Tuesday, 2 May 2017

“دراوڙ دل جي تنهائي ”جي خالق جو وڇوڙو

“دراوڙ دل جي تنهائي ”جي خالق جو وڇوڙو  
اصغر ناريجو
من ۾ ٿاڪَ تنهنجي نيڻن جا
چپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا
جهول گدليءَ ۾ ڪيئن جهلي جاني!
لڙڪ سڀ پاڪ تنهنجي نيڻن جا
هي سٽون درواڙ  دل جي تنهائي جي خالق اياز جاني جون آهن، جيڪو هن وقت سنڌ کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو آهي پر سندس احساس ۽ ذميواري توڙي نڀاءَ ڀريل شاعري جا سنڌ مٿان اڏيل ڇپر هميشه ڇانو بڻيل رهندا.
اياز جاني جنهن جي شاعري جي وڏي خوبي اها هئي ته هو پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجن روايتن جو شاعر هو.
اياز جي شاعري جي ڪينواس تي ڌاري ٻولي جي يلغار نه هئي، هو نج سنڌي ٻولي جي سؤلن ۽ سڀ کان سمجهه ۾ ايندڙ ٻولن جو تخليقار هو.
اياز جاني جي شاعري ۾ جيتوڻيڪ غزل ۽ وائي تمام گهڻي ملي ٿي پر هو مشتاقي ڀريل دير سان به ڌرتيءَ جي دنگن، ٿاڪن ۽ ٿانون جي ڳالهه ڪندو هو. سندس شاعريءَ ۾ ٿالهين ۽ پيرن نم جي ڇانون، انگوري ڇڳن، ڇيلن ۽ ٽلين، ولين ۽ ونگن جون ڳالهيون ملن ٿيون، سندس شاعريءَ ۾ غزل تي خاص طور سندس ڪمال جي پڪڙ نظر اچي ٿي ۽ پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي اهو احساس ورائي وٺي ٿو ته هن احساس، انتظار، اظهار، قرب جي ڪڻن، ڳڻن، رشتن، واعدن، وصالن، توڙي ميلاپ جي خوشي ۽ جدائي جي عرب کي پهرين پاڻ تي سَٺَو آهي پوءِ ئي ڪجهه لکيو آهي. مطالعي جي عميق ۾ ٽوٻي مثل پار ٿيندڙ اياز ڪٿي به سنڌ جي وارثي تان هٿ نه کنيو آهي۽ ڌرتي جي ڀينڊن، ڀِترنِ، پَٿِرن، مارن جي مرڪن ٽهڪن، سندن وهمن، وسوسن، احساس،عشق،قرباني ۽ محبت جي هڙني گڻن تي خوب لکيو آهي.
خواب ۾ ٽٽندي ستارن کي ڏٺو
ان پل ڏٺو مون دل دري آڪاس جي
منهنجي مٽيءَ سان ئي وفا آهي لکيل
سوچي اهو ملجانهءِ پري آڪاس جي
ڌرتي گهڻو درياءَ کي ويجهو وئي
ان ۾ به ٻيڙي تري آڪاس جي
ٿڪجي پيو آهيان گهڻو منهنجا خدا!
لاهي رکان ڪاٿي پري آڪاش جي-اياز جاني
هنن سٽن جو سرجهڻار اياز جاني هر سٽ ۾ مٽيءَ جي خوشبو جو اظهار ڪندي نظر اچي ٿو۽ بلڪل ٻهراڙي ۾ ڳالهائي ويندڙ نج ٻولي ۽ ٻولن وانگر ٻهڪندي اڳتي وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو.
زيتون جي ٽاري نه هئي ڳيرو نه هو
واسينگ ها، ڪو مور جو ٻيرو نه هو
ان ننڊ ۾ مو لئه ڪراچي تنگ هئي
جنهن جاڳ ۾ منجهند نئو ديرو نه هو
يا اياز جاني هن نموني به چوي ٿو ته:
ڪير چوي ٿو سج ئي اڀرو
ٽانڊاڻو ٿئي ڪو، ٽڙندي جاڳرتا
هٿ ڪڙين کي چمڪندي اپ ۾
پکين کي ڏسجو ٽڙندي جاڳرتا
گڏجي ٽهڪ پکيڙيو چڙندؤ
خوشبو جو رستو
آهي جو اوندهه ۾
جيئن جو جذبو ٽرندي جاڳرتا
مطلب ته اياز جاني دراصل پنهنجي شاعريءَ ۾ جاڳرتا جا نوان رستا نون شاعرن لاءِ پاڻ ئي جوڙيا جنهن ۾ به سندس ٻولي تي غضب جي پڪڙ هئي.
اياز جاني سنڌ جي ڪوڪ ههڙي نموني به شاعري ۾ ڪندي نظريو:
پنهنجي جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نڪري وئي
ٿي ويو هل ڳوٺ ۾
شينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ مان نظر مان ڪٿي
تهمتن جي رات ۾
ڏينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ
ڪو ٿريلو عشق هو
مينهن جهڙي ڇوڪري
راڄ
اياز جاني سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رهندي ڳوٺ جي ٿڌڙين هوائن کي نه وساريو ۽ نه ئي ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين پنهنجي ڳوٺ ۽ ماڻهن کان منهن مٽايو.
