Wednesday 15 March 2017

illiterate race of Pakistan

illiterate race of  Pakistan 
الف ب کان اڻواقف نسل  
اصغر ناريجو
هن ملڪ جي تعليم جي لٿل سج جي ثابتي تازو پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسڪ 2015_2016 جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چٽي طرح ڏسي سگهجي ٿي. رپورٽ موجب پاڪستان جا (5 کان 16 سالن جي عمر وارا ) 2 ڪروڙ 20 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر ۽ تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. وفاقي تعليم جي وزارت ۽ تعليمي منصوبابندي جي ايپام اڪيڊمي موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر وارن ٻارن جو تعداد 5 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسڪ جي رپورٽ موجب 2012ع ۾ تقريبن 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا ۽ ساڳئي ئي اداري جي 2014۽ 2015 جي گڏ پڌري ڪيل رپورٽ موجب 2 ڪروڙ 40 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا. اسڪول کان ٻاهر ٻارن ۾ ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪرين جو تعداد وڌيڪ آهي.جن ۾ 49 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 40 سيڪڙو ڇوڪرا بنيادي تعليم پرائڻ کان محروم آهن. افسوس جو اسان ملڪ جي ڪل ٻارن مان اڌ ٻارن کي بنيادي تعليم به مهيا نه ڪري رهيا آهيون۽ ڪيترائي ٻار پرائمري ۾ پڙهندي ئي اسڪول  ڇڏي ڇڏن ٿا.اها سڄي صورتحال ٻڌائي ٿي ته هيئنر اسان جي ملڪ اندر الف ب کان اڻواقف هڪ نسل تيار ٿي رهيو آهي.
تازي جاري ٿيل رپورٽ موجب ملڪ ۾ پرائمري سطح جي 21 سيڪڙو اسڪولن ۾ صرف هڪ استاد مقرر آهي جڏهن ته 14 سيڪڙو اسڪول هڪ ڪمري وارا آهن. 40 سيڪڙو اسڪولن ۾ بجلي جي سهولت ناهي، 28 سيڪڙو اسڪولن ۾ باٿ روم ناهي، 25 سيڪڙو اسڪولن کي چوديواري به ناهي  ۽ 29 سيڪڙو اسڪولن ۾ صاف پاڻي پيئڻ جا انتظام ناهن.وفاقي وزير تعليم تبليغ الرحمان موجب ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 2 لک سرڪاري اسڪول آهن، پر تنهن جي باوجود به 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ۽ جيڪڏهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪجي ته گهڻو ڌکيو نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته انهن اسڪولن جي ڪارگردگي اسان جي سامهون آهي. اهي اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن  ته پوءِ ڪير پنهنجي اولاد کي انهن اسڪولن ۾ داخلا وٺرائيندو؟ ترقيءَ ۽ تٿمير جون دعوائون ڪندڙ حڪومتن بنيادي تعليمي نظام کي ئي ان حالت تي اچي بيهاري ڇڏي آهي. جو هاڻ ته ان تي افسوس لاءِ لفظ افسوس به ننڍو محسوس ٿئي ٿو.اڄ تعليم کان محروم اهي ڪروڙين ٻار سڀاڻ ڇا ڪندا؟ ملڪ اندر انهن جي کپت ڇا هوندي؟
 اها سموري صورتحال ڏسڻ کان پوءِ اتي اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته معاشي مضبوط ۽  ٻن مٿن واري لٺ رکندڙ ڏاڍن جو اولاد ئي سٺي ۽ معياري تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو۽ سٺن ادارن ۾ پڙهي سگهي ٿو. غريب جا ٻار پرائمري تائين ئي تعليم حاصل ڪري سگهندا هئا سا هاڻ کين دستياب ناهي ۽ ائين تعليم جي حاصلات کان رهجي ويل ٻارن جو انگ اڄ ڪروڙن تائين پهتو آهي. اهي سوا ٻه ڪروڙ ٻار مستقبل ۾ ذهني عذابن ۾ پيڙهجي ريڙهي کان وٺي سرن جي ٻرندڙ بٺن ۾ پڃرندا، ڪارخانن ۾ رت ۽ ست ڏئي گهر جو چلهو ٻاريندا.
تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي. ٻارن کي تعليم پرائڻ جي ذميواري والدين سان گڏ رياست جي به آهي.پاڪستان جي آئين موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون 5 کان 16 سالن جي عمر وارن ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جون پابند آهن. حڪومت جي ناڪام تعليمي پاليسين ۽ نااهليءَ سبب  ملڪ جو مستصبل چورائيندڙ ٻارڙا تعليم جي حاصلات کان محروم آهن. جيڪا انتهائي افسوس ۽ شرمندگيءَ جي ڳالهه آهي. پاڪستاني آئين موجب رياست جهالت جو خاتمو ڪندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ عرصي ۾مفت ۽ لازمي ثانوي تعليم جو بندوبست ڪندي . فني ۽ پيشوراڻي تعليم تائين پهچ کي آسان بڻايوويندو۽ ميرٽ جي بنياد تي اعلي تعليم سڀني جي پهچ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
اسان کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ٻار مستقبل جا معمار هوندا آهن پر جڏهن 2 ڪروڙ 20 لک ٻارن جي پنهنجي ئي مستقبل تي سواليا نشان لڳل هجي ته ملڪ جي مستقبل جي معماري ڇا ٿي سگهندي؟ ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس 2015_16ع ۾ جاري ڪيل انگ اکر اها نشاندهي ڪري رهيا آهن ته اڄ جي جديد دور ۾ پاڪستان اندر هڪ اڻپڙهيل نسل تيار ٿي رهيو آهي، جنهن مان بهتر مستقبل جي ڪا به اميد نٿي رکي سگهجي.
جنهن ملڪ ۾ 5 کان 16 سالن جي عمر وارا ٻار تعليم نٿا حاصل ڪن، 70 سيڪڙو ٻار مئٽرڪ تائين تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي اسڪول ڇڏي ويندا هجن ته اڄ کان 12 ،14 سال بعد جو سوچجي ته اڄ جيڪو ٻار 12، 14 سالن جو آهي اهو 10 سالن کان پوءِ 22، 24 سالن جو ٿيندو۽ اسڪول نه ويو هجي ۽ نه ئي ٻي ڪا به تعليم هجي ته سوچيو ته ان جو مستقبل ڪهڙو هوندو. اسڪول نه ويندڙ اڄ جا ٻار زندگي ۾ٻين سان ڪهڙو مقابلوڪري سگهندا ؟ ان ملڪ جي عالمي سطح تي ڪهڙي  حيثيت هوندي جتي 2 ڪروڙ 20 لک ٻارن کي اڻپڙهيو پالي نپائي وڏو ڪجي؟
هڪ رپورٽ موجب سنڌ ۾ اسڪولن جو تعدا 46 هزارن کان وڌيڪ آهي، جن ۾ صرف ساڍا 10 هزار يعني 22.8 سيڪڙو شاگردن جي لاءِ آهن. انهن اسڪولن ۾ هڪ لک 44 هزار استاد مقرر آهن جن ۾ 44500 عورت استاد آهن.بدقسمتي سان 19500 اسڪولن ۾ هڪ استاد مقرر آهي. پنجاب ۾ اهڙن اسڪولن جو تعداد 5500 جي لڳ ڀڳ آهي. جڏهن ته ملي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪو به اهرو اسڪول ناهي جتي هڪ استاد مقرر هجي. بلوچستان جي 11 هزار پرائمري اسڪولن مان 50 سيڪڙو اسڪولن ۾ هڪ استاد مقرر آهي.
2014 ۽ 2015 جي هڪ جاري ڪيل رپورٽ موجب بلوچستان ۾ 70 سيڪڙو ٻار نٿا پڙهن، سنڌ ۾ 56 سيڪڙو ٻار تعليم کان محروم آهن، فاٽا ۾ 66 سيڪڙو ۽ گلگت بلتستان ۾ 60 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ پڙهندڙ ٻارن جو انگ وڌيڪ آهي.
2012ع ۾ تعليم جي بجيٽ 500 سو ارب هئي ۽ سال 2016_2017 جي تعليمي بجيٽ 800 ارب هوندي به  تعليمي ميدان جي صورتحال مٿي ڄاڻايل انگ اکرن مان ظاهر ٿي رهي آهي. تعليمي شعبي ۾ تباهي جو سبب بجيٽ جي کوٽ نه پر بجيٽ جو ناجائز استعمال ٿيڻ آهي. تعليم جي ترقي واري راهه ۾ سڀ کان اهم مسئلو وري به اچي وسيلن جي کوٽ تي بيهندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ انهن ملڪن ترقي ڪئي آهي،جن قومي پيداوار جو 4 سيڪڙو يا ان کان به وڌيڪ تعليم لاءِ مختص ڪيو. پاڪستان کي تعليم جي شعبي ۾ هدف حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي بجيٽ ۾ خاطرخواه اضافو ڪرڻو پوندو.انهن ٻارن جي تعليم جو بندوبست ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. جيڪا حڪومت ماچيس جي تيلين کان وٺي غريب کان 10 روپين جي چانهه پتي تي به ٽيڪس اوڳاڙي مَست اُٺ وانگر اوڳارا ڏئي هضم ڪري ٿي ڇڏي. حڪومت ئي بهتر ڪوششون ڪري زوال طرف وڌندڙ مستقبل جي معمارن جي زندگين کي حسين بڻائي سگهي ٿي ۽ ڪوري ڪاغذ جهڙو معصوم نسل مستقبل جي منزل حاصل ڪري سماج لاءِ روشني آڻي سگهي ٿو.



No comments:

Post a Comment