Wednesday 15 March 2017

Hinge on Education institutions in Sindh

Hinge on Education institutions in Sindh

تعليمي ادارن ۾ قبضن خلاف ايڪشن ..؟       اصغر ناريجو
جڏهن سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ذڪر ٿيندو آهي ته ان تعليم جو تباهي جو ذميوار سرڪار،رياست ۽ استادن کي ڄاڻايو ويندو آهي ته تعليم جو الھ تلھ رک ڪري ڇڏيو اٿئون.اتي بند پيل اسڪولن جو ذڪر ٿيندو آهي ته سنڌ صوبي ۾ پنج هزار کان مٿي اسڪول بند ٿيل آهن جنهن جو اعتراف سنڌ سرڪار پاڻ به ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي عمارتن تي وڏيرن جاگيردارن ۽ سياسي ڀوتارن قبضا ڪري پنهنجي ذاتي جاگيرسمجهي پنهنجون اوطاقون، واڙا ۽ گودام بڻائي ڇڏيا آهن وري زرداري سرڪار جڏهن کان اقتدار جي ڪرسي ولاري ويٺي ته ان به پنهنجا نوازي واري پاليسي  اختيار ڪري ايم اين ايز، ايم پي ايز ،سياستڪارن، جاگيردارن ۽ ڪامورن کي اسڪولن لاءِ عمارتون منظور ڪرائي ۽ مڪمل جلد ٺهرائي  انهن کان تحفي طور ڏنيون ويون ته جيئن اوهان وٽ اهو تصور جڙي حڪومت ڳوٺ ۽ علائقي وارن کي اسڪول ٺهرائي ڏنو آهي پر افسوس ته انهي اسڪول ۾ ٻار ناهن پڙهندا پر سياسي ڀوتار انهي اسڪول کي مهمانن جي لاءِ اوطاق بڻائي ڇڏيوآهي. جتي علم شعور حاصل ڪندڙ ٻارن کي  ان حقيقت جي حاصلات کان محروم رکيو ويو آهي. ڪجھ اهڙن تعليمي ادارن تي قبضن جي ٿيڻ باوجود به اسان جو سماج ان کان خبر هوندي به بي خبر رهندوآيو آهي جنهن  جي لاءِ هميشه اهو روايتي تاثر جوڙيو ويندو آهي ته اهي تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي لاءِ عمارتون انهن جي حوالي ڪيون ويون آهن. جيڪي امن امان جي صورتحال درسگاهن ۾ بهتر بڻائيندا. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي فورسز تحفظ لاءِ ڀلي هجن پر سيڪيورٽي جي نالي هاسٽلن،بلاڪس، گهرن، بنگلن ۽ آفيسن ۾ قبضو ڄمائي ويهڻ وارو عمل تعليم دوستي ناهي. سياسي کلاڙين جي قبضاخورن کان واقف ٿي هرڪو چڱي ڀلي وضاحت ڪندو آهي پر 1995 ع کان سنڌ ۾ مقرر ٿيل رينجرس تعليمي ادارن جي عمارتن،يونين آفيسن،هاسٽلن،آفيسن تي قبضا ڪري سيڪيورٽي صورتحال جي نالي تي پنهنجون ميٽروپولين سميت هر ننڍي وڏي شهر ۾ قبضا ڪري ڇڏيا آهن انهن کان ناواقف به ناهيون. رينجرس کي سنڌ ۾ امن امان کي بحال ۽ برقرار رکڻ ،سنڌ جي سرحدن جي رکوالي ڪرڻ ۽ سنڌ جي حدن اندر غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، ٻوڏ ۽ هنگامي صورتحال ۾ رليف ڪئمپون قائم  ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو. پر رينجرس انهن ڪمن کان وڌيڪ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن  جي عمارتن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن. جنهن سان سنڌ جي تعليم سيڪيورٽي جي نالي تباھ ٿي رهي آهي. انهن تعليمي ادارن ۾ هڪ طرف ماحول ۾ سانت آهي ته ٻئي طرف شاگرد هٿيارن جا پهرا ڏسي ذهني سڪون وڃائن ٿا جنهن جا اثرات جلدي ظاهر ناهن ٿيندا. تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي جي نالي عمارتن تي فورسز جا قبضا آهن تن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي يونين آفيس، مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، اين اي ڊي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، شاھ لطيف يونيورسٽي جي عمارتن کان سواءِ مختلف ڊگري ڪاليج جنهن ۾ حيدرآباد جي ڊگري ڪاليج،جيڪب آباد جي ڊگري ڪاليج،ڪنڌڪوٽ جي ڊگري ڪاليج، پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ مسلم ڪاليج حيدرآباد، اردو سائنس ڪاليج، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج،  ميڊيڪل ڪاليج،  ناظم آباد ڪمپيوٽر سائنس ڪاليج ڪراچي ،گهوٽڪي ۾ سمال انڊسٽريز ٽيڪنيڪل ڪاليج سميت مختلف هاسٽلن ميٺارام هاسٽل ڪراچي،دائود انجنيئرنگ هاسٽل جو هڪ مڪمل بلاڪ،ٽيڪنيڪل ڪاليج قاسم آباد جي مڪمل هاسٽل،ڪاري موري جي هاسٽل،لاڙڪاڻي جي نرسنگ هاسٽل،شڪارپور ۾ انڌن، گونگن ۽ ٻوڙن  جي اسڪول جي  هاسٽل کان سواءِ ڪنڌ ڪوٽ ڊگري ڪاليج پرنسپال جي رهائشگاھ ۽ ڪوٽڙي پي ٽي سي ڪاليج جي پرنسپال ۽ اسٽاف جا بنگلا ۽ ڪواٽر شامل آهن، ملڪ جي ٻئي ڪنهن صوبي  پنجاب،خيبرپختونخواه،بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ رينجرس ناهي پر سيڪيورٽي صورتحال ۽ نظام ته ملڪ ۾ ساڳئي آهي ،ملڪ به هڪ تعليمي ادارا به هڪ پر سنڌ جي تعليمي ادارن جي عمارتن تي هڪ پاسي کان جاگيردارن، سياستڪارن جا قبضا آهن ته ٻئي پاسي فورسز سنڌ جي تعليمي ادارن جي عمارتن، آفيسن، هاسٽلن،پرنسپال جي رهائشگاھ ،ملازمن جي بنگلن ڪوارٽرن تي رينجرس جا قبضا ڇوآهن؟ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ رينجرس کي ترسائڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ تعليمي ادارن کي ٿاڻن ۾ ڇو تبديل ڪيو ويو آهي؟ سنڌ حڪومت ۽ وفاق رينجرس کي ترسائڻ لاءِ متبادل رهائش ڇو نه ڏني سگهيا آهن؟ نالي ۾ عوام جي تحفظ جي ضامن پوليس به سنڌ جي تعليمي عمارتن تي قبضا ڄمائي بيٺڪون ڄمائي ڇڏيون آهن جن سان هڪ ته شاگرد رهائش لاءِ پريشان رهندا آهن ته ٻيو ڪلاسز،فرنيچر ۽ ڇانو جي کوٽ محسوس ڪندا آهن.
سنڌ جا تعليمي ادارا جهنگ يا ٻيلا ته ناهن جو فورسز کي تعليمي ادارن ۾ مقرر ڪري کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي  تعليمي ادارن ۾ ڌاڙيل يا دهشتگرد  ته نٿا رهن جو رينجرس کلي عام جيٿريون تاڻي بيٺي آهي. هاڻي ته ڪنهن به اداري جي مين گيٽ تي وي سي، عالم مفڪر، تاريخدان، تحقيقدان يا ڪنهن تعليمدان جو پورٽريٽ يا قول نظر نه ايندو ؟ جي نظر ايندا ته الرٽ  ٿيل اهلڪارجن کي ڏسي ائين محسوس ٿيندو ته ڪنهن نوگوايريا ۾ داخل ٿيا آهيون. تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي کانسواءِ،انتظامي ڪم ڪار به رينجرس جي تابع آهن جنهن جو مثال سنڌ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ شاگرد پاڻي جي کوٽ،بجلي جي لوڊشيڊنگ،انٽرنيٽ ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلن لاءِ ڪو احتجاج يا مظاهرو ٿيندو آهي ته انتظاميا پاڻ پهچي مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ کان ڪيٻائي اڳ ۾ فورسز کي اجازت ڏيندا آهن ته اوهان وڃي شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪري لاٺي چارج ڪري يا آسو گئس جا شيل هڻي شاگردن کي زخمي ڪري گرفتار ڪيوپر انهن جي سامهون انتظاميا پنهنجا چپ ائين ڀڪوڙي ڇڏيندي آهي جو سندن ڪو فطرتي  وات بند آهي جو ڳالهائي نه سگهندا آهنايتري قدر  نياڻن مٿان لاٺي چارج ڪن  يا انهن کي ڌمڪائن اهيو ته ڪنهن به قانون يا آئين ۾ به ناهي ۽ نه ئي ڪو اخلاقي جواز هجي جو نياڻين مٿان لاٺي چارچ ڪيو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾  اندر ڪو 144 قلم ته ناهي لاڳو ٿيل جو اتي فورسز کي تراسايو ويو آهي  ٻيو ته تعليمي ادارن ۾ رينجرس کي ترسائڻ جو ڪو قانوني يا آئيني جواز ئي موجود ناهي. رينجرس جي موجودگيءَ ۾ سنڌ جي مختلف ادارن ۾ شاگردن ۽ استادن جا قتل به ٿيل آهن.پوءِ سنڌ سرڪار انهي کي امن امان جي نالي عمارتن جي قبضا ڪرڻ جي اجازت ڪيئن ڏني آهي. خبر ناهي  سنڌ حڪومت جي ڪهڙي مجبوري ۽ لاچاري آهي  جورينجرس کي تعليمي ادارن ۾ ترسائي ڪري  ايترا اختيارڏنا آهن  جو ادارن  اندر مقرر ٿيل وي سي به انهن جي حڪمن تي هلندا آهي.
سنڌ حڪومت کي گهرجي ته تعليمي درسگاهن مان رينجرس کي ڪڍي ڪا متبادل جاءِ ڏني وڃين ته جيئن انهن ادارن  ڪاليجن ،هاسٽلن اندر ماضي جيان شاگرد رهي ڪري بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ رينجرس به رهائش جي مسئلي ڪري تعليم عمارتن تي قبضا نه ڪري سگهي.




No comments:

Post a Comment