Wednesday 15 March 2017

why Alienation for Paradise ?

why Alienation for Paradise ?

اصغر ناريجو

بهشت لاءِ وَحِشتَ آخر ڇو؟  
مستن جي محفل،  سيوهاڻي سرڪار، دمان دم مست قلندر جي صدائن جي پهر ۾،عقيدتمندن ۽ پانڌيئڙن جا ڌمال وقت جهومندڙ ڪنڌ، ٻانهون مٿي ڪري اڀ ڏي آڱر کڻڻ واريءَ مهل،  مزار جي ڀرسان دعالاءِ کڄندڙ هٿن جي گهڙيءُ ۾، درگاهه جي ڪنڊ ۾ ٻار کي ٿڃ پيئاريندڙ امڙ،من جي مرادن جي پورائيءَ لاءِ سکان کڻي ايندڙن جي گڏجڻ واري پهر ۾، خلق جا ڏک کڻي ايندڙ، مسجدن ۽ مئخانن کي ڇڏي ايندڙ دنيا کان بي پرواهه ٿي مست قلندر جون صدائون بلند ڪندڙ ن جي ميڙ ۾، مزار جي احاطي ۾ هڪ جنوني ڦاٽي مري ٿو جيڪو پاڻ سان گڏ لعل قلندر کي رت سان لعل ڪري ويو، 90 انسانن کي به ماري هليو ويو ۽ سوين ٻين کي معذور، يتيم، لاوارث ڪري ويو، ونيءُ جو ور ماري ويو، گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ کي ماري ويو، ويڙها اجاڙي ويو، صوفي مزاج جو روح رکندڙ سنڌ کي تباهي ۽ بربادي وارا منظر ڏسي ويو. ڌماڪي کانپوءِ دونهون ۽ بدبوءِ پکڙيل هئي، مزار جي پاسن ۾ انساني عضوا وکريل هئا، زخمي رڙيون، دانهون ڪري رهيا هئا ۽ هزارن جي تعداد ۾ آيل زائرين سميت شهري پنهنجي پنهنجي پيارن جي دکدائڪ موت ۽ زخمين جي تڪليفن کي ڏسي دل ڌرتي ڌوڏيندڙ  واقعي جي ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويا.
شڪارپور امام بارگاهه تي بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن وانگي سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين کي صحت جي سهولتن جي کوٽ  ۽ ترت علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپڻو پيو ۽ تڙپندي تڙپندي مري ويا. اهي لاش سيوهڻ جي درگاهه مان صوفين جي روح واري سنڌ جي واهڻ وستين جا هئا، جنهن جي مرادن ، اميدن ، مست الست نعرن ، نسلن جو خون ڪيو ويو۔ ان صوفي روح جي اڱڻ کي رت ۾ ريٽو ڪري زخمي صوفي روح  بڻائي ڇڏيو. سيوهڻ سانحي جي شهيدن جا تڏا صرف نوري آباد، شهدادڪوٽ ،نئون ديرو جي گهثين ۾ نه ڪيا ويا پر روح روان صدين کان انهن مست قلندر جي نعرن جي پڪار وارن جي دلين ۾ وڇايل هئا.
سيوهڻ سانحو سيوهڻ جي تاريخ جو ئي نه پر ڪراچي کان پوءِ سموري سنڌ م اهو  ڀوائتو، خونريز، ۽ خطرناڪ واقعو آهي. جيڪو 90 انسانن جي اجل جو شڪار ثابت ٿيو. ( ان کان اڳ شڪارپور ۾ مسجد امام بارگاهه تي بم ڌماڪي ۾ 65 انسان حياتيون وڃائي چڪاهئا). ان کان پهرين  2005 کان سيوهڻ درگاهه تي ٿيل ڌماڪي سميت ملڪ جي 25 درگاهن تي آپگهاتي حملا ٿي چڪا آهن جتي پاڻ کي ڪل ايمان جي دعويٰ ڪندڙ انسان خونريز بڻجي معصوم، بي گناهه ماڻهن جو رت وهايو آهي.
مان ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هيو  ته سنڌي قوم سادي سودي قسم جي قوم آهي،الله رسول سان پيار ڪندر .پت پاراتي ۽ قبر جي عذاب کان ڊڄندڙ ،پيرن، فقيرن ۽ اوليائن کان اولاد، مدد ۽ چڱائي پنندڙ ،مسجد کي مسيت ڪوٺيندڙ ۽ مذهبي ڪتابن کي پوتين ۾ ويڙهي، اکين تي چمي رکندڙ، کجي جي لڏندڙ لامن ۽ کبڙن ۾ جن پري باسندڙ،محرم کي امامن جو مهينو، ۽ ربيع الاول کي عرس جومهينو ڪوٺيندڙ، امامن جي مهيني ۾ نياز ڪندڙ۽ محرم جي ڏهي تائين، گهر ۾ گانا وڃا.ڻ کان منع ڪندڙ يزيد، شمر ۽ معاوي جو نالو ڀلجي به ٻار تي نه رکندر بلڪه ڪنهن به ظالم کي يزيد ڪوٺيندڙ ، ڪنهن به هندويا سک سان ساڳي ٿانو ۾ کائڻ ۾ ڪو عار نه سمجهندڙ، سچل، ڀٽائي ۽ قلندر تي باسيون باسيندڙ، کين صوفي چئو يا سست چئو، بهرحال سندن مذهب ڏاڍو سولو ۽ سادو آهي. نماز پڙهن نه پڙهن، روزا رکن نه رکن، ان بابت هو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ بجاءِ ڌڻي ڏي جوابده، گهر ۾ ويلن تي ويٺل، پر پوءِ به حال احوال پڇبو ته وراڻي ملندي ته خدا جو شڪر.
