قتل ڪرڻ: ٽي ڏينهن اڳ ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي ۾ پوليس ڊرائيور علي محمد نوحاڻي کي ماري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان جي وارثن موجب علي محمد کي پوليس بيگناهه گرفتار ڪرڻ بعد لکين روپيا رشوت گهري. رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ مٿس تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.اهڙن واقعن ۾ پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ لاءِ سموري قوت استعمال ڪندي آهي.  جڏهن پوليس وارا به قانون کان مٿانهان قدم کڻي ماڻهن کي ماري ڇڏن ته پوءِ جهنگ وارن ماڻهن تي ڪهڙي معيار ڏجي. جن کي قانون جي بنه ڄاڻ نه هوندي آهي. پوليس اهلڪار ڌاڙيل جو روپ  اختيار ڪري ماڻهو مارڻ وارو ڪم ڪن ٿا.
عورتن تي تشدد ڪرڻ: اخلاق شناسي کان وانجهيل سنڌ پوليس جا اهلڪار سنڌ جي عورتن جي تذليل ڪرڻ ۾ شرم محسوس ناهن ڪندا. اهڙي ئي ڪريل حرڪت پوليس وارن  ميهڙ، مانجهند ۽ خيرپور ميرس ۾ به  ڪئي آهي. ميهڙ ويجهو ڳوٺ حسين ڏيپر تي پوليس جي وڏن اٽالن چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري 10 ڄڻن کي کنڀي وئي. پوليس جي زيادتي جو شڪار ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاج ڪيو.مانجهند لڳ مختلف ڳوٺن تي پوليس چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن کي تشدد نشانو بڻايو ۽ عورتن کي وارن کان وٺي گهلي تذليل ڪئي وئي. ڌرين ۾ زميني تڪرارن بعد به پوليس وارا ڳوٺن تي چڙهايون ڪري عورتن تي تشدد ڪندا آهن. سياسي ڀوتارن جي اشارن تي پورهيتن جي گهرن مان ميڙيل چونديل سامان لٽي سندن جي گهرن کي باهيون ڏيڻ ۾ به ڪا ڪهل نه ايندي اٿن. جن جو ذڪر اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو. جوابدارن جو عمارتون ڊاهڻ به پوليس جي کاٻي هٿ جي راند آهي.
پوليس خلاف عوام سراپا احتجاج: روزانو اخبارن جي صفحن تي اهڙيون خبرون پڻ هونديون جن ۾ اهو لکيو هوندو آهي ته پوليس ۽ بااثر شخصن جي زيادتين خلاف عوام سراپا احتجاج، پوليس جي ڏاڍين خلاف  ڳوٺاڻا توڙي شهري پڻ احتجاج ڪندا آهن.
سنڌ پوليس جو انقلابي قدم: ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ. سنڌ پوليس جي عملدارن هڪ انقلابي قدم کنيو آهي، کين فيصلا ڪرائڻ جو به ٽاسڪ ملي ويو آهي. ( جيئن ڪالهه جي هڪ اخبار موجب سوراهه پوليس جرڳائين ۽ متاثرن ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو، پوليس ايس ايس پي جي حڪم باوجود جرڳي جي جاچ نه ڪئي، الٽو جوابدارن کي هيسائي ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو).
سنڌ پوليس، سياسي پوليس: سنڌ پوليس کي سياسي پوليس جو مليل لقب به ڪافي مشهور آهي ۽ حقيقت به آهي ته سنڌ پوليس ۾ ڀرتي کان ويندي مقرريون توڙي بدليون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آهن. جنهن جو ذڪر آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پاڻ ڪري چڪو آهي. ايتري قدر سياسي انتقام جي بنياد تي پوليس ڪارروايون ڪرڻ ۾ به سٺا نمبر کڻندي ايندي آهي. چونڊيل نمائندن جي تابع تي به ڪم ڪندي رهي آهي. چونڊيل ڀوتار  جي اشاري تي ڪنهن کي گرفتار ڪري يا ڇڏي ڏي جهڙا به ڪم ڪرڻ ۾ وس ناهي گهٽائيندي.
