Friday, 9 April 2021

 

پٿريلي ڌرتي تي ڀليڪار

اصغر ناريجو

 

بهار جي مند ۾ گرمين جي ڏهاڙن ۾ ٻارهين جماعت جا پيپر پورا ڪرڻ کان پوءِ والدين ۽ پنهنجي شوق سان انٽري ٽيست سينٽر تي داخلا وٺرائي، جيئن انٽري ٽيسٽ سينٽر تي (انجنيئر۽ ڊاڪٽر) ميڊيڪل ۽ انجنئيرنگ يونيورسٽين ۾ سليڪشن ٿيڻ لاءِ پنهنجي جوش ولولي آڌار  تحت سٺي تياري ڪري ميرٽ جي بنياد تي داخلا وٺن. پيپرن جو نتيجو بيحد انتظار ڪرڻ کان پوءِ آيو،انهن ۾جن  شاگردن جو رزلٽ اي ون گريڊ،اي آيو ته خوش ٿي مٺايون ورهايون...۽ جن  جو  بي۽ سي گريڊ آيو ته ڇڪا ئي ڇڏائجي وين اسان جي محنتن ۽ اميدن تي گرم پاڻي ڪنهن هاريو چوندي ڏک ڪندا رهيا، نيٺ اخبارن ۾ يونيورسٽين جي داخلا پاليسين جا اشتهار ايندا رهيا.جن ۾ پهرين خواهش انجئيرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين جا فارم ڀرڻ سان گڏ جنرل يونيورسٽين جا پڻ فارم ڀرائڻ هو، اگر ٻين يونيورسٽين ۾  انٽري ٽيسٽ رزلٽ سٺو نه اچي ۽ سليڪشن نه ٿئي ته پوءِ سنڌ يونيورسٽي، شاھ لطيف يونيورسٽي ۽  سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ قدم ڄمائبا، انجيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين ۾گهٽ مارڪون کڻڻ ڪري ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجڻ جي آسري ۾ داخلا کان به رهجي ويا،  نيٺ مادر علمي سنڌ ورسٽي ٻين يونيورسٽين جي ڌڪاريل، مايوس، شاگردن کي پنهنجي وسيع جهولي ۾ جاءِ ڏني ته داخلا ٿي وين والدين توڙي دوستن ۾ سرهائي ٿي ته اسان جي اولاد ۽ دوست جي داخلا ٿي وئي يونيورسٽي ۾، هاڻي محنت مشقت جا ڏيئا جلائي پنهنجو نالو روشن ڪرائي عزت، احترام سان مستقبل جي بهترين نمائندگي ڪري سٺا انسان دوست ثابت ٿيندا. 

