Wednesday 15 March 2017

i could not forget sindh university #Asgharnarejo #jamshoro #Sindhuniversity

i could not forget sindh university
اصغر ناريجو
مون کان سنڌ ورسٽي نه وسري
اتر جون ٿڌڙيون هوائون سردي اچڻ جو سنيهو هونديون آهن، انهي سرد پن ڇڻ جي جدائيءَ واري موسم ۾ دلين مان هانوءَ به ڇڃي پوندا آهن. اڪثر چهرن تي اداسي پنهنجو گهر ٺاهي ڇڏيندي آهي. سرد موسم جو ڊسمبر مهينو فطرت طرفان ئي ڏک، وڇوڙا، سور صدما، زخم، ۽ الوداع کڻي ايندو آهي. الوداعي موسم جي سرد هوائن ۾ سنڌ جي مادر علمي سنڌ ورسٽي ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي فائنل ايئر جا گهمندڙ جوڙا هڪٻئي کان وڇڙي ويندا آهن . انهي ڊسمبر ۾ ”حسن جي هندوري“ واري شهر ۾  محبتن کي زوال ايندو آهي. وڇوڙي جو عمل پيڙائن وارو هوندو آهي حساس دل  وارن کي وڇوڙي جا گهاوءَ گهائي وجهندا آهن. اهي وڇوڙا دوستيءَ جي ميدان ۾ هجن يا عشق آتش جي اڻپوري داستان جا هجن ٻنهي ۾ جوان ذهنن کي ڌچڪو لڳندو آهي،  جنهن سان عشق جي منزل ۾ رڪاوٽ  پيدا ٿيندي آهي.
شال ڄامشوري جون ڇڙواڳ هوائون جڳ ۾ پيار ۽ پنهنجائپ پکيڙينديون رهن. هتي حسين شامون گذاريندڙ دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڇو نه هليو وڃي پر ڄامشوري جون هوائون هن جي من اندر ۾ پيون گهلنديون .
” هي حسين زندگي ائين گذري وئي ڄڻ ڪو خواب هو يا هوا ڪا خبر ئي نه پئي،“
جي سٽن  جيان جوڀن جا چار سال پٿريلي ڌرتي جي گسن تي دوستن سان گڏ ٽهڪن جي گونجار ۾، صبح سويري هاسٽل کان نڪري مهتابي مهڪندڙ چهرن جو درشن ڪندي، خوشبو تي واھ واھ ڪندي، هڪٻئي سان ٽوڪ مذاق ڪندي، ڪئنٽين تي گرم چانھ جا سِپ پيئندي، عشق، ادب ۽ سماجي نظرئين تي بحث ڪندي، حسن تي تکا تبصرا ڪندي، معصوم محبتن جا ويچار ونڊيندي، ڪلاس جي دائري ۾ ڏسندي، ڪاريڊور ۾ انتظار ڪندي، ڊپارٽمينٽ جي لان ۾ ڪچهريون ڪندي، نشيلي نيڻن جون راهون تڪيندي، پوائنٽ نڪرڻ وقت درشن جي خيال ۾ رهندي، هاسٽل کان باب السلام روڊ جا چڪر ڪٽيندي، جتي جوڙا شام جي پهر ۾ لان ۾ ويهي مرڪن جا محلات اڏين ٿا، هٿ هٿ ۾ ڏئي پيار پکيڙن، ڪتاب کولي ڪچهري ڪن، راھ ويندا خوش ٿين ته ڪي جيءَ ۾ جلن، پڪنڪ جي موج مستين ، اسٽڊي ٽوئر جي سفر ۽ جهڙالي موسم ۾ المنظر ڏانهن رُخ ڪندي، آچر جي ڏينهن حيدرآباد ويندي، دوستن سان هاسٽل تي راتيون اوجاڳن ۾ گذاريندي، جتي جنم ڏهاڙا ملهائڻ واريون يادگيريون،۽ محبوبه جي سوچ ۾ سگريٽ جا ڪش هڻندي گذري ويا.
يونيورسٽي جي دل آرٽس فئڪلٽي، حليم باغي جي  پيلي ديوارين  واري فارميسي کان وٺي پوري ورسٽي جي اندر نشيليون نگاهون قاتل ادائون، ڪاريهر جهڙن زلفن وارين جا ڏنگ ، مستقبل جا بهترين خواب سمائي ايندڙ ڪيترن ئي ڇڙواڳ ڇوڪرن کي گهايل ڪري ڇڏينديون آهن، جن جي تصور ۾ نصاب کان وڌيڪ نشيلي ڇوڪري ئي مرڪز هوندي آهي. ها ڇوڪرا صنف نازڪ جي زلفن سان ضعيف ٿين ٿا ته ڪن جا محبت ڪندي چار سال گذري وڃن ٿا، ،ڪنهن جو پياريءَ جي نانءُ پڪاريندي اڻ ڏٺئي جو عشق وانگر ڇوڪرا پنهنجي خيالن ۽ سوچن جو مرڪز هڪ چهري کي بڻائي ڇڏن ٿا.

چوٿين سال جي آخري سيمسٽر جا ڏهاڙا اچي پنهنجي پڄاڻي تي پهتا آهن.  آخري سال جو آخري ڪلاس ...، الوداعي ڳالهيون. سڀني جي چهرن تي اداسي گهر ڪري وئي هئي، سڀئي هڪٻئي ڏي حسرت ڀريل نگاهن سان نهاري رهيا هئا، شايد زبان سان ڳالهائڻ ڏکيو پئي لڳو، هرڪو نطرن سان ڳالهائي رهيو هئو،، پر نگاهن جي ٻولي سمجهڻ سولي ناهي هوندي، ۽ ان وقت سمجهڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه هيو،. لڙڪن سان ڀريل نگاهون، اداس نيڻن ۾ ملڻ جي حسرت .نيڻ ڀنل ، خوبصورت چهرن تي به اداسي ڇائنجي وئي هئي جن کي مون ڪڏهن به اداس نه ڏٺو هو.
شاگرد پنهنجي من ۾ اداسي جا گهر اڏي الوداعي پارٽي جي تيارين کان ويندي ،ڪمينٽس ڊي، ڪلچر ڊي، ڪريزي ڊي، ڪلر ڊي جهڙا ڏينهن ملهائي ورسٽي کان موڪلائن ٿا.!
ها اها سنڌ ورسٽي جتي مان 4 سال اڳ سال جي پهرين مهيني ۾ آيو هئس ۽ هاڻي سال جي آخري مهيني ۾ مادر علمي کان موڪلاڻي ڪرڻي ٿي پئي. ته وري ڪي چهرا من ۾ مرادون کڻي اچن ٿا  پر تن کي اهو معلوم ناهي هوندو ته گذريل ڊسمبر ۾ پاس ڪري ويندڙن جي دل تان ڇا گذريو هوندو.
ڪمينٽس ڊي تي دل جي ڊائري تان دوستن جي ڊائري تي لکڻ لاءِ ڪهڙا لفظ هوندا! ڪهڙن لقائن کي قلم جي نوڪ سان ڪاغذ تي اتارجي ! جن سان وڇوڙي جو بار هلڪو ٿي سگهي.
بي بها يادن جا خزانا سنڀالڻ ڏکيو ڪم آهي. انهن يادن کي وساري به نٿو سگهجي جيڪي اجنبي راهن ۾ اجنبي چهرن سان جڙيل آهن.
حسين چهرن کان الوداع، ڪئمپس ۾ خوشبو کان الوداع ، سندرين کان الوداع، هر دوست کان الوداع،  الوداع الوداع ڪنهن کان الوداع ... آخري ڊسمبر جي الوداع کان پوءِ ڪافي وقت  ذهن تي بيقراري، بيزاري  حاوي رهي ٿي، محسوس ائين پيو ٿئي ان ڏينهن کان زندگي بي معني ۽ بي مقصد ٿي پئي آهي، نه زندگي ۾ ڪو همدرد دوست آهي ۽ نه وري ڪو رشتيدار جنهن سان درد دل اوري ۽ دل تان بار هلڪو ڪري سگهجي.
منهنجي زندگي جا اهي چار سال شايد منهنجي زندگي جو مقصد هئا، ورسٽي کان الوداع کانپوءِ مان پاڻ وٽ ڪجھ نه سمجهيو ۽ ائين لڳو جيئن مان ڪنهن اداس سحرا جي برپٽ ۾ اڪيلو هجان جتان منهنجي پڪار جو آواز مان پاڻ به ٻڌي نه سگهندو هجان.



No comments:

Post a Comment