Tuesday, 2 May 2017

Condemns, demand and then ideal silent

مذمتون، مطالبا ۽ پوءِ مثالي ماٺار
اصغر ناريجو
اسان جي ملڪ اندر گهڻو وقت اڳ ڪجهه “نرسريون” قائم ڪيون ويون هيون، انهن نرسرين جو قيام اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هتي ڳالهه انگريزي ميڊيم اسڪولن جي “نرسري” ڪلاس جي نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها نرسري ته ڪي جي کان به پاڻ کي ڪراس نه ڪري سگهي آهي ۽ اڳتي نڪرڻ واري ڊوڙ ۾ ڪامياب نرسري نه آهي پر هڪڙي “نرسري” ٻه ٽي ڏهاڪا پهرين ڄائي هئي جنهن جهرجهنگ، جبل واهڻ وستي ۾ وائرس وانگر ڦهلجي، وڌي ويجهي جوان ٿي ۽ پوءِ پنهنجي پيرن تي پاڻ بيهي سگهڻ جهڙي ٿئي ته سڄي سموري ملڪ اندر ٻڙدڪ مچائي ڇڏيائين. جنهن گهر ۾ نپني نه تنهن در جو خيال، نه ئي ڪنهن جو به اهو خواب خيال هو ته اڳتي هلي اها ننڍين وڏين شاهي واٽن تي پِڙُ ڪڍي اسان سڀني کي اوڇنگارون ڏياريندي جيئندي جڙندي مانگر مڇ وانگر مچندي، اسان جي گهر جون ئي ڀتون اورانگهي، حدون ۽ سرحدون لتاڙي مخلوق کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجهي چيڀاٽڻ ۽ مارڻ لڳندي. هاڻ يقيني طور تي توهان سمجهي ويا هوندائو ته اسان ڪهڙي نرسري جي ڳالهه ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
انهيءَ “نرسري” ۾ ٿيندڙ پالنا جهڙي تهڙي نه هئي، رڪارڊ پالنا ٿي، جو سموري دنيا کي ڌوڏڻ واري ڊوڙ ۾ سندس نالو يهود و هنود پاران شايع ٿيندڙ رڪارڊ رکندڙ ڪتاب ۾ عالمي دهشت طور سندن نالو لکجي ويو ۽ “نمبر ون نرسري” جو تاج مٿي تي پائي بادشاھ ٿي ويٺي. انهن نرسرين جي پيداوار سلطنت لاءِ ماڪوڙن جو نه پر ماڻهن جو شڪار ڪرڻ جي تلاش ۾ هئي، جنهن پهرئين امتحان ۾ ئي دنيا جي وڏي بلاڪ جي مدد سان ٻئي وڏي بلاڪ کي ڌوڙ ڪري وڌو. تنهن کان پوءِ دنيا جي طاقت جي توازن هڪ نئين صورت اختيار ڪئي ۽ اڀري آيل واحد طاقت مٿن پنهنجي ڪرم جا سمورا دروازا کولي ڇڏيا پر ڪرم سان پالنا جي لوڏ تي جنهن جي هنج ۾ وڏي  ٿي تنهن جي به ڪڏهن لڄ نه ڪيائين. تربيت واري هوڏ تي “هنج وٺندڙ” هٿن کي ئي کائڻ لڳي. پنهنجي ئي گهرڀاتين کي ڪڻو ڪڻو ڪري چيرڻ لڳي تنهن کان پوءِ ڊزن، ٻه ڊزن پوءِ  ڪڻي جو انگ پنجاهه ۽ پوءِ هجومن تائين وڃي پهتو جتي اڻ ڳڻيا پنهنجا سندن ئي وحشتن جو شڪار ٿيندا رهيا. سندن ڪلورن وڏا وڏا واقعا ڪرڻ کان پوءِ ٻڌندڙ بيهوش ٿي پون، جيئرا جاڳندا پاڻ کڻائي اسپتالن تائين پهچي سُيون هڻائي گوريون کائي ٿڌا ساھ کڻي گهر پهچندا ۽ ڪي ويچاره ته ڪلهن تي گهر بدران خاموشين جي شهرن جا راهي ٿي ويندا هئا.
اها نرسري جيڪا اسان قائم ڪئي هئي سان سرحدون اڪري وڏي اڏار ڪري طاقتور کان طاقتور ٿي وئي. نرسري جو اهو ننڍڙو وجود جيئن ڏينهون ڏينهن ڦولارجندو ويو ته ڳالهه وڃي اتي دنگ ڪيو ته “پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب” ڇا ڪجي، پوءِ مجبور ٿي اسان به اکيون مهٽي اٿي کڙا ٿياسين جنهن کان پوءِ ڀلا ڍلا چونڊجي ويا ۽ هلڪي ڦلڪي ڪَنَ مَهِٽَ شروع ٿي.