 جنوري جي شروعاتي هڪ ٻن هفتن ۾ اهي شآگرد بيگ،بوٽ،قلم ڪتاب، بسترو ۽ ضروري سامان  تيار ڪري گهر وارن دوستن کان نماڻيون اکيون ڪري موڪلائي، وڃن  پيا سنڌ ورسٽي، والدين چوندا آهن ته لاڏلا، شهزادا، ننڍڙا پٽ،ڌيئرون بيچلر لائيف ڪيئن گذاريندا، جيڪي گهر کان ٻاهر ڪڏهن رهيا ئي ناهن ،اهي اهڙي بيچلر لائيف گذاريندا آهن جو وڏا به حيرت ۾ رهجي ويندا۽ پاڻ کي ٻين کان سٺو سمجهڻ جي ڪوشس ڪندا رهندا آهن. عجيب وغريب چهرا، ڀورڙا، سانورا، گوارا شروعاتي ڏينهن ۾ نظر ايندا پي ٻه مهينا گذارڻ کانپوءِ گهر ويندا ته  اهو ٻڌڻو پوندو اٿن ته هي ته تبديل ٿي ويا آهن، پنهنجي رهائش جو بندوبست به حيدرآباد، قاسم آباد، لطيف آباد ،ڪوٽڙي، ڄامشورو ۾ ڪندا آهن يا اهڙن علائققن ۾ جتان پوائنٽ بسون آساني سان کڻن ۽ ڇڏن،اگر هاسٽل الاٽمينٽ نه ٿين ته پوءِ چار ئي سال پوائنٽن جا ڌڪا کائيندا،هاڻي ته هاسٽل الاٽمينٽ لاءِ وزيرن کان به ڪالون ڪرائي سورس تي الاٽمينٽ ڪرائن ٿا۽ ڪيترائي دربدر رهائش جي مشڪلات کي منهن ڏين پيا، اهي شاگرد سنڌ ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ، ننڍن وڏن ڳوٺن شهرن مان ڪهي  آيل شآگرد پٿريلي ڌرتي کي ڏسندي ئي چوندا آهن هي ڪهڙي يونيورسٽي آهي جتي سنڌولاجي کان ۽ باب الاسلام جي گيٽ کان سيڪيورٽي گارڊالرٽ ته اندر به رڳو اهلڪار، رڳو جبل ئي جبل،نوجوان ڇوڪرا۽ ڇوڪريون، روازنو پنڌ ڪري ٿڪجي پونداسين جبل تي پنڌ ڪرڻ سان جسم ۾ سور ٿيندو، اسان نه پڙهنداسين، فائنل به آخر ڪار اتان ئي پاس ڪندا آهن.اهو سوچيندي ذهن ۾ سينٽرل لائبريري وٽ پوائنٽ ۽ رڪشن کان لهڻ کان پوءِ نوجوانن، سندرتائن، حسينن، دوشيزن جا ميڙ ڏسي عجيب سوچ حاوي ٿي ويندي اٿن، سادا سودا ڳوٺن گهرن ۽ شهرن کان نڪري پهرين ڏينهن يونيورسٽي جي مانڊاڻ ۾ آيا پريشان ٿي ويا... اکيون کڻڻ ۽ ڦيرائڻ جي دير  رڳو ٽڇ اسڪرين موبائلون نوجوانن۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ ،ڊائري ۽ ڪتاب کي لوڏيندا ٻانهن پيا هڻندا، فل سوٽ، ڪاٽن ڪپڙا ، بوسڪي پئنٽ شرٽ ،شلوار قميص، جنهن تي ڪوٽي توڙي اپر، سوئيٽر۽  واسڪوٽ ڪپڙن مٿان پاتل، جنهن سان خوبصورت لڳن ۽ سردي کان پاڻ کي محفوظ سمجهن پيا. سردي جي موسم هئي، ڇوڪريون به ڪئپري شرٽ، جيينس ،شلاور قميص ٿري پيس، پٽيالا شرٽ،لمبي شرٽ پهري اينديون رهيون، ڇوڪرين جا انداز به نراله ته سينگار به، ڇوڪرين جي ڊريسنگ جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي ڏسڻ وارو ڪاريگر جي محنت سان گڏ حسن سونهن کي ڏسندي دل ۾ ٿڌا ساھ کڻندي ائين چون پيا انهن کي فرصت ۾ ٺاهيو ويو آهي ۽ ڪهڙي جهان م رهندا آهن جو ايترا سمارٽ، خوبصورت، نشيلا، سندر، نه نه ڪندي به واھ واھ جا واڄٽ پيا نڪرن، هوش حواس کي سنڀالي هن هن کان پڇي ڊپارٽمينت پهتا،اتي نظرن سان ٽڪرائيندي، منجهندي هٻڪندي پڇيائون ته فرسٽ ايئر جو ڪلاس ڪٿي آهي جتان مزاحيا جواب مليس ..هي يونيورسٽي آهي فرسٽ ايئر جا ڪلاس ڪاليج ۾ هوندا آهن ته پاڻ به کلڻ کان نه رهجي سگهيو،عمر ۾ توڙي وڏا ڏسڻ ۾ ننڍڙا بلڪه ننڍي قد وارن کي هي جملاٻڌڻا پون پيا اوهان يونيورسٽي ڇو آيا آهيو پنهنجو قد ڏسو، هي ڪاليج کان ڀلجي ورسٽي ۾ آيا آهن، ادا مان  ڊپارٽمينٽ جي فرسٽ ايئر جي ڪلاس جو پڇان ٿو، وڃ سامهون کاٻي هٿ وارو فرسٽ ايئر جو ڪلاس اٿئي، ڪلاس ۾ مي آءِ ڪم ان سر چئي داخل ٿيو....اهو فائنل ايئر جو شاگرد هو استاد نه ..ويھ ويھ ڪرسي تي،ڪجھ منٽ گذرڻ کان پوءِ فائنل ايئر جا شاگرد آيا ڏسي سوچيو ته الائي ڇا ٿيندو پر هنن کان انٽروڊڪشن بجاءِ ڊيڪوريشن پڇيو ويو جنهن ۾ نالوڪير،ڪٿان،ڪهڙي چوائس تي آيو آهي جا مزيدار جواب ملين.. ڳالهائڻ جي سگھ هوندي به ڳالهائڻ کان هٻڪن پيا  ڪن بهتر  ڊيڪوريشن ڏنو ته ڪيترن خوب کلايو .سمارٽ نارين شرمائيندي چيو اسان  ڪجھ نه ٻڌائيندوسون ائين پيو ڳالهائين جيئن پهريون دفعو ڳالهائن ايترو آهسته آواز جو ڀر وارو به مشڪل ٻڌي،. سينئرن پاران همٿائڻ وارا جوشيلا جملا چيا جيئن سياسي جلوسن ۾ چئبا آهن اوهان يونيورسٽي ۾ آيا آهيو يونيورسٽي يونيورسل لائيف آهي اوهان کي خاموش نه رهڻو پوندو، اهي سندرتون توڙي نوجوان ڪجھ ڏينهن کان پوءِ پاڻ کي سينئرن جي صحبت ۾ رهڻ کان پوءِ سينئر سمجهندا آهن، پهرين ڏينهن يونيورسٽي جي شعبن ۾ پروفيسر به انٽروڊڪشن ڪلاس وٺندي موٽيويٽ ڪندا رهندا اٿن، يونيورسٽي جا دلڪش منظر ڏسندي  اندر ۾ موجود پريشانين وهمن وسوسن جي قيد مان ٿورو وقت آزادي ماڻي هڪٻئي کي نه سڃاڻڻ واري ماحول م اچي کلندا،مسڪرائيندا سوچن ۾ رهيا،ڪئنٽين تي ڪٽ۽ شعبن جا چڪر ڏئي پهرين ڏينهن جي پڃاڻي تي سي ايل جي گرائونڊ تي پوائنٽ بسن جي نڪرڻ وقت هجوم، گوڙ سان گڏ حسين جوڙا، ڪائنات جي پريشانين مشڪلاتن کان لاتعلق قرب ڪچهري ۾ مصروف رهندي به ڏسي دل ۾چوندا آهن ۽ دوستن سان به ڳالھ ڪندا آهن، ڪاش!  اسان به جوڙي ۾ هجون جي حسرت کي ظاهر ڪندا آهن،پوءِ وقت گذرڻ سان ڪلاس جي ماحُول ۾ گڏجڻ کان پوءِ پاڻ به جوڙي ٺاهي موجون مسرتون ڪندا آهن۽ ديدار درشن لاءِ ميڙاڪن،مذاڪن محبتن ۾ يونيورسٽي ۾ گذاريندا آهن...

نيو ايئر بئچ جي لاءِ مادر علمي سنڌ ورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر عابداه طاهراڻي صاحبه پڻ يونيورسٽي جي دل ۽ جان آرٽس فئڪلٽي جي صحن ۾ اورينٽيشن ڊي مقرر ڪري نون چهرن کي يونيورسٽي جي ماحول اهميت ،سرگرمين توڙي ٻين تي روشني وجهي همٿائي سندن آڌر ڀاءَ ڪيو،جنهن ۾ يونيورسٽي جي پروفيسرن به خطاب ڪيو ته ميڊيا ائنڊ ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردن ڪامران ساريو ۽ صلال مغل کي گٽار تي صوفي سنڌي راڳ جا نغما چورايا ويا جن تي خاموش فضا ۾ اهڙي خوشي ۽ مسرت پئدا ڪئي جو تاڙين سان داد ڏيندي نه ٿڪيا.

يونيورستي جي شعبن ۾ ڪلاس هلڻ لڳا نوان نوان چهرا ايندا رهيا،ماحول ۾ سرهاڻ سڳنڌ، محبت عشق قرب،جون ساروڻيون ڪچهريون ٿينديون رهيون، ڪئنٽينن ڊپارٽمينٽن ۾ ٽهڪ ڏيندا رهيا،نون آيل چهرن جي سڃاڻپ سيئيئر شاگرد پري کان ڪندا آهن، جن جي باري ۾ مشهور هو ته يونيورسٽي جو ماحول خراب آهي،ڪامريڊايپ آهي،نون شاگردن سان رينگنگ ٿيندي يونيورسٽي جي ماحول کي انتظاميا بگاڙِيو آهي پوءِ سڃو ڪم شاگرد تنظيمن تي ٿڦي پاڻ کي آجو سمجهي ٿي، پر هتي آيل چهرن سان اهڙو ورتاءَ ته ڪنهن نه ڪيو انهن جي چهرن تي مسڪراهٽ جا گلاب آڻڻ لاءِ شعبن جي سينيئر شاگردن پاران  سندن مان ۾ آجياڻو (ويلڪم پارٽي) ڏئي، نون ذهنن کي يونيورسٽي جي ماحول کان متعارف ڪرائي متاثر ڪيو آجياڻي ۾ صدارتي مهمان شعبي جو ڊائريڪٽر چيئرمين ۽ چيئرپرسن هئا،اتي پروفيسر۽ شاگرد پڻ چڱي تعداد ۾ اچي پروگرام جي رونقن ۾ اضافو ڪري شاگرد لطف اندوز ٿيندا رهندا آهن،، تعليمي عمل سان گڏ انٽرٽئنمينٽ جا اهڙاا پروگرام ڪري شوق چاھ جي امنگن سان پروگرام مان لطف اندوز ٿيندي مسڪرائيندا رهيا،.ويلڪم پارٽي جي شروعات تلاوت ۽ حمد سان ٿيندي آهي،جنهن کان پو۽ آيل مهمانن ۽ پروفيسرن کي سنڌ جي ثقافت جي اهڃاڻ اجرڪ ٽوپي تحفو ڏئي سندن کان نون آيل شاگردن لاءِ خطاب ڪرائيندا آهن، ماٺار ۾ آيل پروگرام تي ٽهڪن جا قافلا آڻڻ لاءِ نصحيتي مزاحيا خاڪا ٽيبلوز پيش ڪري وندرائيندا رهيا ۽ اسٽيج پبلڪ پروگرام پرفارم ڪري خوب کلائيندا رهيا ته جهومڻ ۽ جهونگارڻ لاءِ سر ۽ سنگيت جو به بندوبست ٿيل هئو، بهترين آواز سان سريلا گيت  آلاپي محفل کي چارچنڊ لڳائيندا آهن،ٿر جي باغي روح سان پنهنجي نرالي مڃتا رکندڙ حليم باغي جي سنڌ ورسٽي لاءِ چيل شاعري چئي چهرا محبت جي ديوي ۾ گم ٿيندا رهيا ۽ حليم باغي جي سٽن سان پنهنجو احساس اظهار ڪندا آهن، پر اڄ حيلم باغي جي دور واري يو ڪلپس جون ڊگهون قطارون ناهن،تن جي واڍي ٻيلو سمجهي ڪئي وئي،پلانٽ سائنس وارا پلانٽ به ختم ڪيا ويا،آرٽس فئڪلٽي جي اندر ۽ ٻاهران به خالي ميدان نظر ايندو ته سي ايل جي سونهن ۽ فطري ماحول کي وڌائيندڙ وڻ به وڍي ٺوڙهي سي ايل  ڏيک ڏئي پئي، هاڻي يونيورسٽي به سيڪيلور ناهي رهي، ڪاليڊور ۾ بيهڻ به منع آهي ته دوستن جو گروپ ۾ گهمڻ تي پابندي آهي ته شاگردن لاءِ نوان مسئلا فيسن ۾ سو سيڪڙو اضافو به ڪيو ويو آهي ته الاٽمينٽ لاءِ به وزيرن کان ڪالون ٿين پيون.سيوا،سوٽا تنظيمون فعال ،شاگردن جي تنظيمن تي پابندي.

 محفل جا مور  سنڌي اربيلو ڪلام جنهن کي اڪثريت پسند ڪرڻ سان گڏ محفلن، ميڙاڪن جي آخر ۾ ڳائي وڄائي اهو هو جمالو هو جمالو......... تي رقص سڀئي شاگرد ۽ شاگردياڻيون گڏجي ڪري پنهنجي سنڌيت جي عشق جو ثبوت ڏيندا آهن، محفل جي رخصت به شعر سان ڪري الوداع ڪندا رهيا،انهي پروگرام ۾ تصويري يادگيرين جا البم ٺاهي يادگيرين ۾ اضافو آڻي خوش ٿيندا آهن ۽ سماجي رابطن جي سائيٽس فيسبوڪ،واٽس ايپ،ايمو وغيرھ تي اپولڊ ڪري پنهنجي دوستن جي ڏنل راين ڪمينٽس تي مهرباني چوندا آهن.نيو ايئر جي شاگردن جي مان ۾ ڏنل آجياڻين جا پروگرام ورسٽي جي  شعبن ۾ ٿيندا رهيا ، جتي شاگرد مزا ماڻي خوش رهندا آهن۽ يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي جيان ياد گيرين جا گيت ڳائي دل کي بهار ڏيندا آهن.نئين ايندڙ بئنچ جا شآگرد پنهنجو عشق آزاد خيالن ۾ ارپيندا آهن،ڪنهن جي زلفن ۾ زنگجي زندگي نانءِ ڪندا آهن،عشق ۽ محبت جا مرڪز بڻجندا آهن،بغاوت جي راھ جا پانڌيئڙا به ٿيندا آهن،ته شاھ ڀٽائي،سچل سامي،مخدوم بلاول جا پيروڪار بڻجندا آهن،

سوچن نظرين،آزاد فضائن،حسن سونهن،دل ڦريندڙ ادائن جي ورسٽي ۾.علم جي خزان جي ورسٽي ۾ زندگي جا چار پنج سال علم ۽ قلم جي حاصل ڪيل قوت سان مستقبل جي پرمسرت اهم شخصيت ،انسان دوست بڻجي ڪامياب زندگي بسر ڪري سگهندا.

ايڪسپريس نيوز پيپر ۾ ڇپيل فيبروي 2016

 

 

 

وڇوڙن جو شهر ڄامشورو

اصغر ناريجو

موئن جي دڙي واري سنڌ ۽ ان جو هر هڪ شهر ڪنهن نه ڪنهن  تاريخي حوالي سان پنهنجو پنهنجو وجود جي تاريخي حيثيت سان مشهوري به رکن ٿا، ته انهن مان ڪي شهر جيئن ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو طور،دادو ويٽيڪن سٽي ،ڪراچي روشنين جو شهر،سنڌ جي پئرس شڪارپورته ائين دنيا ۾ علم جو شهر طور ڄامشورو به پنهنجي نرالي حيثيت رکي ٿو. ۽ مادر علمي جو شهر به ڄامشورو آهي .

اي سنڌ ورسٽي توکي ڪهڙو نانءُ ڏيان ،علم جي مرڪزجي ورسٽي، حسين چهرن جي  ورسٽي،ٽهڪن مرڪن جي ورسٽي، نوجوانن جي ورسٽي، دل ڦريندڙ لٽيندڙ ادائن، قاتل نگاهن جي ورسٽي، مست هوائن جي ورسٽي، حسن جو مچ آهين، نظرين،سوچن جو شهر آهين، وڇوڙن جي ورسٽي، جنت جي منظر جهڙي ورسٽي، پنهنجي اندر ۾ هزارين  تاريخون۽ لقاءَ سانڍي ويٺل ورسٽي، جواني جون چار بهارون تنهنجي هوائن جي هندوري ۾ گذريون، هڪ خواب مثل گذري ويون.

اڙي شهر جانان ڪي توکي سنڀارون ته شاعر جون گذريون هتي پنج بهارون........

تنهنجي نگري ۾ آيا هزارين چهرا  ڄامشورا، کل خوشي سان ،پنهنجن گهروارن،پيارن کان موڪلائي لڙڪن سان انهن کي الوداع باءِ باءءِ ڪندي چيو دعا ۽ دل ۾ ياد، اڄ وڃان ٿو سنڌ يونيورسٽي...... نون آيل چهرن لاءِ عجيب ڪشمش هوندي آهي، هو ڪنهن جي زلفن جي اسير ۾ ويڙهجي گم ٿي ويندا آهن، ڪنهن جي قاتل نگاهن جو نشانو بڻجندا آهن ڪنهن جي ادائن م مست مدحون هوندا آهن ته پنهنجو عشق آزاد خيالن ۾ ارپيندا آهن ته بغاوت جو علم به بلند رکندا آهن.

 هتي  نگري ۾ ڦوھ جواني جا چار سال ڪنهن  خواب مثل گذري وڃن ٿا ۽ انهن خوابن جي يادن ۾ وقت جي پاڇي گذرڻ سان اهي پل گهڙيون ذهن تي اڻ چٽيل نقش وانگر تري اينديون آهن جن جو اثر هميشه رهندو آهي.سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن جڏهن  اچڻ ٿيو ۽ وڃڻ وارو گهڻو ياد رهندا آهن. ها اها سنڌ ورسٽي علم،ادب،سياست،عشق ۽ حسن جو مرڪز آهي جتان هڪ شاگرد گهڻو ڪجھ سکي وڃي ٿو. ويلڪم پارٽي کان ويندي الودائي پارٽي تائين آيل پروگرامن  علمي ادبي سيمينار، انٽري ٽيسٽ ڊي، اسٽڊي سرڪل،ڪلچر ڊي،ويلنٽائن ڊي، ڪريزي ڊي،ڪلر ڊي،ڪمينٽس ڊي ،اسٽڊي ٽوئر،پڪنڪ ٽوئر،ڪانفرنسن جون يادون من ۾ گهريل رهنديون آهن. سنڌ ورسٽي فارمل تعليم سان گڏ انفارمل تعليم جو به محراب آهي.

نوجوانن جو شهر، سڪ سلامتي،سونهن سچائي جو شهر،ڀلن سان ڀلائي جو شهر،محبوب دوستن سان گهاڙيل گهڙيون پل ،ڪئمپس،ڪچهريون، ڦاٽڪ جون ڪڙاهيون ،ڪئنٽينن جا ڪٽ ،جنت روڊ جا چڪر يادن جي ڊائري ۾ محفوظ ٿي ويا آهن.هي ڄامشورو ڪنهن جون جهوليون گلن سان ڀري ٿو ته ڪنهن کي ڪنڊن جي سيج تي سمهاري ٿو ڇڏي.ڪنهن کي لڙڪ، ڪنهن کي مرڪ، ڪنهن کي سپنا ته ڪنهن کي فقط حسين يادون ارپي ٿو. هتي حسين شامون گذاريندڙ دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڇو نه هليو وڃي پر ڄامشوري جون هوائون هن جي من اندر ۾ پيون گهلنديون رهنديون.حسين اپسرائن ۾ قيدي نيڻ ته ڪنهن جا ٿيا ته هوندا ته ڪنهن کي محبت ۾ پنهنجو پاڻ کي انهي نانءُ  ارپي ڇڏڻ ، ڪنهن کي چاهيندي ۽ نه چاهيندي ملي وڃڻ.

جڏهن شام جو سج لاڙيندولامون ته ياد ايندي ورسٽي جون شامون

ويل وقت توکي ڏک ڏئي پيو ڏنگيندو پوءِ ياد توکي باغي ايندو.....

جيڪو ڄامشورو آيو ۽ المنظر نه ڏٺائين ته سمجهو ڪجھ نه ڏٺائين جتي المنظر فطرتي حسن جي ساحل تي عشق،قرب جون ساروڻيون گذريون هونديون. دلڪش برساتي موسم ۾ دوستن سان گذاريل پل ذهن تي ياد رهندا. المنظر سنڌو درياءَ جو ٻيڙي تي سير ڪندي ٽهڪ ٽانڊا به تازا رهندا،ڪناري ڀرسان پاڻي ءَ جا ڇنڊا هڻڻ ۽ مرڪي هٿ اکين تي ڏئي وري پاڻي هڻڻ ياد رهندا.

مست هوائن ۾ حسين اداس شامون ،يادن جون سرد راتيون،جواني جون چار بهارون هي هاسٽل جون راتيون ،هي ڪئمپس جا ڏينهرا حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ناهن وسارڻ جهڙا.

 ڪا نشيلي نيڻن واري صلاح ڏيندي آهي ته ڄامشوري جي هوائن جهڙي زندگي ۾ ،جيڪب آباد جي گرمي جهڙا درد ڪاٽي زندگي خوش ۽ مرڪي گهار .

پر ڄام شورو مسافر خاني مثل آهي، هتي ڪنهن جو به مستقل ٺڪاڻو ناهي زندگي جون چار بهارون ڪنهن مسافر جي منزل جيان گذري ويون جيڪي تڪليفون مشڪلاتون هڪ مسافر ڏانهن اينديون آهن ائين ئي هتي مشڪلاتن جي منزل به شاگرد ماڻي ٿو.حليم باغي جيان  هتي بنا هٿيارن دل ڦرِيندڙ ڌاڙيل به آهن ته ڇڙواڳ ڇوڪرا به، ڪن جا ڌاڙا لڳي وڃن ته ڪن جا هتي ڌاڻا به نڪري وڃن.دپارٽمينٽ جي ڪاليڊور ۾ ڪنهن جو انتظار، پوائنٽس نڪرڻ وقت درشن جو خيال،ڪنهن خاموش محبت ڪندي چار سال به گذاريا هوندا ته ڪنهن جي محبت جا مثال به مرڪز هوندا.

اها الوداعي مرڪ ڪيڏي نه حسين هوندي جنهن سان اکين ۾ لڙڪ هوندا.....

سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي  ڄامشوري جو ڄڻ سو پٿر ٿيو وڃي

پٿريلي ڌرتي تي موسم خزان پن ڇڻ موسم زرد پن ڇاڻي وٺنديون آهن ته اتي ڄامشوري ۾ دلين جا وڇوڙي ۾ هانءَ ڇڻي پوندا آهن. چنڊ جي چوڏهين رات جهڙي تنهنجي جوڀن جواني وڇوڙن م ڪيئن گذرندي اهو درد سهي ڪيئن ننڊ نيڻين ايندي.

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي

هن کي چئجان گڏ هلي سگهندين

هڪڙو ننڍڙو سوال به ڪم ايند ئي....

 سنڌ ورسٽي مان فائنل ڪندڙ سڀني دوستن کي اها التجا آهي ته ،علم جي ان روشني سان غلاميءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ خلاف بغاوت جو علم بلند ڪن، سماجي برابريءَ ۽ حقن لاءِپاڻ پتوڙن، جيڪا علم جي  خوشبو سنڌ ورسٽي اوهان جي روح کي سونپرائي ان جي پرچار ڪندي باقي زندگي بسر ڪجو۽ اها ساڳي مهڪ محبت پنهنجي سماج ۾ ڦهلائجو، ڇو ته  مادر علمي اوهان کي جيئڻ جا اصول سيکاريا، محبتن جي محفلن جا بي بها خزانا اوهان جي جوان سيني ۾ رکيا، جيڪي ماڻيا ڪڏهن به  کٽندا ناهن، هميشه ساھ ۾سانڍي رکجو اهو عشق نينهن جو وچن سنڌ ورسٽي سان ڪجو...

ڄامشورو اسان جي پرين جو شهر آهي ننڍرو مگر آ وڏو پر اثر ڃامشورو اسان جي پرين جو شهر......

 ايڪسپريس نيوزپيپر ۾ ڇپيل ڊسمبر 2015

 

ورسٽي ۾ جواني جي عشق ۾ سگريٽ جو سهارو

اصغر ناريجو

19 ڊسمبر 2016

مستقبل جو ستارو ، مستقبل جو معمار ڳڀرو نوجوان سنڌ ورسٽي ۾ اچڻ وقت بهتر ،خوبصورت مستقبل جا خيال کڻي ايندو آهي ۔ ورسٽي جي گسن تي گهمندي گهمندي جڏهن هو عشق ۾ گرفتار ٿيندو آهي ته پنهنجي ڳاڙهن چپن سان سگريٽ جا ڪڇ هڻڻ شروع ڪندو آهي ۽ انهن ڳاڙهن چپن کي سگريٽ جي ڪاراڻ سان  ڪارو ڪري ڇڏيندو آهي ۔   اهو نوجوان ورسٽي جي پيچرن تي ڪچڙي جواني جا خواب حضرت عشق ٿيڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهي۔

 سگريٽ پيئڻ جو سبب اهو ٻڌائيندو ته يار عشق ٿي ويو آهي سندر چهري سان!  ان جي يادن ۾ سگريٽ پيئندو آهيان  ۔  اونداهي رات جو پنهنجي روم جي دوستن کي ڇڌي، هاسٽل جي ڇت تي سگريٽ ۽ موبائل کي ساڻ کڻي ويندو آهي. سگريٽ دکائي آسمان جي تارن ڏي نهاري محبوب جي حسن جي تعريف ڪندي پنهنجي سوچن جو مرڪز محبوب کي بڻائيندو آهي . چنڊ ۽ ستارن کي پنهنجي درد جي دانهن ڏيندو آهي . جيڪي به سندس فرياد ناهن ٻڌندا . سگريٽ مٿان سگريٽ دکائي پنهنجو پاڻ کي سگريٽ  جيان يادن ۽ سوچن ۾ جلائيندو آهي ۔ دکيل سگريٽ سان گڏ موبائل تي غزل ۽ گيتن کي پڻ ٻڌندو آهي۔

او شٽ يار سگريٽ کپي  ويا۔۔

اچ ڪئنٽين تي سگريٽ پيئڻ هلون ۔۔

وڏا هڪڙو گولڊيف کڻي ها ۔۔۔

هاسٽل گيٽ تي وڃين ٿو منهنجي لاء 2 ڪئپٽن سگريٽ آڻجان ۔۔۔

اچ يار سگريٽ جي ٻاڙ لڳي آ سگريٽ پيون۔۔

هي سگريٽ دکائي ڏي يار

منهجو لائيٽر ڪنهن کنيون ؟

ماچيس آهي ادا ۔۔ ها هي کڻو سنگت سان سگريٽ دکائي پوء ڏئي ٿووڃان ۔۔۔۔،

 ڀر واري روم تي دروازو کڙڪائي وڃي چوڻ ادا ماچيس اٿو ۔۔۔ وري انهن کان جواب ملندن

نه يار هن ڀيري سامان جي لسٽ ۾ ماچيس لکڻ وسري ويو ۔

سنڌ ورسٽي ۾ عاشقن جو سهارو سگريٽ بڻجي ويندو  آهي .  اهو شاگرد پنهنجي شعبي جي ڪاريڊور ۾  پنهنجي محبوبه کي ڏسندي به سگريٽ ڇڪيندو آهي ، جنهن کي اهو محسوس ڪرائڻ چاهيندو آهي ته تنهنجي عشق ۾ سگريٽ جو سهارو وٺي جيئندو آهيان۔ جيڪو تو وانگر ڪڏهن بيوفائي نه ڪندو۔  ڪئنٽين تي ڪٽ  ( چانھه جي اڌ ڪوپ کي يونيورسٽي ۾ ڪٽ چيو ويندو آهي  ) ۔۔ جا چسڪا ڀرڻ کان پوءِ به سگريٽ کي دکائي پاڻ کي دوستن سان گڏ هوندي به اڪيلو محسوس ڪندو آهي ۔ عشق کان پوء  اڪيلائي ، اداسي جي دنيا ۾ رهجي ويندو آهي ۔ ها دوستن جا سهڪاري جملا ٻڌڻ کان پوء به پاڻ کي سنڀالي ناهي سگهندو ۔   عشق ۽ سگريٽ ۾ ڇا فرق آهي ۔ لڳي ٿو ته عشق ۽ سگريٽ ۾ ڪو خاص فرق ناهي ڇو جو عشق جو ڪم به جلائڻ آهي ۽ سگريٽ جو ڪم به جلائڻ آهي پر عشق جي جلن ابدي هوندي آهي ۽ سگريٽ جي جلن وقتي ۔ سگريٽ ته ڪجهه گهڙين جي لاءِ درد جو ساٿي بڻجندو آهي پر عشق ته هر پل ، هر گهڙي ۽ مرڻ مهل تائين درد ڏيندو رهندو آهي ۔

ڪي چهرا عشق جي عالم ۾ اچڻ کان پوء ڪتابن کي پڙهندا آهن ۔ انهن ڪتابن ۾ ناول، شاعري جي ڪتابن کي اهميت وڌيڪ ڏيندا آهن ۔ 

تون گولڊيف جهڙي

مان چرس جهڙو

جڏهن به ملياسين

مدهوش ٿياسين۔۔!

Sunday, 25 February 2018

بالي ووڊ ليجند ادڪاراه سري ديوي ديهانت ڪري وئي


بالي ووڊ ليجند ادڪاراه سري ديوي ديهانت ڪري وئي

#اصغر ناريجو

بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪاره سري ديوي دل جو دورو پوڻ سبب 55 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري وئي.

سري ديوي دبئي ۾  پنهنجي مڙس بوني ڪپور ۽ پنهنجي ڌيءُ خوشي سان گڏ ڀائٽي جي شادي تقريب ۾ هئي ته اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري وئي.

سري ديوي جي ديهانت جي خبر پوڻ بعد ممبئي ۾ سندس گهر ٻاهران مداح وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي رهيا آهن.

 سري ديوي 13 آگسٽ 1963ع تي ڀارتي رياست تامل ناڊو جي ڳوٺ سيواسڪي ۾  پيدا ٿي.سندس والد وڪيل هو .  هن جو پورو نالو سري ديوي ڪپور هيو.

سري ديوي 1978ع ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات سولهوان ساون سان ڪئي، ۽ گذريل سال رليز ٿيندڙ فلم مام سندس 300هين فلم هئي.

هن 1985ع ۾ اداڪار مٿن چڪروتي سان شادي ڪئي جيڪا ٽن سالن بعد ٽثي وئي.

سري ديوي 1996ع ۾ فلم پروڊيوسر بوني ڪپور سان شادي ڪئي، جيڪا مرڻ گهڙي تائين ڪامياب رهي.

جنهن مان کيس ٻن ڌيئرن جو اولاد خوشي  ۽ جهانوي ڪپور آهن.  

 سري ديوي بالي ووڊ فلمن ۾ همٿ والا، موالي، تحفه ،نيا قدم، ماسٽر جي، ، گهمراهه، لاڊلا، جدائي سميت ٻين فلمن ۾ ڪم ڪيو.

1983ع ۾ همٿ والا فلم کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو .مسٽر انڊيا، خداگواه، چالباز، لمحا، صدمه سندس سپر هٽ فلمون هيون.

سري ديوي 1997ع ۾ فلمي دنيا کان ڪناراڪشي ڪري ڇڏي جنهن بعد هن 15 سالن بعد 2012ع ۾ انگلش ونگلش فلم سان بالي ووڊ ۾ واپسي ڪئي.

سري ديوي 2017ع ۾ فلم مام ۾ سجل علي ۽ عدنان صديقي سان ڪم ڪيو.

سري ديوي تامل، تيلگو۽ مليالم سميت بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪيو.

2013ع ۾ سري ديوي کي ڀارت جي چوٿين وڏي شهري ايوارڊ پدم شري سان نوازيو ويو.

سري ديوي پنهنجي ڪيريئر دوران بهترين اداڪار ه جا 5 فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيا،جن ۾ هڪ فلم فيئر اسپيشل ايوارڊ به شامل آهي.

بالي ووڊ جي پهرين عورت فلم اسٽار سري ديوي 300 فلمن ۾ ڪم ڪيو.

سري ديوي جي وفات جي خبر جو ٻڌنڌي ئي سماجي رابطن واري ويبسائيٽن تي وڏي تعداد ۾ بالي ووڊ اسٽار توڙي ٻين شخصيتن پاران تعزيتي پيغام اچڻ شروع ٿي ويا آهن...........


 

سنڌ کان وڇڙي ويل صادق فقير

 سنڌ کان وڇڙي ويل صادق فقير

#اصغرناريجو
توکان  ٿيندي ڌار گيت ڳائي بي پناهه شهرت ماڻيندڙ سنڌ جي البيلي راڳي صادق فقير کي وڇڙي ٽي سال مڪمل ٿي ويا.
سنڌ جي سرموڙ راڳي صادق فقير 20 مارچ 1964ع  تي ٿر ۾ فيَض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو.
صادق فقير راڳ جي سکيا پنهنجي مامي راڳي فقير بخش کان ورتي.
صادق فقير پهريون ڀيرو ڪاليج جي هڪ تقريب ۾ گيت ڳائي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.
صادق فقير ٿر جي درد، ٿر جي فطري سونهن کي پنهنجي سريلي آوزا ۾ ڳائي ٿر کي امر ڪيو.
منهنجي ٿر جو حال جي پڇندي ته روئي پوندين.....
صادق فقير درد، وڇوڙي، پيار جا گيت آلاپيندو هو .
هن کي 1990 ع واري ڏهاڪي ۾ اياز گل جو ڪلام توکان ٿيندي ڌار،  کلندي کلندي يار ،لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري ، ڳائڻ ڪري کيس شهرت ملي.
توکان ٿيندي ڌار........ ڪلام
صادق فقير 1992ع ۾ شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ ٽن پٽن جو اولاد آهي.
ٿر جي اربيلي راڳي  هڪ هزار کان وڌيڪ گيت ڳايا، جڏهن ته سندس مادري زبان مارواڙي هئي، پر هن سنڌي، اردو، سرائڪي، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽  ٻين ٻولين ۾ ڳايو.
ٿر جي امر راڳي صادق فقير، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، شيخ اياز ، حافظ نظاماڻي سميت ٻين سنڌي شاعرن سان گڏ اردو ۾ فيض احمد فيض ، غالب ، فراز کي کي به ڳايو.
سندس مشهور ڪلامن ۾ سخي پيا کي ملين، اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا، سنڌ جاڳي پئي، ڇڱو ڀٽائي آئون موڪليان ٿو، جواني نه رهندي هي حياتي نه رهندي، سنڌ منهجي امان سميت ٻيا ڪيترائي انمول گيت شامل آهن، جن کي سندس چاهيندڙ وڏي چاهت سان اڄ به ٻڌن ٿا.
سنڌ جي ٻيجل صادق فقير ڀارت، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
ياد رهي ته صادق فقير ٽي سال اڳ 26 فيبروي 2015 تي سعودي عرب عمري جي سعادت ماڻڻ لاءِ گهرڀاتين سان گڏجي و يو هو جتي روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشهه لاءِ وڇڙي ويو.
سندس آخري آرامگاهه  مٺي جي اباڻي قبرستان ۾ آهي.

Tuesday, 26 December 2017

محترمه بينظير ڀٽوجي عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد

محترمه بينظير ڀٽوجي عورتن لاءِ ڪيل جدوجهد
اصغر ناريجو 27 ڊسمبر 2017 
سنڌ جي راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 10هين ورسي ملهائي پئي وڃي.
 بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي، جنهن والد جي ڇڏيل مشن تي هلندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. 
محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ،قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ عوا م جي حقن لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ سان گڏ هن عورتن جي مسئلن جي خاتمي لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي.
محترمه بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988ع تي  35 سالن جي عمر ۾ ، مسلم دنيا ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بڻي.
ضياءِ جي دور ۾ عورتن جا حق محدود ڪرڻ لاءِ بنياد پرست قانون قائم ڪيا ويا ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪا نئين قانون سازي نه ڪئي وئي.
محترمه بينظير ڀٽو چونڊ مهم دوران عورتن لاءِ تضاد وارا قانون جهڙوڪ هدود ۽ زنا کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جيڪي  پاڪستان ۾ عورتن جي حقن کي گهٽائن ٿا.
بينظير ڀٽو قاهره ۾ڪوٺايل آبادي ۽ ترقي  جي عالمي ڪانفرنس ۾ حمل ڪيرائڻ جي خلاف ڳالهايو، جتي هن اولهه جي ملڪن تي الزام لڳايو ته هو حمل ڪيرائڻ، زنا  سميت مذهب ۽ معاشري جي سطح تي اهڙن مسئلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن. جنهن ۾ سڀني جي پنهنجي سماجي اخلاقيات شامل آهي. پر بينظير ڀٽو کي وڏين تنظيمين سهڪار نه ڪيو.
محترمه بينطير ڀٽو، پاڪستان ۾  1989ع ۾ فرسٽ وويمن بئنڪ جو بنياد وڌو
محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي قدامت پرست معاشري ۾ پهريون ڀيرو 25 جنوري 1994ع ۾ عورت پوليس اسٽيشن قائم ڪيون.
محترمه بينظير ڀٽو 1996ع ۾ جڙيل  عالمي عورت اڳواڻن جي ڪونسل جي باني ميمبر  بڻي.

بينظير ڀٽو ملڪ ۾ هڪ سينيئر سول سروس عورت جي سربراهي ۾ عورت ججن ۽ عورتن جي ڊويزن کي مقرر ڪيو.

سنڌ جي سرموڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي سنڌ کان وڇڙي 21 سال گذري ويا پر سندس آواز کي اڄ به هزارين دليون وڏي چاهه سان ٻڌن ٿيون. سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڳايو اهو ئي سبب آهي جو سرمد سنڌي اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌو وڃي ٿو.

سنڌ جي قومي  آواز سرمد سنڌي کي 21هين ورسي تي ڀيٽا
اصغر ناريجو 27 ڊسمبر 2017
اسان کي او سهڻا وساري نه ڇڏجو ......
سنڌ جي سرموڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي سنڌ کان وڇڙي 21 سال گذري ويا پر سندس آواز کي اڄ به هزارين دليون وڏي چاهه سان ٻڌن ٿيون.
سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڳايو اهو ئي سبب آهي جو سرمد سنڌي اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌو وڃي ٿو.
هو سنڌ جي درد جي ترجمان ڪندڙ آواز هو ....اي قوم توکي ڇا ٻڌايا ن مان  قصا .....
سنڌ جي ٻيجل سرمد سنڌي 7 جولائي 1961ع ۾  خيرپور ضلعي جي شهر پريالو ۾ محمد حيات مغل جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو عبدالرحمان هو جيڪو بعد ۾ قومي گيت ڳائڻ ڪري سرمد سنڌي جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين جي تعليم پريالوءَ مان ئي پرائي، جنهن بعد هن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي .
سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جي شروعات 14 سالن جي عمر ۾ ڪئي ۽ هو جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ پڙهندو هو ته اتي ڪاليج ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ قومي گيت جهونگاريندو  هو.
سرمد سنڌي ڪي ڊي اي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ اتان ئي راڳ جي باقائدي شروعات ڪيائين. سرڪاري نوڪري هوندي سرمد سر ۽ سنگيت سان آخر تائين ناتو نڀايو.
سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ ئي تمام گهڻو مشهور ٿي.
سرمد سنڌي جي گيتن کي قومي تحريڪ کان وٺي هر طبقي جوماڻهو پسند ڪندوآهي، اهو ئي سبب آهي جو سرمد جي من کي موهيندڙ آواز کي اڄ به سنڌ جي واهڻ وستي، ڪندڪڙچ ۾ وڏي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو.
سرمد سنڌي جي گيتن م ديس جي دانهن به هئي ته ديس واسين کي سجاڳ ٿي متحد محاذ جوڙڻ جي راهه به ڏسيل هئي، ...... او انقلاب ساٿيو انقلاب ساٿيو .....
سندس مشهور گيتن ۾  وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو، اي چنڊ پرين کان آءُ پڇي ڇا توکي به ننڊ ايندي آ،  اسان هجون نه هجون شل اوهان کي ياد هجون،منهنجي دلي ٿي چوي پيار هرڪو ڪري،  دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورو وسين هان ته ڇا ٿئي هان، ڇا ٻڌيان مان حال دردن ڀريو بيان آ، سر سنڌ تان قربان آ سر ديس تان قربان آ،سميت ٻيا ڪيترائي گيت اڄ به عوام ۾ بيحد مقبول آهن.
سرمد سنڌيءَ ڌرتي جي دنگن ،ننگن ، خوبصورتين، انقلاب ۽ سماج جي ناانصافين تي جڙيل گيت جهونگارڻ سبب وڏي شهريت ماڻي
سرمد سنڌيءَ پنهنجي سريلي آواز ذريعي سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ دردوند دلين جي ترجماني پڻ ڪئي.
سرمد سنڌي ڦوهه جواني ۾ 35 سالن جي عمر م 27 ڊمسر 1996ع تي بدين ويجهو بدنصيب روڊ حادثي ۾ هميشهه لاءِ سنڌ کان وڇڙي ويو
انقلابي، ۽ ڏکوئيل دلين جي آواز سرمد سنڌي جي ڳايل گيتن جي گونج 2 ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود به اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي .
منهنجي مئي ڱانپوءِ منهنجي ٻچڙن جي سار لهجو .....