محبت تون ڪٿي آهين
ڀلا خوش رهه جٿي آهين
ڪراچي ۾ ته دهشت آ
اتي ترسڻ نه ٿي چاهين
ڀلا خوش رهه جٿي آهين
وچان نڪري نئين ديري
اتي پيرا پئي ڊاهين
ڀلا خوش رهه جٿي آهين
اياز جاني 4 آڪٽوبر 1967ع ۾  لاڙڪاڻي جي رحمت پور پاڙي ۾ قربان علي ميمڻ جي گھر ۾ اکيون کوليون. اياز جاني جو اصل نالو اياز حسين هو. حساس دل جي قربائتي شاعر اياز جاني پرائمري جي سبق کان مئٽرڪ تائين جي تعليم نئون ديرو ۾ حاصل ڪئي.اياز جاني 6 جون تي 49 سالن جي ڄمار ۾ ساهه جي تڪليف سبب پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اياز جاني شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ٽيليفون کاتي ۾ نوڪري ملڻ بعد ڪراچي ۾ رهڻ لڳو.
  2014 ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان ليڪچرر شپ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ ڪاليج نئون ديرو ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. اياز جاني 1983ع ۾ نيئن ديري ۾ ٻارڙن جي ادبي سنگت جو بنياد وڌو.تنهن کان پوءِ  گهايل ادبي سنگت، آثم ادبي سنگت ۽  سنڌي ادبي سنگت شاخ نئون ديرو سان 1986 تائين  واڳيل رهيو.
اياز جاني ماهوار مئگزين سارس ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر، ماهوار همرڄو ۾ ايڊيشن طور۽ ماهوار لهرون ۾  پڻ ڪم  ڪيو.اياز جاني جي شاعري  سنڌ جي مختلف ڪلاڪارن حنيف لاشاري، استاد غفورسومرو،  حميد راڄپر ۽ ٻين پڻ ڳائي.
اياز جاني جي سندس شاعري جو مجموعو  “دراوڙ دل جي تنهائي” ڪتاب جي مهورت  تازو آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾  ڪرائي وئي هئي.جيڪو جديد دور جي خوبصورت غزل جي عڪاسي ڪري ٿو.جنهن تي کيس مختلف شاعرن،اديبن ڀرپور مڃتا ڏني هئي. سندس غزلن جو مجموعو “پن ڇڻ جا  پل پٿر” پڻ ڇپجي چڪو آهي.
اياز جاني مختلف صنفن ۾  بهترين شاعري ڪري خوب نالو ۽ شهرت ڪمائي. اياز جاني جديدسنڌي  غزل ۽ وائي جو بهترين شاعر هو. اياز جاني کي سنڌ جي ناميارن شاعرن طور سڃاتو ويندو.
اڄ جڏهن اياز جاني اسان وٽ جسماني طور تي موجود نه آهي پر سندس لکڻين ۽ ملڻ جلڻ جي قربائتي انداز ۽ نوجوانن کي همٿائڻ واري ڪردار کي نه ٿو وساري سگهجي. ۽ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر  تي سنڌ سدا ناز ڪندي رهندي ۽ ڪيل تخليقي ڪم، حسين شاعريءَ، سنڌ جي عاشق طور کيس هميشه ياد رکيو ويندو.
فنا جو سڏ ٿو گونجي،
اسان جي سڏ وراڻي آ،
چڳو بس موڪلاڻي آ. (جاني)


07-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

Humanity pioneers Abdul Sattar Edhi

انسانيت جو علمبردار ايڌي
اصغر ناريجو
ڌماڪن جا آواز، گندرف جو دونهون، پکڙيل انساني عضوا، رت سان رڱيل روڊ، آسماني آفتون، زلزلا، روڊ حادثا توڙي ٻين حادثن ۾ آنهن دانهن روڄ راڙن ۾ سائرن وڃندڙ ، تيزي سان موڙ مڙندڙ گاڏيون واقعي واري هنڌ تي ايمبولينس سروس پهچي وينديون آهن.  جيڪي سرڪاري ايمبولينس کان اڳي واقعي جي جاءِ تي پهچي وينديون آهن.اهڙو تربيت يافته عملو تڪڙو لهندي زخمين ۽ لاشن کي مهارت سان کڻي اسٽريجرن تي کڻي ايمبولينس ۾ منتقل ڪندو آهي. ائين ڪم  ڪندا ڄڻ 20 سالن جا نوجوان جذبي سان ڪم رهي رهيا آهن. سالن کان اهو ڪم ڪندا رهندا آهن. اهو دنيا جي سڀ کان وڏي نجي ايڌي ايمبولينس سروس فائونڊيشن جو عملو آهي. جيڪو ڪيترن ئي سالن کان بي لوث انسانيت جي خدمت جو ڪم ڪري رهيا آهن. هي اهڙو عملو آهي، جيڪو دهشتگردن جي حملن، ٽريفڪ حادثن، قدرتي آفتن ۾ سڀ کان پهرين پهچندو آهي. جنهجو جو باني عبدالستار ايڌي انسانيت جو مسيحو آهي.
معروف سماجي رهنما عبدالستارايڌي بغير رنگ، نسل، ذات پات ۽ مذهب کان هٽي ڪري انسانيت جي بي لوث خدمت ڪئي. انساني خدمت جو عملبردار مڃيو ويندڙ ايڌي سنڌ کان هميشه لاءِ  8 جولائي تي هي جهان ڇڏي ويو. خدمتگار درويش عبدالستار ايڌي گڙدن جي بيماري ۾ 2013ع ۾ مبتلا ٿيو هو. ان کان علاوه شوگر۽ بلڊ پريشر جي باعث سندس جي گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽هر ٽن ڏينهن تي ڊائيلاسيز ڪرائيندو هو. اهو فرشتو صفت انسان ڪالھ رات 11:20 تي ڪراچي جي ايس آءِ يوٽي ۾ وفات ڪري ويو.
پاڪستان جي فقير منش ۽ سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي جو جنم 1929ع ۾ ڀارت جي جهونا ڳڙھ رياست جي ڳوٺ بانٽوا ۾ ٿيو.ايڌي جو والد ڪپڙي جو واپاري هو.عبدالستار ايڌي کي ننڍپڻ کان ئي انسانيت جي خدمت جو قائل هو. ايڌي جي عمر جڏهن 11 سال هئي ته سندس ماءُ کي فالج ٿيو. تنهن کان پوءِ ايڌي ماءُ جي خدمت ڪئي۽ انهي خدمت انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو درس ڏنو. بي سهارن جي ڀرجهلو ٿيڻ جو رستو ڏنو، لاوارثن جو وارث ٿيڻ جو سبق ڏنو. ماءُ جي خدمت واري عمل کان شروعات ڪندڙ سماجي خدمتگار سموري زندگي ڪامياب انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري.
پاڪستان جي وجود اچڻ جي ڇهين ڏينهن تي پنهنجي جنم ڀومي بانٽوا کي الوداع چئي عبدالستار ايڌي ڪراچي ملير ۾ هجرت ڪري آيو.
هن ايڌي فائونڊيشن جو 1951ع ۾ بنياد رکيو. هڪ ڪمري کان سماجي خدمت شروع ڪندڙ ايڌي جا ڪراچي ۾ 300 کان مٿي سماجي خدمت جا مرڪز آهن. ڪراچي ۾ 1957 ع ۾ جڏهن وبا سبب ڪيترائي ماڻهو مري ويا ته هن جي ذهن تي ڏاڍو اثر ٿيو.1957ع ۾ عبدالستار ايڌي 5 هزار رپين جي آمدني کان سماجي خدمت شروع ڪئي. هڪ پڪ اپ کان شروع ٿيل امدادي سروس هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي ايمبولينس سروس جو اعزاز رکي ٿي. ايڌي انفارميشن بيورو جي موجب هن جي امدادي مرڪزن جو تعداد  پوري ملڪ ۾ 335 آهي. ٻوڏ۽ سامونڊي طوفان جي موقعن تي امداد پهچائيندڙ 28 ٻيڙيون۽ عملو آهي. ايڌي فائونڊيشن جا ملڪ ۾ 17 ايڌي هومز سينٽر آهن. ان کان علاوا ايڌي شيلٽر، ايڌي وليج، ايڌي چائلڊ هوم، بلقيس ايڌي ميٽرنٽي هوم، ايڌي اينيمل هاسٽل، ايڌي فري ليبارٽري، ايڌي فري ننگر سروس به ملڪ ۾ ڪم ڪنديون آهن. ايڌي فائونڊيشن جون ٻه هزار کان وڌيڪ ايمبولينسون آهن تن کان علاوا 2 ايئر ڪرافٽ۽ هيليڪاپٽر به آهن.  ايتريون امدادي سرگرمين جو نظام هلائيندڙ عبدالستار ايڌي  آهي. جنهن جي زندگي انتهائي سادگي جو نمونو آهي.
انسانيت جي مسيحي ايڌي موجب پهرين عوامي اپيل تي سندس ٻه لک چندو مليو. چوندو هو ته اها منهنجي نيت نه هئي ته مان ڪنهن وٽ وڃي پنان. پر مان چاهيندو هيس ته قوم کي ڏيندڙ بڻايان، پوءِ مان فٽ پاٿن تي بيهي پنيو،ٿوري ملي پر ٺيڪ ملي. جلد ئي ماڻهو بقول شاعر “ ماڻهو ايندا ويا ۽ ڪاروان بڻجندو ويو.
خدمت جو جذبو صرف انسانن لاءِ نه هوندو هيس پر جانورن جي لاءِ به فڪرمند هوندو هو. جنهن جي ڪري سماجي خدمتن جي ليجنڊ  35  سال پهرين 50 ايڪڙن تي مشتمل ايڌي هڪ سينٽر ٺهرايو، انهي سينٽر تي نالو پنهنجي زال بلقيس ايڌي جو بلقيس اينيمل ايڌي سينٽر رکيو. جتي ويٽرنري ڊاڪٽر به آهن. انهي زمين جي بائونڊري جي چوطرف ڀت به ٺهيل آهي. ٻه سال اڳ ٿر ۾ ڏڪار جي سبب مور مري رهيا هئا ته ايڌي  ڊاڪٽرن جي ٽيم ساڻ ڪري ننگرپارڪر پهتو هو.
انسانيت جو همدرد ايڌي چوندو هو ته مون زندگي جو اصول ٺاهيو آهي ته زندگي سادگي سان گذاريندس۽ ڪپڙا به هڪ قسم جا پائيندس. .جنهن وٽ ملائيشيا جا سستي ترين ڪپڙن جا ٻه جوڙا هئا. هڪ ميرو ٿيندو هيس ته ٻيو پائيندو هو. عبدالستار ايڌي جو چوڻ هو ته مجبور ماڻهن جي مدد لاءِ ڪنهن بين الاقوامي تنظيم جي ضرورت ناهي.انسانيت جي غمخوار ايڌي 48 سال صرف ايمبولينس هلائي ٻي گاڏي ڪڏهن به نه هلائي. ڏکويل دلين جي خدمت لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ عبدالستار ايڌي پنهنجي زندگي انتهائي سادگي سان گذاري.
خلق خدا سان محبت ڪندڙ انسان عبدالستار ايڌي هڪ نظريو، سوچ، فڪر جو نالو بڻجي ويو آهي.
عبدالستار ايڌي انسانيت جي خدمت ڪندڙ هڪ مثال آهي.
عبدالستار ايڌي 19 اپريل 1965ع تي بلقيس ايڌي سان شادي ڪئي. جيڪا ان جي ڊسپينسري ۾ نرس طور ڪم ڪندي هئي. ايڌي کي  چئن ٻارن جو پيءُ هجڻ سان گڏ ڪروڙين بي سهارا لاوارث ٻارن جو پيءُ بڻيو. سندس اولاد ۾ پٽ فيصل ايڌي، ڪبريٰ ايڌي، زينت ايڌي۽ الماس ايڌي آهن. انهن سميت ڪروڙين  ماڻهو سڳوار ڇڏي ويو آهي. سندس پٽ فيصل ايڌي۽ ڌيءُ ڪبري ايڌي ٽرسٽ والده سان گڏجي هلائي رهيا آهن.
19 آڪٽومبر 2014ع تي عبدالستار ايڌي کي پنهنجي آفيس ۾ هڪ ڪلاڪ يرغمال بڻائڻ کان بعد ڦورن 5 ڪلو سون۽ ٽي چار لک آمريڪي ڊالر چوري ڪري ويا هئا. انهي ڌاڙي ايڌي کي جسماني جهوري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ چوندو هو منهنجي آفيس ۾ ڌاڙو ڇو هنيو ويو. انهي ڏينهن ۾ بقول سندس پٽ فيصل ايڌي “ايڌي سروس جو ٻن ڏينهن جو خرچو هڪ ڪروڙ روپيا ايندو آهي ”. هنگامي حالتن جي ڪري ايتري رقم گڏ آفيس ۾ رکندا آهيون.
ايڌي صاحب بي لوث انسانيت جي خدمت ڪئي. جنهن جي خدمتن جو اعتراف ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان ان تي ڪيئي دستاويزي فلمون به ٺاهيون ويون آهن. دستاويزي فلمن ۾ ان جي زندگي جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي وئي آهي. بين الاقوامي ايوارڊن ۾1986ع ۾ عوامي خدمتن عيوض رامو مگسيسي ايوارڊ، 1988ع ۾ لينن امن ايوارڊ، 1992 ع ۾ پال هيريس فيلو روٽري انٽرنيشنل فائونڊيشن ايوارڊ، دنيا جي سڀ کان وڏي رضاڪاراڻا ايمبولينس سروس جو ايوارڊ گنينز بڪ ورلڊ رڪارڊ 2000ع ۾، همدان اعزاز برائي عمومي طبي خدمات 2000ع متحده عرب امارات،بين الاقوامي بلزان اعزاز 2000ع ۾ برائي انسانيت، امن ۽ ڀائيچارو، اطاليا،انسٽيوٽ آف بزنس ايڊمنستريشن ڪراچي جي طرفان  اعزازي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 2006ع ۾ ۽ يونيسڪو مدنجيت سنگھ ايوارڊ 2009ع ۾ مليو. قومي اعزازن ۾ ڪاليج آف فشريز اينڊ سرجنز پاڪستان جي طرفان سلور جوبلي شيلڊ 1962 ۽ 1987،سنڌ حڪومت جي طرفان سماجي خدمتگذار برائي برصغير جو اعزاز 1989ع ۾، نشان امتياز( حڪومت پاڪستان جو اعليٰ اعزاز) 1989ع ۾، حڪومت پاڪستان جي صحت ۽ سماجي بهبود جي کاتي  پاران بهترين خدمتن جو اعزاز 1989ع، پاڪسان سوڪ سوسائٽي جي طرفان پاڪستان سوڪ اعزاز 1992ع، پاڪ فوج جي طرفان اعزازي شيلڊ، پاڪستان اڪيڊمي آف ميڊيسن سانسز جي پاران اعزاز خدمت، پاڪستاني انساني حقوق معاشره جي طرفان انساني حقوق اعزاز، 26 مارچ 2005ع ۾ عالمي ميمن تنظيم جي طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ اعزاز سان نوازيو ويو.فقير منش انسان کان جڏهن نوبيل انعام ايوارڊ  لاءِ پڇيو ويندو هو ته چوندو هيو ته “ نوبيل انعام مليو ته ٺيڪ آهي جي نه ملي ته به ٺيڪ آهي”. هن قوم جي ماڻهن مونکي ايترو ڏنو آهي جو نوبيل انعام جي ضرورت ناهي. ان کانسواءِ بنا ڪنهن موڪل جي ايڌيءَ کي ڪم ڪرڻ جي مڃتا مليل مليل آهي.
بي سهارا ٻار۽ عورتون ڏکايلن جي مدد ڪندڙ عبدالستارايڌي جي وڃڻ کان انهن جي مٿي جي ڇپر ڇانو هاڻي ڪير ٿيندو. اهي يتيم ٻار پهريان ئي هڪ دفعو يتيم ٿيل هئا ٻيهر عبدالستار ايڌي انهن کي يتيم ڪري ويو. بي سهارا اڪيلو ڇڏي ويو.انسانيت سان محبت ڪندڙ محبوب ستارو سنڌ جي روڊن رستن تي ڀٽڪندڙ معصومن،يتيم ٻارن، لاوارث ٻارن سميت پوري دنيا جي انسانيت کي به سوڳوار ڪري ويو آهي.ڏکويلن جي مدد ڪندڙ ايڌي جي سوڳواري ۾ آسمان به رات کان لڙڪ لاڙي رهيو آهي. سنهي سنهي برسات جي بوندن سان آسمان به پنهنجو غم جو اظهار ڪيو آهي. مٽي سان مٽي ٿي ويندڙ صوفي منش انسان کي هميشه ياد رکيو ويندو.
ست ڏهاڪن کان مشتمل سماجي خدمتن جو باب ايڌي، ڪراچي شهر جي روشني عبدالستار ايڌي جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت سان گڏ انهي کي ڪامياب بڻائڻ جي ضرورت آهي.

10-07-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

World Day Against Child Labour

ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي ڏهاڙو
اصغر ناريجو
12 جون، “انٽرنيشل ليبر آرگنايزيشن” پاران ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي ڏهاڙو ملهايو ٿو وڃي. اهو ڏهاڙو پهريون ڀيرو 2002ع ۾ ملهايو ويو. آَءِ ايل او“انٽرنيشل ليبر آرگنايزيشن” دنيا جي ملڪن کي ٻارن جي جبري پورهئي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۽ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ لاءِ اهو ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو. 2002ع کان ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي سطح تي نفرت جي اظهار طور ڏهاڙو ته ملهايو وڃي ٿو پر ان بابت ملندڙ انگ اکرن موجب عالمي سطح تي ٻارن جي جبري پورهئي ۾ گهٽتائي بدران ويتر اضافو ٿيندو پيو وڃي. آءِ ايل او جي رپورٽ موجب “دنيا ۾ جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جو انگ 168 ملين آهي”. جيڪي زراعت، فئڪٽرين، سروسز، ڪنسٽرڪشن جهڙن سخت ڪمن ۾ جڪڙيل آهن. ٻاهرين جي جبري پورهيئي بابت انٽرنيشل ليبر آرگنائيزيشن جي جاري ڪيل فهرست ۾ پاڪستان دنيا جو ٽيون نمبر ملڪ آهي جتي 15 ملين ٻار خطرناڪ نوعيت جو پورهيو ڪن ٿا.
ملڪي آئين جي آرٽيڪل 11 جي شڪ 3 ۾ اهو واضع لکيل آهي ته 14 سالن جي عمر تائين جو ڪو به ٻار فئڪٽري يا ڪوئلي جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي، جيڪو ان کي نقصان پهچائي اهڙو خطرناڪ پورهئو نٿو ڪري سگهي. پاڪستان پئنل ڪوڊ 374 موجب ڪنهن به ماڻهوءَ کي خواهش جي خلاف ڪو به ڪم زبردستي ورتو وڃي ته اهو ڏوھ آهي. اهڙي عمل جي سزا پنجن سالن تائين قيد يا جرمانو يا ٻئي لاڳو ٿي سگهن ٿا.
پاڪستاني آئين ۾ موجود “ٻارن جو جبري پورهئي” جي تشريح موجب 14 سالن کان گهٽ عمر تائين جو ڪم ڪندڙ ٻار جنهن جي زندگيءَ کي، ذهني، جسماني، سماجي ۽ اخلاقي نقصان پهچي يا خطرو هجي.
آئي ايل او جي 30 مارچ 2016ع تي پيش ڪيل رپورٽ بيان ڪري ٿي ته پاڪستان دنيا جو ٻارن کان جبري پورهيو ڪرائيندڙ ٽيون نمبر ملڪ آهي انهيءَ اداري جي 2012ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ به پاڪستان کي اهڙو ملڪ ڄاڻايو هو جنهن ۾ 12.5 ملين ٻار جبري پورهيو ڪري رهيا هئا ۽ 2 لک 64 هزار ٻار گهريلو پورهيو ڪري رهيا هئا. هڪ ٻي رپورٽ “گلوبل سليوري انڊيڪس” موجب پاڪستان ۾ ٻار بنيادي حقن کان محروم ۽ جبري پورهئي جي ڪري بدترين صورتحال ۾ آهن. جن مٿان ذهني ۽ جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو. ان رپورٽ ۾ حڪومت پاڪستان کان اهڙو مطالبو به ڪيو ويو آهي ته اها ٻارن جي جبري پورهئي کي روڪڻ لاءِ ملڪ اندر اهڙي عمل خلاف نيشنل پاليسي جوڙي وڃي.
آئي ايل او موجب پاڪستان 25 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن جن مان 15 ملين ٻار مختلف مزدوري ڪري ڪمائن ٿا. ٻارن جي جبري پورهئي ڪرڻ جو سبب اسڪولن جي کوٽ ۽ غربت آهي. غربت کي گهٽائڻِ لاءِ ملڪ ۾ ڪا به پاليسي موجود ناهي ويتر ان کي وڌائڻ ۾ حڪومت ٻه قدم اڳتي آهي. ٻارن جي جبري پورهئي خلاف قانون ته آهن پر انهن تي بد قسمتي سان اسان وٽ عمل ناهي. گلن جهڙا معصوم لکين ٻارڙا اسڪولن ۾ وڃي تعليم جو زيور پرائڻ بجاءِ هوٽلن، ٽيلرماسٽرن،گيراجن، دڪانن، ورڪشاپن، ٽائرپنڪچر جي دڪانن تي ڪم ڪرڻ سميت گهران نڪري وڃي شهرن ۾ پورهئو ڪن ٿا. غربت ان انتها کي پهچي چڪي آهي جو گلن جهڙا ٻارڙا تعليمي درسگاهن بدران پورهئي طرف وڃڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ اها غربت ئي آهي جنهن هن ملڪ جي معصوم ٻارڙن کي علم جي نور کان به محروم رکيو آهي. اهو لازمي ته  ناهي جو اهي ٻار اميرن جي گهرن، بنگلن ۾ ننڍڙا ٻانها ٿي ڪم ڪن، قلم کڻڻ بجاءِ گيراجن ۾ پانا ۽ اسڪرو کڻي گاڏيون ٺاهڻ جو ڪم سکن  ۽ ننڍڙين ننڍڙين غلطين تي گهرن مان تڙجي نڪتل مڪينڪ جي ڪاوڙ جو شڪار بڻجن ۽ گيراج جا استاد جا “پانا” برداشت ڪرڻا پوندا اٿن. تن ٻارن جي عمر روڊن رستن، ٽول پلازن تي بيهي پنڻ توڙي شاهراهن تي گاڏين جا شيشا صاف ڪرڻ جي ناهي. صبح جو انهن لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول وڃڻ ضروري آهي يا بوٽ پالش جو ٿيلهو کڻي پينٽ سوٽ پاتلن کي چئي ته “صاحب بوٽ پالش ڪرائيندو؟” هاڻي ته خطرناڪ حد تائين ان عمل ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو ته ننڍڙي عمر وارا ٻار رڪشا ۽ موٽر سائيڪل جي ڊرائيونگ ڪري پنهنجي حياتي داءَ تي لڳائي گهر جو چرخو هلائن ٿا زرعي زمينن ۽ ڪارخانن ۾ به ننڍڙي عمر جا ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا. باهه هر شيءِ ساڙيندي آهي ۽ معصوم ٻار سرن جي بٺن تي سرن سان گڏ باهه ۾ پچن ٿا. ٻارڙن جو هڪ وڏو انگ شهرن ۾ گندگيءَ جي ڍيرن تان  پَننِ جو رزق تلاشيندو رهندو آهي. ڇا اهي سڄي عمر پنا ميڙيندا رهندا؟ ٻارن کي گهرن، اسڪولن۽ مدرسن ۾ پڻ جسماني تشدد ۽ وحشي معاشري ۾ جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻائڻ جهڙو بدتهذيبي ڪلچر به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جي ذهني جسماني سماجي ۽ اخلاقي قوت متاثر ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري هڪ لکيل پڙهيل ٻار وارو خواب چڪنا چور ٿيو وڃي. جبري پورهيو ڪندڙ ٻار کي گهٽ اجرت ڏئي، زبردستي انهن کان عمر جي حساب کان وڌيڪ ڪم ورتو وڃي ٿو. افسوسناڪ عمل تن مٿان ذهني ۽ جسماني تشدد پڻ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي.
آئين جي آرٽيڪل 25 اي تحت“اها رياست جي ذميواري آهي ته هر 5 کان 16 سالن جي عمر واري ٻار کي مفت ۽ لازم تعليم ڏياري.” جيڪڏهن مٿي بيان ڪيل سموري حقيقتن جي پسمنظر ۾ ڏسجي ته سمورو نظام ابتڙ ٿو نظر اچي. ٻارن لاءِ بنيادي تعليم لازم آهي پر ائين ٿيڻ بدران 15 ملين ٻارن تي جبري پورهيو لازم آهي. ٿورو هن ملڪ جو مستقبل ته سوچيو جنهن کي مستقبل قريب ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر، وڪيل، صحافي، ۽ پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن بدران 15 ملين نوجوانن جو هڪ اهڙو نسل ملڻ وارو آهي جيڪو مزدور، اڻپڙهيل ۽ ڪنهن به صورت تيزي سان ترقي جون منزلون ماڻيندڙ دنيا جي نوجوانن سان مقابلو ڪرڻ جي لائق نه هوندو!. جيڪڏهن آئين جي آرٽيڪل 11 جي شق نمبر3، پي پي سي 374 ۽ آرٽيڪل 25 اي تحت ڪٿي عمل نظر اچي ته ان علائقي جو نالو گنينز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾لکرائي جشن تقريبون ملهائينداسين. جهڙي ريت اسان 2014ع ۾ ڀارت ڄائَي ڪيلاش ستيارٿي ۽ پاڪستان ڄائِي ملالا يوسف زئيءَ کي ٻارن جو جبري پورهيو روڪڻ ۽ ٻارن جي تعليم جي حق لاءِ پتوڙڻ جي عيوض نوبل انعام ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو.
ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته ٻارن تي جبري پورهئي خلاف جيڪي رياستي ۽ عالمي قانون موجود آهن حڪومت  جي اولين ذميواري اها آهي ته تن تي عملدرآمد ڪرائي جنهن سان ٻارن جي جبري پورهئي ۾ گهٽتائي ايندي ۽ جبري پورهيو ڪندڙ ٻار ملڪ جي صحتمند معاشري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا. اڇي ڪاغذ جهڙن شفاف ذهنن کي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب کڻائڻ جي روايت وڌي وڃي ته مستقبل ۾ اسان ڪنهن روشنيءَ جي اميد ڪري سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪجهه نور آهي ته اهو علم ئي آهي علم کان سواءِ جيڪو ڪجهه آهي اها ڏاٻ اونداهه آهي.
نا اهل اسان جو مالهي آ
معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو
بد زوق جي هٿ ۾ باغ رهيو
معصوم گلن جو ڇا ٿيندو.


12-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

Tribal disputes in Sindh

سنڌ جي ڪنڌ ۾ پيل قبيلائي تڪرار
اصغر ناريجو
چيو ويندو آهي ته جڏهن کان انسان هن ڌرتي تي آيو آهي ته کيس ٻن قسمن جي بک پنهنجو غلام پئي بڻايو آهي، هڪ جسم جي بک ٻيو پيٽ جي بک پر انهن ٻنهي بنيادي ضرورتن کان هٽي ڪري به هڪ بک انسان جي اندر واسو ڪيو ۽ انهيءَ بک انسان کي ڪڏهن انسانيت جي دائرن مان ئي ڪڍي ڇڏيو ۽ کيس وحشي، خونخوار ۽ سفاڪ بڻايو آهي. اها بک طاقت جي بک آهي، اها بک پنهنجي پاڻ کي اتم ۽ ٻين کي ادنيٰ تصور ڪري پهنجي پاڻ لاءِ اختيار ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ جي بک هئي. انهيءَ بک جي باهه اجهائڻ لاءِ انسانن جي انسانن سان جنگ شروع ٿي ۽ هو ڌرتيءَ جي هن گولي تي رهندي مختلف طريقن سان پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيترائي حربا استعمال ڪندو آيو آهي. اسان مٿي جن بُکن جو ذڪر ڪري آيا آهيون انهن مان هڪ جسم جي بک به آهي ۽ اها ئي بک انساني تاريخ ۾ قتل جو پهريون ڪارڻ بڻي هئي. حضرت آدم جيڪو هن دنيا جو پهريون ٻن پٽن قابيل ۽ هابيل وچ ۾ شادي ڪرڻ تان جهيڙو ٿيو اهڙي طرح انسانيت جو پهريون قتل قابيل جو ٿيو انهي دور کان وٺي اڄ تائين مختلف قومن هزارين جنگيون وڙهيون آهن ۽ ڪروڙين ماڻهن جو قتل عام ٿيندو رهيو.
اهي قتل ته صدين کان ٿيندا رهيا آهن پر منهنجي ڌرتي جنهن کي پڻ صديون پراڻي ڌرتي سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي پنهنجي الڳ سڃاڻ، تهذيب، رهڻي ڪهڻي، ثقافت ۽ ٻولي آهي. سنڌ جي تاريخ جا ورق اٿلائبا ته خبر پوندي ته سنڌي قوم پنهنجي سموري تاريخ ۾ تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون آهن، پر ان باوجود سنڌ جا ماڻهو بهادريءَ سان ان کي منهن ڏيندا پيا اچن. پر اڃا ڪيتريون ئي اهڙيون خاميون اسان جي سنڌين اندر آهن، جنهن جي ور چڙهي هو پنهنجي جهوپڙي ڍيري ڪري ڇڏين ٿا جن ۾ ڪارو ڪاري، قبيلائي جهيڙا،زمين جي مالڪي تان فساد،پاڻي جي واري تان وار ڪرڻ،ٻارن جي ڳالهين تي جهيڙو ڪرڻ،فصل جي ڀيل تي ڪونڌر ڪٺا وڃن ٿا.
ڪالھ اخباري رپورٽن ۾ اها افسوسناڪ خبر شايع ٿيل هئي ته  لاڙڪاڻي ۾ مهر۽ ابڙا برادرين ۾ ٻيهر تڪرار ڀڙڪي پيو، هڪٻئي مٿان ڌرين جي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ ٽن راھ ويندڙن سميت 7 ماڻهو زخمن جا تاب سهي زندگي گذاريندا. قتل ٿيندڙ ٻه موڀي جوان فياض۽ عرفان مهر هئا. فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙاويس ابڙو، هوشو ابڙو،لطيف ابڙو ، جاويد مهر ۽ 3 واٽهڙن ۾ ديدار ترڪ، ولي محمد مڱريو۽ حفيظ شيخ زخمي ٿي پيا . تن واٽ ويندڙن کي ڪهڙي خبر تان اسان گذرنداسين ته بارود جي ور چڙهي زخمي ٿينداسين.  جديد هٿيارن جي هوڏ تي اسپتال ۾  به ٻنهي ڌرين جا ماڻهو پوليس جي ڪڙي وانگر هڪٻئي تي ڪڙو چاڙهي فائرنگ ڪندا رهيا ته شهر به بند ٿي ويو آخر پوليس اهلڪار به انهي ڪڙي مٿان ڪڙو هڻي ڌرين کي فائرنگ ڪرڻ کان منع ڪيو. مهر ابڙا تڪرار 13 سال  نور الدين ابڙو جي ڀاءُ  نجم الدين جي قتل واقعي کانپوءِ شروع ٿيو، جنهن ۾ 13 سالن جي قبيلائي باھ ۾ 13 ماڻهو انمول حياتي کان گولين جي گهاون ۾ مري چڪا آهن. قبيلائي تڪرار ڀڙڪائيندڙن ئي ڪيئي ڀيرا انهن وچ ۾ ٺاھ ڪرايو جنهن تي عمل درآمد ته ڇا ويتر ڪالھ ٻن نوجوانن کي برسٽ هڻي قتل ڪيو ويو. انهي افسوس ناڪ واقعي ڀرپاسي ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ سميت ماڻهن کي روازاني زندگي ۾ مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
اچرج انهي ڳالھ تي اچي ٿي ته جيڪي ڌريون اهڙن تڪرارن جي سرپرستي ڪن ٿيون، سي فيصلا به پاڻ ڪن ٿيون ۽ پوءِ انهن فيصلن واري نظام تحت پنهنجي چڱ مڙسي ۽ لٺ سرداري برقرار رکن ٿيون جيئن  ڪجھ ڏينهن  پهريان  مهر۽ ابڙا ڌر جو راڄوڻي فيصلو ٿيو جنهن ۾ 35 لک غلام حسين مهر ،ابڙا ڌر جي ماڻهن کي ڏنا تنهن کان پوءِ به درندن هڪٻئي تي نفرت جي باھ ڪڌي رسم کي هٿي ڏيندي ويتر ڀڙڪائي ڇڏيو.اهي جوانن جا لاش هٿيارن جي ڇانو ۾ اسپتال کان ڳوٺ پهچايا ويا جتي روڄ راڙو، ماتم اطلاع ملندي ئي ڪيو هو . هنن جي لاشن کي گل ڇٽڻ بدران هٿيارن جي پهري ۾ دفنايو ويو ۽ ائين ئي جاگيرداري، سرداري مشينري سالن پراڻو دقيانوسي نظام جيئارينديون پيون اچن جن سان انسان جي اشرافيا واري مقدس نراڙ تي بدنما داغ ٺهي اچن ٿا جن جو ڪريڊٽ اسان جي قبيلائي سردارن ۽ هتي لاڳو ڪيل قانوني ادارن ڏانهن وڃي ٿو، جيڪي انهيءَ سڀني معاملن کي گهٽائڻ بدران وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
جتي هر آئي ڏينهن انهن قبيلائي تڪرارن ۾ امڙين جون جهوليون خالي ٿينديون رهيون آهن، ونين جا ور ماريا ويندا آهن، معصوم گلن کي ٽڙڻ کان اڳ ڪومايو ويندو آهي، راهگيرن کي به کاڄ بڻايو ويندو آهي. خصيص ڳالهين تان جهيڙا ڪري علائقي جو امن امان،معاشي ،تعليمي حالت بگاڙي وڃي ٿي. جهيڙيندڙ ڌرين جا ٻار قلم کڻڻ بجاء هٿيارن جي سکيا وٺي پهريدار ٿين ٿا. قبيلائي،جاگيرداڻي، سوچ رکڻ وارا غيرت ۽ جهالت جي انڌي ڄار ۾ جذباتي ٿي هڪ ٻئي جي رشتن جي تقاضائن کي ميٽي انسانيت جي عظمت کي پائمال ڪري هٿيارن کي پنهنجو پهريدار۽ ساٿي سمجهي سرعام قانون جي لتاڙ ڪندي جديد هٿيارن سان گولا بازي ڪري رت جي هولي کيڏن ٿا هڪ ئي وقت درجن ماڻهن جا قتل عام ڪيا ويندا آهن جن کي هٿيارن جي پهري ۾ لڙڪ لاڙي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو آهي.اهو عمل سنڌ صدين جي مهذب ڌرتي واري حقيقت تي سوال پئدا ڪري ٿو. جنهن سنڌ کي دنيا ۾ تهذيبن جي ماءُ سمجهيو وڃي ٿو، سنڌ جنهن دنيا کي مهذب پڻو، سهپ ۽ اخلاقي قدر سيکاريا، سا ڄڻ ته اڄ انهن سڀني اصولن کان پري ڪئي وئي آهي.
قبيلائي تڪرارن جي باھ ۾ سڙندڙ اتر سنڌ جو شهر لاڙڪاڻو، قمبر، جيڪب آباد، شڪارپور ئي ناهي پر ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ اها بيماري ڦهليل آهي جن کي حل ڪرڻ،ٺاهڻ جو فيصلو جاگيردارن،سردارن ڀوتارن پنهنجي ذاتي قانون تحت ذمي کڻي حڪومتي قانون کي انڪار ڪيو آهي.ٻن ڌرين کي ٺاهڻ سٺي ڳالھ آهي پر ان جي آڙ ۾ پنهنجي لٺ سرداري وارو عمل برقرار رکڻ ڪڌو ڪم آهي.انهن جي فيصلي سان مري ويلن کي آسيس نه ملندي آهي پر هڪ اشرف المخلوقات جي قتل جي قيمت مقرر ڪرڻ  سان اهو واپس ناهي وري ايندو.
تعليم جي زيور سان انهي ڪڌين روايتن خلاف محاذ جوڙڻ سان گڌ خاتمو آڻي سگهجي ٿو.افسوس سان چوڻو پئي ٿو اسان جي تعليم ڏينهون ڏينهن تباھ ٿيندي پئي وