Tuesday 26 December 2017

محترمه بينظير ڀٽوجي عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد

محترمه بينظير ڀٽوجي عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد
اصغر ناريجو 27 ڊسمبر 2017 
سنڌ جي راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 10هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
 بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي، جنهن والد جي ڇڏيل مشن تي هلندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. 
محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ،قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ عوا م جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ سان گڏ هن عورتن جي مسئلن جي خاتمي لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي.
محترمه بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988ع تي  35 سالن جي عمر ۾ ، مسلم دنيا ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي.
ضياءِ جي دور ۾ عورتن جا حق محدود ڪرڻ لاءِ بنياد پرست قانون قائم ڪيا ويا ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪا نئين قانون سازي نه ڪئي وئي.
محترمه بينظير ڀٽو چونڊ مهم دوران عورتن لاءِ تضاد وارا قانون جهڙوڪ هدود ۽ زنا کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جيڪي  پاڪستان ۾ عورتن جي حقن کي گهٽائن ٿا.
بينظير ڀٽو قاهره ۾ڪوٺايل آبادي ۽ ترقي  جي عالمي ڪانفرنس ۾ حمل ڪيرائڻ جي خلاف ڳالهايو، جتي هن اولهه جي ملڪن تي الزام لڳايو ته هو حمل ڪيرائڻ، زنا  سميت مذهب ۽ معاشري جي سطح تي اهڙن مسئلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن. جنهن ۾ سڀني جي پنهنجي سماجي اخلاقيات شامل آهي. پر بينظير ڀٽو کي وڏين تنظيمين سهڪار نه ڪيو.
محترمه بينطير ڀٽو، پاڪستان ۾  1989ع ۾ فرسٽ وويمن بئنڪ جو بنياد وڌو
محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي قدامت پرست معاشري ۾ پهريون ڀيرو 25 جنوري 1994ع ۾ عورت پوليس اسٽيشن قائم ڪيون.
محترمه بينظير ڀٽو 1996ع ۾ جڙيل  عالمي عورت اڳواڻن جي ڪونسل جي باني ميمبر  بڻي.

بينظير ڀٽو ملڪ ۾ هڪ سينيئر سول سروس عورت جي سربراهي ۾ عورت ججن ۽ عورتن جي ڊويزن کي مقرر ڪيو.

سنڌ جي سرموڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي سنڌ کان وڇڙي 21 سال گذري ويا پر سندس آواز کي اڄ به هزارين دليون وڏي چاهه سان ٻڌن ٿيون. سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڳايو اهو ئي سبب آهي جو سرمد سنڌي اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌو وڃي ٿو.

سنڌ جي قومي  آواز سرمد سنڌي کي 21هين ورسي تي ڀيٽا
اصغر ناريجو 27 ڊسمبر 2017
اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو ......
سنڌ جي سرموڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي سنڌ کان وڇڙي 21 سال گذري ويا پر سندس آواز کي اڄ به هزارين دليون وڏي چاهه سان ٻڌن ٿيون.
سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڳايو اهو ئي سبب آهي جو سرمد سنڌي اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌو وڃي ٿو.
هو سنڌ جي درد جي ترجمان ڪندڙ آواز هو ....اي قوم توکي ڇا ٻڌايا ن مان  قصا .....
سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌي 7 جولائي 1961ع ۾  خيرپور ضلعي جي شهر پريالو ۾ محمد حيات مغل جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو عبدالرحمان هو جيڪو بعد ۾ قومي گيت ڳائڻ ڪري سرمد سنڌي جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين جي تعليم پريالوءَ مان ئي پرائي، جنهن بعد هن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي .
سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات 14 سالن جي عمر ۾ ڪئي ۽ هو جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ پڙهندو هو ته اتي ڪاليج ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ قومي گيت جهونگاريندو  هو.
سرمد سنڌي ڪي ڊي اي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ اتان ئي راڳ جي باقائدي شروعات ڪيائين. سرڪاري نوڪري هوندي سرمد سر ۽ سنگيت سان آخر تائين ناتو نڀايو.
سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ ئي تمام گهڻو مشهور ٿي.
سرمد سنڌي جي گيتن کي قومي تحريڪ کان وٺي هر طبقي جوماڻهو پسند ڪندوآهي، اهو ئي سبب آهي جو سرمد جي من کي موهيندڙ آواز کي اڄ به سنڌ جي واهڻ وستي، ڪندڪڙچ ۾ وڏي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو.
سرمد سنڌي جي گيتن م ديس جي دانهن به هئي ته ديس واسين کي سجاڳ ٿي متحد محاذ جوڙڻ جي راهه به ڏسيل هئي، ...... او انقلاب ساٿيو انقلاب ساٿيو .....
سندس مشهور گيتن ۾  وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو، اي چنڊ پرين کان آءُ پڇي ڇا توکي به ننڊ ايندي آ،  اسان هجون نه هجون شل اوهان کي ياد هجون،منهنجي دلي ٿي چوي پيار هرڪو ڪري،  دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورو وسين هان ته ڇا ٿئي هان، ڇا ٻڌيان مان حال دردن ڀريو بيان آ، سر سنڌ تان قربان آ سر ديس تان قربان آ،سميت ٻيا ڪيترائي گيت اڄ به عوام ۾ بيحد مقبول آهن.
سرمد سنڌيءَ ڌرتي جي دنگن ،ننگن ، خوبصورتين، انقلاب ۽ سماج جي ناانصافين تي جڙيل گيت جهونگارڻ سبب وڏي شهريت ماڻي
سرمد سنڌيءَ پنهنجي سريلي آواز ذريعي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ دردوند دلين جي ترجماني پڻ ڪئي.
سرمد سنڌي ڦوهه جواني ۾ 35 سالن جي عمر م 27 ڊمسر 1996ع تي بدين ويجهو بدنصيب روڊ حادثي ۾ هميشهه لاءِ سنڌ کان وڇڙي ويو
انقلابي، ۽ ڏکوئيل دلين جي آواز سرمد سنڌي جي ڳايل گيتن جي گونج 2 ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود به اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي .
منهنجي مئي ڱانپوءِ منهنجي ٻچڙن جي سار لهجو .....


قومي راڳي سرمد سنڌي سنڌ جو هڪ گلوڪار سان گڎ سنڌ پرست عاشق هو جنهن جي گائڪي ۾ ماروئڙن جو درد سمايل آهي ته اتي اتساهي گيتن کي به خوب ڳايو اٿس ۔سانگين جي سورن واري سيج کي ڳايو آهي ته جنم ڏيندڙ سنڌ ڌرتي تي ظالم جي پوندڙ ميري اک کي به للڪاريو آهي ۔



سنڌ جو آواز سرمد سنڌي 
اصغر ناريجو
27-12-2016
قومي راڳي سرمد سنڌي سنڌ جو هڪ گلوڪار سان گڎ سنڌ پرست عاشق هو جنهن جي گائڪي ۾ ماروئڙن جو درد سمايل آهي ته اتي اتساهي گيتن کي به خوب ڳايو اٿس ۔سانگين جي سورن واري سيج کي ڳايو آهي ته جنم ڏيندڙ سنڌ ڌرتي تي ظالم جي پوندڙ ميري اک کي به للڪاريو آهي ۔
سرمد جهڙي بي ڊپي ۽ بي خوف سنڌ جي عاشق کي سنڌ جا پرستار ڪڏهن نه وساريندا سرمد پيار ، محبت ، امن ،ماروئڙن ۽ سنڌ جي گيتن کي جهونگارڻ وارو آواز هيو جنهن جا گيت بهار هجي يا خزان سندس عاشق ٻڌندا آهن ۔ 
گل جي جواني منهنجا جاني تنهنجي ملڻ سان مرڪي ٿي موسم تنهنجي مست اکين جي اونائين مان اڀري ٿي ۔
وري ڏينهن گذريو وري رات ٿي ساڳي 
وري ساڳي سورن جي برسات ٿي 
وري ياد آئي وري زخم کليا 
وري ساھ کي سڄڻ ساڳي سقراط
اکيون عاشقن جون اڃايل اڃايل 
دليون درد واريون دکايل دکايل
اصول پيار جا اڳ ۾ سکيو آهين 
عجيب ڳاله آهي هاڻي هلڻ سکيو آهين
پيار لاء ساجن صديون گهرجن ڳاله ته ڏاڍي ڳوري آ 
هي حياتي ٿوري آ 
انقلاب ساٿيو انقلاب ساٿيو
سنڌ جي ڳاڙهي جهنڊي وانگي مصري جي ڳنڊي وانگي 
ڀلي يار اسانجو يار نه ٿئي پر ڌرتي جو غدار نه ٿي
اسان جي سڏ ۾ آسڪ سهڻاوڻئين ته واه واه ڪندو هليو آ 
هي دل لڳي آ لڪي نه سگهندي وڻن ۾ واڪا ڪندو آ 
اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو
سنڌ جي سرمد جو موت 27 ڊسمبر 1996ع تي ٿيو هو ۔ سرمد اڄ به پنهنجي گيتن سان پرستارن ۾ مقبول آهي ۔ سرمد جي گيتن کي جهر جهنگ ، واهڻ وهستي بستي ماروئڙن جي گهرن ، اوطاقن ، محفلن ، قومي ڪاڄن ، سيد جي سالگراه ، هاسٽل جي ڪمرن ۾ به سرمد کي وڏي چاھ ۽ شوق سان ٻڌو ويندو آهي ۽ سنڌ جي ٻيجل سرمد جي گيتن کي اهي جهونگاريندابه آهن ۔ سرمد سنڌي جا گيت هر موسم ۽ ڏينهن تي ٺھڪندڙ گيت آهن ۔ 

Monday 25 December 2017

خوبصورت احساسن جي خالق شاعره پروين شاڪر کي 23هين ورسي تي ڀيٽا

خوبصورت احساسن جي خالق شاعره پروين شاڪر کي 23هين ورسي تي ڀيٽا
اصغر ناريجو
چلنے کا حوصلہ نہیں رکنا محال کر دیا
عشق کے اس سفر نے تو مجھ کو نڈھال کر دیا
خوبصورت احساسن جي خالق شاعره طور  سڃاتي ويندڙ پروين شاڪر جي اڄ23 هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
ناليواري شاعره پروين شاڪر 24 نومبر 1952 تي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
هن شروعاتي تعليم ڪراچيءَ مان ئي حاصل ڪئي. پروين شاڪر 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي انگريزي شعبي مان ايم اي جي ڊگري، هارورڊ يونيورسٽي مان ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي.
پيار، رومانس ۽ حساس جذبن جي ترجمان شاعره پروين شاڪر جي شاعري جو پهريون مجموعو  خوشبو 1976ع ۾ شايع ٿيو. پروين شاڪر کي خوشبو جي نالي سان شايع ٿيل شاعري مجموعي شهريت جي بلندين تي پهچايو . ان وقت سندس عمر 24 سال هئي.
پروين شاڪر ياد جي اظهار کي پنهنجي شاعري ۾ هن ريت بيان ڪيو
یاد تو ہوں گی وہ باتیں تجھے اب بھی لیکن 
شیلف میں رکھی ہوئی بند کتابوں کی طرح
سندس خوبصورت شاعري جي مجموعن ۾ 1980ع ۾ صد برگ، 1990ع ۾ خودڪلامي، 1994ع ۾ ماهه تمام، انڪار ۽ ڪف آئينا ناياب  رهيا.
پروين شاڪر جي شاعري ۾ انڪار ۽ بغاوت به نظر اچي ٿي، هن پنهنجي شاعري ۾ عورت جي جذبن کي  درد جي روپ ۾ اظهاريو.
پروين شاڪر جي شاعري عورت جي عشق جي درد جو بيان  آهي.
جس طرح خواب میرے ہوگئے ریزہ ریزہ
اس طرح سے نہ کبھی ٹوٹ کر بکھرے کوئی
پروين شاڪر جي ادبي مڃتا ۾ کيس آدم جي ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان کيس پرائيڊ آف پرفامنس جي ايوارڊ سان نوازيو.
پروين شاڪر لفظن  ۽  جذبن  کي انوکي نموني ۾ سموئي  لفظن  ۾ خواهش ۽ انڪار جو روپ ڏنو.
پروين شاڪر هڪ  انٽريو ۾ چيو هو ته محبت جو فلسفو سندس شاعري جو بنياد آهي۽  هوءَ ان جي حوالي سان انسان، خدا ۽ ڪائنات کي ڏسي ۽ سمجهي ٿي.
اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعره  پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994ع تي 42 سالن جي عمر ۾ اسلام آباد ۾ ٽرئفڪ حادثي ۾ وڇڙي وئي.
محبت ۽ خوشبوئن جي شاعره پروين شاڪر کي مداحن کان وڇڙي 2 ڏهاڪا گذري ويا آهن پر سندسن شاعري اڄ به خوشبو جيان پکڙجندي رهي ٿي.
مر بھی جاؤں تو کہاں، لوگ بھلا ہی دیں گے
لفظ میرے، مرے ہونے کی گواہی دیں گے






Sunday 24 December 2017

15 آڪٽومب ...رٻھراڙي جي عورتن جو عالمي ڏهاڙو 15 October international rural women day

ٻھراڙي جي عورتن جو عالمي ڏهاڙو 
اصغر ناريجو 
هر سال 15 آڪٽومبر کي عالمي سطح تي ٻهراڙي جي عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي ۔ جنهن جو مقصد ٻهراڙي جي عورتن کي مان ڏيڻ آهي ۔  
 اڄ سنڌ سميت دنيا ۾  ٻھراڙي جي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۔ 
سنڌ جي ٻھراڙين ۾ رهندڙ عورتون گهر جي ڪم ڪار سميت زمين جو ڪم به مردن سان گڏجي ڪنديون آهن ۔ 
ٻهراڙي جون عورتون همٿ ۽ حوصلي سان اڀرندڙ سج کان وٺي شام تائين پنهجي ڪمن ۾ رڌل رهنديون آهن ۔ 
اهي ٻهراڙي جون سگهڙ عورتون گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ۽ گهر کي اهڙي نموني سينگارينديون آهن جو ڏسندڙ حيرت سان سندن محنت کي ڏسي داد ڏيڻ تي مجبورٿي پوندو آهي ۔ 
ٻهراڙي جون عورتون هٿ جي هنر ۾ به ڪمال جي مهارت رکنديون آهن، جيڪي وانڌڪائي جي وقت کي عيب سمجهنديون آهن ۔ 
اهي عورتون گهر جو ڪم ڪار پورو ڪري رليون سبڻ ۽ ٺاھڻ ، ڀرت ڀرڻ ، ڪڻڪ جي تيلين مان پينڍيون ٺاھڻ ، ونجڻا ٺاھڻ ، تڏا توريون ٺاھڻ ، سلائي ڪرڻ سميت ٻيو هٿ جو هنر ڪري گهر جي آمدني ۾ به اضافو ڪنديون آهن ۔ 
هن دور ۾ به سنڌ جي ٻهراڙين جون عورتون ڪچن ڪوٽن ۽ گهرن کي مٽي به هڻنديون آهن ۔  
ٻهراڙي جون عورتون فصل جي پوکائي کان ويندي لڻائي تائين مردن سان گڏجي گرمي توڙي سردي ۾ ڪم ڪنديون آهن ۔ 
ٻهراڙي جون عورتون گهريلو مال جي سنڀالي ڪنديون آهن ۔ جنهن ۾ ڍورن جي ٻڌي ڇوڙي سميت پوکن مان گاهه ڪري مال جي پالنا پڻ ڪن ٿيون ۔ 
پر افسوس سان سنڌ ۾ عورتون پدراڻي سماج جي ڏاڍ ۾ پيڙهبيون رهن ٿيون ۔ جن سان هر آئي ڏينهن ظلم جون خبرون ميڊيا ذريعي ٻڌون ٿا ۔ 
ضرورت ان ڳالهه جي آهي معاشري ۾ عورت کي عزت، عظمت ۽ تحفظ ڏئي مان بخشيو وڃي ۔

قائد اعظم جو 141هون جنم ڏهاڙو

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو اڄ 141 هون جنم ڏهاڙو  پوري ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
برصغير جي مسلمانن کي پاڪستان جي صورت ۾ هڪ آزاد وطن ڏيڻ وارو ۽ اقبال جي خيالن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻ واري ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي.
25 ڊسمبر 1876ع ۾ ڪراچي ۾ جناح پونجا خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد علي جناح مسلمانن جي قيادت ڪندي گڏيل هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ رياست پاڪستان جو وجود آندو.
هن ابتدائي تعليم جي شروعات 1882ع ۾ ڪراچي ۾ ڪئي. قائد اعظم 1893ع  ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلستان روانو ٿيو، جتان هن 1896ع ۾ بيرسٽري جو امتحان پاس ڪيو .
قائد اعظم پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪانگريس ۾ شموليت سان ڪئي.
، پر ڪجھه عرصي بعد هن کي احساس ٿيو تھ ڪانگريس صرف هندن جي اڳواڻن جي جماعت آهي جتي مسلمانن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو آهي.
1913 ۾ هن مسلمانن جي هڪ اڳواڻ جماعت آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ اتان کان ئي الڳ وطن جي باقاعدا تحريڪ جو آغاز ڪيو.
قائد اعظم محمد علي جناح 1913ع کان وٺي پاڪستان جي آزادي 14 آگسٽ 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو.
محمد علي جناح 1918ع ۾ امير پارسي گهراڻي جي  مريم جناح سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي دينا واڊيا 15 آگسٽ 1919ع تي ڄائي.
قائد اعظم 1929ع ۾ موتي لعل نهرو کي نهرو رپورٽ جي جواب ۾ پنهنجا مشهور 14 نقطا پيش ڪيا. جن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي مسئلن جو حل تجويز ڪيو ويو.
جنهن بعد هن لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنسن ۾ هندستان جي مسلمانن جي نمائندگي ڪئي . پر ڪجهه عرصي لاءِ سياست تان دل کٽي ٿيڻ ڪري انگلستان ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
پر جڏهن هندستان جي مسلمانن کيس قيادت لاءِ آواز ڏنو ته هن وطن واپس اچي جدوجهد ڪئي.
1940ع ۾ قائد اعظم جي صدارت ۾لاهور ۾ تاريخي پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ويو.  
آخرڪار ان جي جھدوجھد رنگ لاٿو ۽ 14 آگسٽ 1947ع ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين مسلم رياست پاڪستان جو اضافو ٿيو.
قائد اعّظم پاڪستان جي وجود کان وفات تائين ملڪ جو پهريون گورنر جنرل رهيو ۽ پاڪستان  11 سيپٽمبر 1948ع تي عظيم اڳواڻ جي قيادت کان هميشهه لاءِ محروم ٿي ويو.