مخلوق کي مارن پيا ته  اسان جا سياسي سورما، سرواڻ جاوا، گاوا سڀئي ڪاوڙ ۾ پِيلا ڳاڙها ٿي، اهڙا ته بيان ڪرڻ لڳا جوسماج ڪنن تي هٿ ڏئي ٻڌڻ لڳو، مرڻ لڳو. مخلوق اجتماعي پِٽڪو شروع ڪيو، ماتم ڪيو پر ڪنهن کي ڪا ڪهل  نه آئي، وحشتن واقعن، حادثن تي سرواڻن جا بيان به اخبارن ۾ فرنٽ پيج تي والار ڪري ويهي رهن. ٻن ٽن ڏهاڪن کان پنهنجين ئي نرسرين ۾ پليل جڏهن پنهنجن ئي هٿن مان نڪري ويا ته پوءِ سندن خلاف ڪاريون ڪاروايون شروع ٿيون. ڪجهه ڀڳا، ڪجھ مئا ته ڪي شهرن جو رُخ ڪري الوپ ٿي ويا يا الوپ ڪيا ويا. تن جي پڇ تي لت گهڻي ڀاڳي آئي آئون نٿو ڄاڻان پر توهان ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا. جڏهن پنهنجين نرسرين تي هٿ جي پڪڙ سخت ٿي ته نرسرين به پنهنجو رد عمل ڏيکاريندي قهري ڪاروايون جاري رکيون. لکن کي ماري،  مواڙ ٿيڻ باوجود به مخلوق کي مارڻ تان باز نه آيا.
گهڻا ئي جوان مارجي ويا پوءِ به سرواڻن جا بيان ساڳئا، تازو ٿورا ڏينهن اڳ عالمي شهرت رکندڙ مڙس ماري وڌائون. تنهن کان پوءِ ڇا ٿيو سڀ ڄاڻون ٿا پر مان ان تي نه ڳالهائيندس. پنهنجي ڳالھ ٻئي شروع ٿيل هئي پر پهتا اهڙي جاءِ تي آهيون نڪرڻ لاءِ ٿوري ٽٻي هڻڻي پوندي ته اچون ٿا ته تازي واقعي کان پوءِ ڏيهي پرڏيهي خودساخته جلاوطني اختيار ڪيل سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن مذمتن ۽ الزامن جي بيانن جي اهڙي ته ڀرمار ڪئي جو اليڪٽرانڪ نشريات وارا ادارا ئي پريشان ٿي وڃن ته اول ڪهڙي خبر بريڪ ڪيون!؟ پريس ڪانفرنسز جون اڍنگيون قطاورون لڳي وينديون آهن، ائين لڳندو آهي ڄڻ بينظير انڪم سپورٽ جا پيسا ڪڍرائڻ لاءِ اي ٽي ايم مشينن ٻاهران پنهنجي واري جي انتظار ڪندڙ قطارن ۾ بيٺل آهن. اهي سائين وارا ميڊيا جا مائيڪ آڏو الائي ڪهڙا ڪهڙا لفظ واچوڙي جي واڪي جيان اڏائيندا آهن، ساڳين لفظن کي مڱن وانگي ڏَري ڏري لفظن کي ٿڪائي وجهندا آهن. مقصد موقعي تي ڳالهائڻ بدران وڏيون هامون هڙندا آهن.
ڪي وري چوندا آهن ته اسان ته سندن چيلهون چٻيون ڪري ڇڏيون آهن. پوءِ ڇا ٿيندو آهي جو چٻي چيلھ وارا ريڙيون پائي ڍڍڙن تي هلي ڪاروايون ڪري رهيا آهن تن تي نظر ڪنهن جي نٿي پوي؟ اهي ڪٿي ٿا پلجن، انهن جا سهولتڪار ڪير آهن، ڪردن ۾ ڄاوا ۽ حملن ۾ سنڌ ۾ مارجي ويا اهي ڪهڙيءَ ريت ڪهڙا بارڊ اورانگهي هتي آيا، اُڀَ اڇليا ڌرتي جهليا، اهي جاوا، ڄاوا سمنڊ پار، پليا نپنيا بارڊر پار، حملا وري ٽئين هنڌ.
“ساڳئا لاٽون ساڳئا چگھ” واري ٽِڪ تي عمل پيرا بيان بُسُتان ساڳيا، ائين لڳندو آهي قديم روايت  ڪلهن تي کنيون ٿا اچن. جڏهن بار ٿڪائي ساڻو ڪندن ته وري ٿڌي ڇانو ۾ ويهي رهندا، سڀني کان سڀ ڪجھ وسري ويندو جيئن پرائمري ۾ مون جهڙن ٻارن کان سبق وسري ويندوهو، وري موقعي جو انتظار ڪندا آهن. اسٽيشن تي ريل جو انتظار ڪندڙ مسافرن جيان ڪنهن نئين اڻوندڙ واقعي جي انتظار م ويٺلن کي ڪير سمجهائي ته هاڻي مذمتن، پٽڻ پاراتن جو وقت گذري ويو آهي. وقت آهي ته مستقل رٿا جوڙڻ جيڪا اصل نقل  ۽ کار جي تفاوت کي ڇڏي جنهن جو به هٿ معصوم مخلوق کي مارڻ ۾ هجي ان کي ڇڪي پيڙي قدم ته گهڻا کنيا آهن انهن قدمن جو ساليانو نتيجو عالمي رپورٽون آهن ته ڇا ٿيو نه ٿيو يا ڪهڙو عمل آهي جيڪو ناهي ٿيو.