مجرم بدران عيوضين کي گرفتار ڪرڻ:مجرم بدران عيوضين کي گرفتار ڪرڻ پوليس کي الائي ڪهڙي قانون تحت مليل آهي. ڪنهن به مجرم جي روپوشي واري حالت ۾ جوابدار کين هٿ ناهي ايندو ته هو سندس جي عزيزن کي عيوضي ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪندا آهن. ته جيئن جوابدار پوليس کي منهن ڏي. مجرمن کان وڌيڪ اهلڪار مجرم جي رشتيدارن کي ڌمڪيون ڏئي مختلف حربا استعمال ڪندا آهن.
ڍڪ حوالي مال ڪرڻ: مالوند ماروئڙن جي بي زبان جانورن کي ڍڪ حوالي ڪرڻ پوليس اهلڪارن جي روايت ۾ شامل آهي. جيئن احمدپور ويجهو ڳوٺ حاجي عبدالله ناريجي وارن جا 250 کان مٿي ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا آهن. مفتي عبدالرحمان، فوجي ميهر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پيرڳوٺ پوليس اٽالا ساڻ ڪري سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪري عورتن سان بدڪلامي بعد 250 مينهون  ڪاهي ويا آهن.
پوليس لاءِ اهي ڳالهيون به گردش ڪنديون رهنديون آهن ته پوليس شادي به کائي ته غمي به کائي، پوليس لاءِ جهڙا ساهرا تهڙا پيڪا، پوليس جو ڪم پيسي سان آهي، قانون سان ان جو ڇا وڃي؟ مردن ۽ عورتن تي تشدد ۽ تذليل ڪندڙ اهلڪارن کي سزا جو خوف ئي ناهي، جنهن سبب اهي هر آئي ڏينهن يا مهيني اهڙا واقعا ڪندا رهن ٿا. مظلوم مٿان دٻدٻو۽ قاتل جي ساٿاري بڻجڻ پوليس اهلڪارن جي ڪرت آهي. سنڌ پوليس ٻڌي ۽ ڇوڙي واور ڪم به علائقي جي چونڊيل نمائندي سميت مال کارائڻ واري جي چوڻ تي ڪندي آهي ۽ انهي ڪم لاءِ مليل ٻين پوليس آفيسرن جا حڪم سندن لاءِ ڪي حيثيت نٿا رکن.( جيئن مٿي سوراهه پوليس واري خبر جو ذڪر ٿيل آهي). پوليس اهلڪارن جي قانون جي لتاڙ ڏسي ۽ ٻڌي عوام جو پوليس کان اعتبار ئي کڄي ويوآهي. سنڌ پوليس پنهنجو وڃايل وقار لاءِ ڪهڙن بنيادن تي ڪهڙا قدم کڻندي اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.سنڌ پوليس جا اهلڪار محافظ جي روپ ۾ قاتل پوليس طور فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.
پوليس مارجي ويلن جي وارثن امڙين، ڀينرن ۽ اولاد کي آٿت ڪير ڏيندو. وارثن جون ڳوڙهن سان ڀريل اکيون ۽ دلين ۾ ماتم کي ڪير گهٽ ڪندو. مارجي ويلن جي وارثن سان صرف بيان ئي کين آٿت نه ڏيندا پر عملي قدم سندن جي دردن ۾ گهٽتائي آڻي سگهن ٿا،.مارجي ويلن جي وارثن کان وڌيڪ ڏک ڪنهن کي هوندو، اهي امڙيون ڀينرون ئي درد برداشت ڪن ٿيون.
آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه صاحب جي نوٽيسز بعد اهلڪارن جو معطليون ۽ سندن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ سان متاثر ڌرين کي انصاف ملي سگهندو؟ ان جو جواب ايندڙ وقت ڏيندو؟ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي گهرجي ته عوام آزار پوليس وارن خلاف مثالي ڪارروائي ڪري ته جيئن قاتل ۽ قتل ۾ ملوث اهلڪارن سميت تحفظ ڏيندڙ به بينقاب ٿي سگهن.