اهڙي قسم جي مذهبي سوچ رکندڙ سنڌ جي علائقن مان مذهبي جنونيت جي پيروڪار گروهي فرقن ڪجهه سالن کان انتهاپسندي کي هٿي ڏئي مدرسن مان انسان دشمن ڪاررواين جون رٿا ڪري صوفين جي ڌرتي تي رت وهايو آهي. انهي راند ۾ جادو جو اثر ته ناهي پر غيبي قوتن جي ڀرجهلن ڪري سنڌ جي تصوف ۽ سيڪيولر ذهن کي مٽائڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو.
آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي برانچ سکر ، سيوهڻ سانحو ٿيڻ کانپوءِٰ ڪهڙا به انڪشاف ڪن پر اهي ڳالهيون شڪارپور امام بارگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي کان پوءِ ڪيون ويون ته اتر سنڌ جو شڪارپور، جيڪب آباد ۽ خيرپور دهشتگردي ۽ فرقيواريت جو مرڪز آهن.  حفيظ بروهي خيرپور جي جيلاني محلي ۾ واقع  مدرسي تعليم القران ۾ ڪيترائي ڀيرا گڏجاڻِون ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي زون ۾ دهشتگرد ڪاررواين لاءِ رٿا بندي ڪئي هئي. شڪارپور امام بارگاهه تي آپگهاتي ڌماڪو ڪندڙ پيرو بروهي، خانپور واقعو، حاجن شاه جي ماڙي تي ڌماڪو ڪندڙ، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي تي قاتلاڻو حملو ڪندڙن جو تعلق به ايس ايس پي شڪارپور ثاقب اسمائيل ميمڻ  ٻه سال اڳ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي ويو هو ته اتر سنڌ ۾ جيش السلام، لشڪر جهنگوي ۽ پنجابي طالبانن ڪاررواين لاءِ رٿا پنديون ڪرڻ جي تصديق مليون آهن. هاڻي ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي رهيو ته سنڌ ۾ طالباني ذهنيت رکندڙن کي تيار ڪيو ويو آهي ۽ آپگهاتي دهشتگرد به موجود آهن. آخر ڪهڙي جادو تحت سنڌ ۾ اهڙا انسان دشمن ، بهشت جي لالچ ۾ وهشت ڏيکارڻ جا ڪارندا تيار ڪيا ويا؟ شڪارپور سانحي کان پوءِ دهشتگردي ۾ ملوث مددگارن خلاف ڪجهه مددگارن جي گرفتاري کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته  کٿابين جي شڪل ۾ آپگهاتي بمبار تيار ڪندڙ مدرسن جي خلاف ڪارروائي ڪري تن جي فنڊنگ سميت، هلائيندڙن جي تهن تائين پهچجي ها. اهو نه ٿيڻ ڪري شڪارپور، خيرپور، جيڪب آباد جي مختلف مدرسن ۾ دهشتگرد کٿابين جي هجڻ جو تازو آءِ جي سنڌ انڪشاف ڪري چڪو آهي.
سنڌ مٿان مڙهيل جنگ جي خوني شڪل شڪارپور سانحي کان پوءِ چٽي ٿي بيٺي هئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ ۾ رتوڇاڻ جا واقعا وڌي ويندا ۽ سيوهڻ سانحي کانپوءِ مڙهيل جنگ جي خاتمي جو ردعمل سنڌي قوم سوڳ ڪري روڊن رستن تي نڪري ڪيو آهي. پر هاڻي امدادن تي هلندڙ پاليساز ادارن ۽ ڊالر، درهم هضم ڪندڙ حڪمرانن کي پاليسين کي انتهاپسندي ۽ طالبانيت تيار ڪندڙ سوچ جي خلاف موڙڻ گهرجي. دهشتگردن جي چيلهه ڄٻي ڪرڻ سان دهشتگردي عالمي اقتصادي امداد تي کٽڻ بجاءِ ضرب عضب جي آپريشن ۽ فوجي ڪورٽس کانپوءِ به واڌو نظر آئي آهي. دهشتگردن جي قتل سان دهشتگردي ختم ته ناهي ٿي.  نفرت واري نصاب جي خاتمي سان گڏ نفرت ۽ انتهاپسندي کي قتل ڪرڻ واري رٿ سرڪار جي پاليسي ۾ ناهي ته پوءِ هڪ هفتي ۾ 8 ڌماڪا، 200 جي لڳ ڀڳ انساني جانيون مارجي وينديون ۽ سوين زخمي ٿيندا رهندا. آخر ذهن ۾ اهو سوال کڙو ٿئي ٿو ته ڇا امن ۽ انصاف کي قائم رکڻ حڪومت ۽ رياست جي اختيار مان نڪري ويو آهي يا واقعي رياست ۽ حڪومت بارود جي بمن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي؟

No comments:

Post a Comment