28-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

Gambat City Deprived from Public Library!

پبلڪ لائبريري کان محروم گمبٽ شهر!  
  اصغر ناريجو
“نالو وڏو شهر ويران” جي چوڻي اسان جي تعليمي ادارن تي به ٺهڪي ٿي جيترا تعليمي ادارا( پرائمري کان يونيورسٽي) تائين اوترا انهن جا مسئلا  جن کي حل ڪرڻ بجاءِ  سرڪار سُستي ڪري تن کان نظرون هٽائيندي رهي آهي. هر سال سنڌ سرڪار نوان اسڪول جوڙڻ جا اعلان ته ڪندي رهي آهي پر انهن کي مڪمل بنيادي سهولتون(چوديواري، پاڻي، باٿروم، سيڪيوٽي) فراهم ناهي ڪري سگهندي ۽ سرڪار توڙي تعليم جي وزارت کان بجيٽ ۾ شهرن ۾ پبلڪ لائبريري ٺهرائڻ جا اعلان وسري ويندا آهن. تعليمي ادارا نه هجڻ، بند هجڻ توڙي انهن ادارن ۾ پبلڪ لائبريري نه هجڻ لاءِ شهري احتجاج ڪندا آهن، ته ائين ئي گمبٽ ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ، نوجوانن، ۽ سماجي ڪارڪنن “گمبٽ شهر ۾ پبلڪ لائبريري ” نه هجڻ خلاف ڪجھ ڏينهن پهريان احتجاج ڪيو هو جيڪي ٻن سالن کان انهي اهم مسئلي تي احتجاج ڪندا رهيا آهن، انهي احتجاج جي خبر اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانسواءِ انهن کي ڪا موٽ ناهي ملي سگهي.
خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ جي آبادي اندازن  ٻه لک آهي جنهن ۾ 1915ع ۾ ميرن مراد هاءِ اسڪول ٺهرايو،1979ع ۾ گمبٽ ڪاليج ٺهي،1997ع ۾ گرلس ڪاليج گمبٽ جو قيام ٿيو، ان کان علاواه ايورشائين پبلڪ اسڪول، اقرا پبلڪ اسڪول ،مشعل ماڊل ۽ ٻيا  تعليمي ادارا مشهور آهن. جن ۾ تعلقي ڪوٽڏيجي، صوڀوديرو جا شاگرد داخلا وٺي تعليم جاري رکندا آهن. افسوس سان چئجي ٿو ته هيتري آبادي رکندڙ شهر  ايڪيهين صديءَ جي جديد دور ۾ جتي دنيا اندر ڊجيٽل لائبريريز جو ڄار وڇائجي رهيو آهي ته  اتي هي تعلقو پبلڪ لائبريري کان محروم آهي. ميونسپل گمبٽ جي آفيس ۾ مشرف واري ناظمي دور ۾ “خالد شيخ” پنهنجي ناظميءَ ۾ هڪ ڪمري ٻاهران “الخالد لائبريري” جي تختي لڳائي جتي رڳو اخبارون پهچايون وينديون هيون، جن جو خرچ ٽي ايم او آفيس ڀريندي هئي. انهي ڪمري جي لائبريري ۾ شاگرد پيپرن جي موسم يا عام ڏهاڙن ۾ پڙهندا هئا.پر اها لائبريري ٽي ايم اي شهريار کرل 3 مهينن کان بند ڪرائي ڇڏي آهي. جيڪو ايم پي اي نعيم کرل جو ڀائٽيو آهي ۽ پوئين حڪومت جي دور کان تعلقي گمبٽ جو ٽي ايم او آهي. اهڙي رَوِش خلاف گمبٽ جا شاگرد ٻن سالن کان چونڊيل نمائندن، پِيرَنِ شاهن۽ شيخن (خالد شيخ، لطيف شيخ ) ڏانهن پنڌ ڪري ٿڪجي پيا آهن ته  شهر واسين کي پبلڪ لائبريري جوڙائي ڏيو، تن جا به اهي واعدا ته “ٻن مهينن اندر يا ايندڙ بجيٽ ۾” گمبٽ لاءِ لائبريري منظور ڪرائينداسين تن جا واعداوفا اڄ ڏينهن تائين ناهن ٿيا، ويتر ستم ظريفي ته ڏسو  هڪ ڪمري واري لائبريري کي ٽن مهينن کان بند ڪري ڇڏيو اٿئون، جتي ملازم اچي ٿڪ ڀڄي هليا ويندا آهن. اهي به ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته 16_2015 جي بجيٽ ۾ لائبريريءِ  لاءِ 2 ڪروڙ  رکيا ويا جڪي نمائندن جي ملي ڀڳت سان هڙپ ٿي ويا!
ٻي ڳالھ ته سينيٽر مشاهد حسين گمبٽ جي پيرن جي پلاٽ ۾ پبلڪ لائبريري جوڙائي هئي، جنهن تي پيرن “ذاتي لائبريري ” جو چئي قبضو ڄمائي ويٺا آهن، جيڪا مڪمل عمارت ڪمرن ۽ هال سان لائبريري جي لاءِ آهي تنهن کي به پيرن تالا لڳرائي ڇڏيا آهن.انهي لائبريري جي عملي کي پگهار به سرڪاري خزاني مان ملندي آهي. 5 جون تي به شهرين گمبٽ ۾ پبلڪ لائبريري نه هجڻ خلاف پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو هو،پر چونڊيل نمائندن “ڪن لاٽار”  واري روايت تي عمل پيرا آهن. گمبٽ مان ٽيون ڀيرو  چونڊيل ايم پي اي نعيم کرل ۽ 2013 جي اليڪشن ۾ جاويد شاھ کان ايم اين اي جي سيٽ کٽيندڙ ڪاظم شاھ لڪياري به انهيءَ اهم گُهر تي ڌيان ناهي ڏنو.
ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته شهر ۾ جلد لائبريري جوڙائي ڏني وڃي ۽ قبضي هيٺ آيل لائبريري کي به پبلڪ لائبريري قرار ڏنو وڃي ته جيئن نوجوان نسل، شاگرد۽  شهري پنهنجو قيمتي وقت اجاين ڪمن ڪارين ۾ وڃائڻ بدران لائبريرين کي استعمال ڪري، ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪن ۽ اُهي اڳتي هلي ملڪ جي ترقي ۽ صحتمند معاشرو جوڙڻ ۾ پنهنجواهم ڪردار ادا ڪري سگهن.
    3 جون 2016 تي  جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

Saturday, 8 April 2017

Failed to protect children in the world.

http://dailyjeejal.com/e-paper/2017-3-28/news/page4/1%20(2).htm

ٻارن  کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام دنيا 
اصغر ناريجو
بدقسمتيءَ سان دنيا جا سمورا ملڪ ۽ سندن اڳواڻ گلاب جي گلن جهڙن معصوم ٻارن کي ملڪ ۾تحفظ ڏيڻ ۾ناڪام ٿي ويا آهن. دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي ٻارن کي مڪمل طور تحفظ هجي. دنيا جي 41 ملڪن ٻارن تي تشدد جي خاتمي واري سلسلي ۾ واِضع پابنديون ته لڳايون آهن، پر انهن ملڪن ۾ به ٻارن تي تشدد جي واقعن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ناهي آئي.امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ جي نالي به انسانيت سان کيڏيو وڃي ٿو. دنيا جي ملڪن ۾ جاري مڙهيل گهرو ويڙه، نسل پرستي، فرقي پرستي جي بنياد تي حملا، معدني وسيلن جي ڦرلث لاءِ اپنايل طريقن، طالبانن، ۽ داعش جي حملن سبب انسانيت جي نسل ڪشي جاري آهي.انهن ملڪن ۾ مردن، عورتن سان گڏ ٻارن کي به موت جي ابدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو. جن ۾هٿياربند توڙي قابض فورسز قهري ڪارروائيون ڪري جيءُ جهوريندڙ واقعن کي جنم ڏين ٿيون. ڊرون حملن، راڪيٽ ۽ فضائي حملن ۾ دهشتگردن کي ته نشانو بڻايو ويندو آهي پر انهن حملن ۾ عام شهري آبادي جي فردن کي به موت ڏي ڌڪيو وڃڻ جون به رپورٽون ٿينديون رهيون آهن. هڪ ماحولياتي گدلاڻ ۽ ٻيو بارود سبب به معصوم ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا. انهن ٻارن جي عمر ته جهولن ۾ ويهي لڏڻ، امڙ جي هنج ۾ ننڊ ڪرڻ، گهر جي اڱڻ ۾ کيڏڻ ، گهٽين ۾ همعصرن سان مٽي جا رانديڪا ٺاهي کيڏڻ جي هوندي آهي، اسڪول ۾ وڃڻ جي هوندي آهي پر انهي معصوم وجود کي موت جي منهن سمهاريو وڃي ٿو. دنيا جي ملڪن ۾ ٻارن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، انهن بابت ڏيهي توڙي پرڏيهي ملڪن جي تنظيمن جون رپورٽون هڪ درد ڀري ڪهاڻي بيان ڪن ٿيون.
پاڪستان ۾ به ٻارن جون حياتيون محفوظ ناهن، هلندڙ مهيني جي 3 مارچ تي خوراڪ بابت ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري پاڪستان جي منصوبابندي ۽ ترقي جي وزارت پاران گڏيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ساليانو هڪ لک 77 هزار کان وڌيڪ ٻار 5 سالن جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ئي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.جنهن جو سبب مائرون غذائي کوٽ جو شڪارهجڻ آهي. ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ڪروئل نمبرز جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ روزانو 11 ٻارن کي زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ادارو چوي ٿو ته 2016ع ۾ٻارن سان جنسي زيادتي سميت اغوا، گمشدگي ۽ جبري شادين جا 4139 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، اهو تعداد 2015ع جي مقابلي ۾ 10 سيڪڙو اضافي آهي. 2013ع ۾ مددگار نيشنل هيلپ لائين جي جاري ڪيل رپورٽ موجب سال جي پهرين 8 مهينن ۾ ٻارڙن سان مختلف ڏوهن جا 2033 واقعا رپورٽ ٿيا. انهن 8 مهينن ۾ 294 ٻار قتل، 293 ٻار اغوا ٿيا، 97 ٻارن کي کپايو ويو۽ 1155 ٻارن جي گمشدگي جا ڪيس داخل ٿيا. 234 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا.  ان کان علاوه پاڪستان ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي ۽ لاهور پارڪ سانحي سميت هزارين ٻار بم ڌماڪن، تشدد جي واقعن ۾ مارجي ويا آهن. ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب به گذريل ٻن ٽن سالن کان مرندڙ معصوم ٻارن جا واقعا به رپورٽ ٿيندا رهن ٿا.
تازو گڏيل قومن جي اداري يونيسف پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي آهي، ان رپورٽ موجب گذريل سال شام ۾ گهٽ ۾ گهٽ 652 ٻار اجل جو شڪار بڻيا،252 ٻار اسڪول يا اسڪول جي ويجهو ماريا ويا. اهو انگ 2015ع ۾ مارجي ويل ٻارن کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهي. يونيسيف جي رپورٽ موجب گذريل سال 850 ٻارن کي وڙهڻ لاءِ ڀرٿي ڪيو ويو( جڏهن ته گذريل سال ڏکڻ سوڍان ۾ 12 هزار ٻارن کي جنگجوئن يا فوج ڀرٿي ڪيو هو). اهو انگ 2012ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو آهي. افسوس شام ۾ 6 سالن کان هلندڙ گهرو ويڙهه ۾ 60 لک ٻار انساني بنياد تي ملندڙ امداد تي زندگي گذاري رهيا آهن. جن ۾ 23 لک ٻار ملڪ کان ٻاهر لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن ۽ 28 لک ٻار شام ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته شام ۾ گهرو يڙهه سبب هر ٽن اسڪولن مان هڪ اسڪول جي عمارت استعمال ڪرڻ جهڙي ناهي۽ شام ۾ 17 لک ٻار تعليم کان محروم آهن. بارود سان ڪچڙو من رکندڙ ٻارن جي موت واريون رپورٽون ته عالمي ادارا دنيا وارن جون اکيون کولڻ لاءِ منظر عام تي آڻن ٿا، پر ان جي باوجود انهن ملڪن ۾ انسانن سان جاري ظلم بند ناهي ٿي سگهيو. هلندڙ مهيني جي 2 مارچ تي انساني حقن جي عالمي تنظيم سيرين آبزويٽري رپورٽ ۾ لکيو آهي ته گذريل ڏيڍ سال دوران شام ۾ روس جي فضائي بمباري ۾ 1175 ٻار مارجي ويا . روس فضائي بمباري ۾خطرناڪ اليومينيم ۽ آئرن آڪسائيڊ جهڙن مادن سان تيار ڪيل بم استعمال ڪيا. اهي 500 ڪلو گرام وزني بم انسانن سميت هر جاندار لاءِ خطرناڪ تصور ڪيا ويندا آهن، انهن بمن سان انسان ٻن يا اڍائي منٽن ۾ مري وڃي ٿو. انسانيت جي لتاڙ ڪندڙ ملڪن آڏو انسان سندن طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بارود جو ٻارڻ بڻجي ويا آهن. 
هلندڙ مهيني جي 8 تاريخ تي عالمي صحت واري اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ سبب ساليانو 17 لک ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا! رپورٽ ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته 5 سالن جي هر چئن مان هڪ ٻار جي موت جو سبب گدلي رهائش ۽ ماحول آهي.گدلاڻ ۾ گهر جي اندر توڙي ٻاهر جي گدلاڻ سگريٽ جودونهون، گدلوپاڻي ۽ صحت ۽ صفائي جون ابتڙ سهولتون شامل آهن. جنهن سبب هڪ سال کان 5 سالن تائين جي ٻارن ۾ موت جو وڏو سبب مليريا، نمونيا وغيرهه جهڙيون بيماريون پڻ آهن.
عالمي اداري يونيسف طرفان 2014ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب دنيا ۾ هر پنجن منٽن ۾ تشدد سبب هڪ ٻار مارجي وڃي ٿو. رپورٽ ۾ اهو به لکيو ويو ته جيڪڏهن دنيا جي ملڪن جي حڪومتن ٻارن تي تشدد خلاف قدم نه کنيا ته ايندڙ 20 سالن ۾ ننڍي عمر جا 345 ٻار روزانو مري سگهن ٿا.يونيسيف موجب دنيا ۾ غربت ۾ رهندڙ ٻار وڌيڪ تشدد جو شڪار ٿيندا آهن. انساني حقن جا عالمي ادارا انساني بحران، جنگ ۽ گهرو ويڙهه وارن ملڪن توڙي علائقن ۾ جان جوکي ۾ وجهي انسانن سان ٿيندڙ ظلم بابت انگ اکر گڏ ڪري منظرعام تي آڻن ٿا. انهن علائقن ۾ماڻهن تي ٿيندڙ تشدد، ظلم،ناانصافي جي فرياد دنيا جي ملڪن آڏو رکندا رهن  ٿا، پر انهن تي عمل ناهي ٿي سگهيو. 
هلندڙ سال ٻئي مهيني جي آخري ڏينهن تي يونيسيف رپورٽ ۾ لبيا کي پناهگير ٻارن جي استحصال جو ڳڙهه قرار ڏنو،2016ع ۾ لبيا کان اٽلي ويندڙ 26 هزار ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ٻارن تي جنسي تشدد وڏي پئماني تي منظم طريقي سان چيڪ پوسٽن ۽ ڪراسنگز تي ڪيو ويو، جن ۾ اڪثر حملو ڪندڙ وردي وارا هئا. افغانستان ۾ گذريل سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ تشدد جي واقعن ۾ 388 ٻار مارجي ويا ، 1121 ٻار زخمي ٿيا هئا. جن جي قتل ۾ 60 سيڪڙو افغان مخالف عنصر ذميوار آهن جن ۾خاص ڪري داعش يا طالبان شامل آهن. يونيسيف جي هڪ رپورٽ موجب 2014ع ۾ ڏيڍ ڪروڙ ٻار هٿياربند ويڙهه ۾ متاثر ٿيا. جيڪي شديد مشڪلاتن واري زندگي گذارن ٿا پيا. يونيسف جي اندازي موجب 20 ڪروڙ لک ٻار اهڙن ملڪن يا علائقن ۾ رهن ٿا، جتي هٿياربند ويڙهه جاري آهي.جن علائقن ۾ويڙهه جاري هوندي آهي ته انهي علائقي جو عوام ان اکين ڏٺي درد کي وڌيڪ بيان ڪري سگهي ٿو. جيڪي زندگي جي عذابن کي برداشت کي حياتي گذارڻ تي مجبور آهن. جيڪي ذهني ۽ جسماني تشدد جي پيڙائن ۾ پيا ٿا پچن. جڏهن ته 2014ع ۾ اسرائيل جي 50 ڏينهن وارين ڪارروائين ۾ فلسطيني 538 ٻار موت جو کاڄ بڻيا، 3 هزارن کان وڌيڪ ٻار زخمي، ڏيڍ هزار ٻار يتيم پڻ ٿيا. تن ڏينهن ۾ 54 هزار ٻار بي گهر ٿيا. عراق ۾ جاري تشدد وارين ڪارروائين ۾ به 2 ڪروڙ 70 لک ٻار متاٿر ٿيا آهن. عراق ۾ ٻارن کي داعش تشدد جو نشانو بڻائيندي رهي آهي ۽ ٻارن کي تشدد واريون ڪارروائيون ڏسڻ يا انهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ مجبور به ڪندي رهندي آهي.
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف طرفان هلندڙ سال جي ٻئي هفتي ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب يمن جنگ 2015ع جي مارچ مهيني کان اڄ ڏينهن تائين 1400 ٻارن جي حياتين کي ڳڙڪايو. يمن جنگ سبب 200 هزار اسڪول پڻ بند آهن.
11 آڪٽومبر 2016 ع تي سيو دي چلڊرين تنظيم جي جاري ڪيل رپورٽ موجب دنيا ۾ هر ستن سيڪنڊن ۾ 15 سالن کان گهٽ عمر واري هڪ نينگري جي شادي ٿي وڃي ٿي. اها ڇوڪري شادي کان پوءِ تعليم کان محروم ٿي وڃي ٿي، ان سان گڏ گهريلو استحصال، تشدد ۽ کيس تشدد جو خطرو وڌي ويندو اٿس. ڏکن سوڍان ۾هڪ سال کان هلندڙ ويڙهه ۾ ساڍا ست لک ٻار پناهگيرن جي زندگي گذارن ٿا. افغانستان، ڪانگو، صوماليا، سوڍان، يمن، شام ۽ پاڪستان ۾ ڪافي عرصي کان هلندڙ گهروويڙهه سبب لکين ٻار متاثر ٿيا آهن.
يونيسيف جي هڪ رپورٽ موجب 2012ع ۾ دنيا ۾ 95 هزار ٻارن کي قتل ڪيو ويو،جڏهن ته 12 ڪروڙ ڇوڪرين کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
گڏيل قومن جي تعليم ۽ ثقافت بابت اداري يونيسڪو جي رپورٽ موجب دنيا ۾ 5 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جڏهن ته 10 ڪروڙ ٻار بنيادي پرائمري تعليم به حاصل ناهن ڪري سگهندا. اسڪول نه ويندڙ ٻارن ۾ غريب خاندان جي ڇوڪرين جو انگ وڌيڪ آهي. دنيا ٻارن جي تعليم جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. پاڪستان جي بنيادي تعليمي صورتحال بابت پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جي ٻه هفتا اڳ جي رپورٽ موجب پاڪستان جا 5 کان 16 سالن جي عمر وارا 2 ڪروڙ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. ٻار مستقبل ۾معاشري جو صحتمند ۽ فعال فرد تعليم جي ذريعي بڻجي سگهي ٿو.
هڪ تحقيق موجب ٻارن تي تشدد جي شروعات سندن گهر کان ئي ٿيندي آهي. هڪ اندازي موجب هڪ سال ۾هڪ ارب جي لڳ ڀڳ ٻار والدين يا سندن سارسنڀال ڪرڻ وارن جي هٿان تشدد جو نشانو بڻجن ٿا. دنيا ۾ ٻارن تي ذهني، جسماني توڙي سڀني طريقن جو تشدد ڪيو ٿو وڃي.اهو تشدد ٻارن تي اتي ٿئي ٿو، جتي کين محفوظ هجڻ گهرجي.ننڍن ٻارن تي سندن گهرن، اسڪولن ۽ ٻين هنڌن تي تشدد ٿيڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.ٻارن کي درپيش مسئلن ۾ سندن ننڍي عمر ۾ شاديون، غلامن جهڙو ڪم۽ رويو، شرمناڪ تشدد، تعليم کان محرومي سميت ملڪن ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه، صنفي تفاوت، غربت وغيرهه شامل آهن.
هڪ ماءُ ئي پنهنجي اولاد جي مارجي وڃڻ جي درد ڪهاڻي بيان ڪري سگهي ٿي، هي لکين امڙين جون اولاد کان خالي ٿيندڙجهولين جي درد ڪهاڻي ڊگهي آهي.
هر سال دنيا ۾ شرمناڪ وارداتن، ڪارروائين ۽ حملن ۾ مرندڙ لکين معصوم گلابن جي موت کي روڪڻ هڪ مونجهائيندڙ سوال آهي، جنهن لاءِ انساني حقن جون عالمي تنظيمون ئي بهتر ڪردار  ادا ڪري سگهن ٿيون . باقي دولت جو بم ۽ ائٽم جو بم رکندڙ ملڪن کان انسانيت جي ڀلائي جي اميد نٿي رکي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اها انهن ملڪن جي ئي پاور فل رهڻ لاءِ پيدا ڪيل جنگ آهي.

38th anniversary of Zulifquar ali bhutto ( Asghar Narejo)

38th anniversary of Zulifquar ali bhutto

https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1900410020207047&id=100007142012665

Cruel on Women and Justice?

http://dailyjeejal.com/e-paper/2017-4-06/news/page4/1%20(2).htm

MiSsing Noureen Laghari

http://haalhawal.com/asghar-narejo/noureen-missing/



نورین کی گمشدگی کا معمہ



اصغر ناریجو
میں نے ایک جریدے میں پڑھا تھا کہ سندھی قوم اللہ رسول سے پیار کرنے والی، قبر اور قیامت کے عذاب سے ڈرنے والی، پیروں، فقیروں اور درگاہوں سے اولاد مانگنے والی، مسجد کو مسیت بولنے والی، اسلامی کتابوں کو کپڑوں میں اوڑھ کر چومنے والی، محرم کے ماہ کو اماموں کا ماہ، ربیع الاول کو عرس کا ماہ، ظالم کو یزید کہنے والی، ہندو اور سکھ کے ساتھ ایک برتن میں کھانے سے عار نہ کرنے والی، بزرگوں کے درگاہوں پہ منتیں مانگنے والی قوم ہے ۔جس کو آپ صوفی یا سست کہو۔ مگر ان کا مذہب آسان اور سادہ ہے۔ نماز پڑھیں یا نہ پڑھیں، روزہ رکھیں یا نہ رکھیں، وہ کسی آدمی کے سامنے جواب دہ نہیں بلکہ اللہ کے سامنے ہیں۔ گھر میں کوئی شئے ہے یا نہیں، اگر ان سے پوچھا جائے تو کہیں گے کہ اللہ کا شکر ہے۔
اس قسم کی مذہبی سوچ رکھنے والے سندھ کے علاقوں سے مذہبی جنونیت کے واقعے رپورٹ ہوئے ہیں۔ جس میں لعل قلندر شہباز کے مزار پر دھماکہ جس میں ایک سو کے قریب لاشیں سندھ نے اپنے کندھے پہ اٹھائیں۔ اس سے پہلے شکارپور، جیکب آباد میں بھی دہشت گردانہ و انسانیت سوز وارداتیں ہو چکی ہیں۔ جس سے ایک بات عیاں ہوئی کہ سندھ میں دہشت گرد کارروائیاں مستقبل میں بھی ہو سکتی ہیں۔ سیہون سانحے سے ایک ہفتہ قبل 10 فروری جمعہ کی صبح ایک لڑکی اپنے گھر سے یونیورسٹی کے لیے نکلی، کلاسز لینے کے بعد لڑکی لاپتہ ہے۔ 48 دن گزر جانے کے باوجود تاحال گھر واپس نہیں لوٹی۔
لاپتہ ہونے والی لڑکی نورین لغاری سندھ یونیورسٹی جامشورو کے پروفیسر عبدالجبار لغاری کی بیٹی ہیں۔ نورین لغاری لمس یونیورسٹی میں دوسرے سال کی طالبہ ہیں۔ لاپتہ ہونے کے بعد سے ان کے والدین غمزدہ اور بے چین دکھائی دیتے ہیں۔ بھلا کیسے نہ ہوں جس کی جوان لڑکی لاپتہ ہو جائے، اس کو سکون تو نہیں آئے گی۔ نورین کے متعلق مختلف خبریں چل رہی ہیں۔ ایس ایس پی حیدرآباد کا کہنا ہے کہ لیاقت یونیورسٹی آف میڈیکل سائنسز جامشورو کے سال دوم کی طالبہ نورین لغاری جو کچھ عرصہ قبل لا پتہ ہوگئی تھی، اپنی مرضی سے دہشت گرد تنظیم داعش میں شامل ہوگئی ہے۔
حیدرآباد پولیس یہ بھی بتا رہی ہے کہ 10 فروری کو حیدرآباد سے لاہور جانے والی ڈائیوو بس کی ایک ٹکٹ پر عورت کا نام نورین لکھا ہوا تھا۔ پولیس کے مطابق اس دن نورین کسی جہادی گروپ سے رابطے کے دوران اپنی مرضی سے لاہور روانہ ہوئی اور بس اڈے کی سی سی ٹی وی فوٹیج میں ایک لڑکی دکھائی گئی ہے ، جس کے متعلق پولیس کا کہنا ہیں کہ وہ نورین جبار ہیں۔
21 فروری کو نورین کے بھائی کو نامعلوم لڑکی اسوہ جتوئی کی فیس بک آئی ڈی سے میسج آیا۔ جس میں لکھا تھا کہ میں نورین ہوں، امید ہے کہ آپ سب خیریت سے ہوں گے۔ میں خلافت کی سرزمین پر پہنچ گئی ہوں اور دعا کرتی ہوں کہ آپ لوگ بھی یہاں جلد پہنچ جائیں گے۔ پولیس کے مطابق جس فیس بک آئی ڈی سے نورین کے بھائی کو میسیج ملا وہ اس ملک سے آپریٹ ہو رہی ہے۔
میں نے فیس بک پہ نورین کے والد جبار کا ایک انٹرویو سنا۔ جس میں جبار کہتے ہیں کہ میری بیٹی کے متعلق جو داعش میں شمولیت کا بتایا جاتا ہے، وہ نامناسب ہے۔ اس کے لاپتہ ہونے کا احساس مجھے ہے، دوسروں کو نہیں۔ ہم پل پل مر اور جی رہے ہیں۔ صبر کا دامن بھی جواب دینے لگا ہے۔ نورین گھر سے کوئی سامان، زیورات اور پیسے اٹھا کر نہیں نکلی ہیں، گھر میں ایسی کوئی چیز مسنگ نہیں ہے۔ جبار کا کہنا تھا کہ اس نے فیس بک، ای میل کے پاس ورڈز بھی پولیس سے شیئر کیے ہیں اور پولیس پر اعتماد کرتے ہیں کہ پولیس اچھا نتیجہ فراہم کرےگی۔
جبار لغاری کا مزید کہنا تھا کےہ خدارا داعش سے بیان منسلک کر کے اسے غلط رخ نہ دیں۔
48 دن گزر جانے کے بعد لاپتہ لڑکی نورین لغاری کی متعلق واضع حقائق نہیں بتائے گئے ہیں۔ نورین کی گم شدگی سندھی سماج کے لیے ایک بڑا سوال ہے۔ آخر تعلیمی اداروں میں کیا ہو رہا ہے جو پولیس لڑکی کے بارے میں انکشاف کر رہی ہے کہ وہ داعش میں شامل ہو گئی ہیں۔ تعلیمی اداروں میں انتہاپسندی پھیلانے والے گروپس موجودہ ہیں تو ان کے خلاف کارروائی کون کرے گا۔
یہ معاملہ یونیورسٹی میں پڑھنے والی طالبات کہ مستقبل کے ساتھ ان ہزاروں خاندانوں اور سندھ کا بھی ہے۔ آخر سندھ میں یہ ہو کیا رہا ہے کہ ایک طرف سیہون میں دہشت گردی ہوتی ہے تو دوسری طرف تعلیمی اداروں سے لڑکیاں لاپتا ہو جاتی ہیں۔ جن کے بارے میں‌ یہ سنائی دیتی ہے کہ ان نے اپنی مرضی سے داعش میں شمولیت اختیار کی۔ سندھ حکومت اور وفاقی حکومت بھی لڑکی کے لاپتا ہونے متعلق خاموش ہیں۔ اتنے دن گزرنے کے بعد کسی کا کوئی بیان سامنے نہیں آیا ہے۔ جیسا واقعہ کے بارے میں پولیس بتا رہی ہے تو یہ سندھ کی صوفی دھرتی اب ماضی کا نام رہ جائے گی۔ یہ صرف نورین لغاری کی گمشدگی کا واقعہ نہیں بلکہ پوری سندھ دھرتی کا واقعہ ہے۔ جس میں اداروں کو شدت پسند تنظیموں کا نیٹ ورک موجود ہونے کے شواہد ملے ہیں۔
سندھ میں مذہبی انتہاپسندی اور دہشت گردی کے واقعات کیسے اور کیوں‌ کر ہو رہے ہیں، اس پر سندھ کو سوچنا چاہیے۔ یہ سندھ کی آئندہ نسلوں کے مستبقل کا مسئلہ ہے۔

My reports @Sindh Tv NEWS 
International women's day 
 https://www.youtube.com/watch?v=Rhj5n8hdfz4

Habib jaalib
 https://www.ytpak.com/watch?v=AapeUe3VBlo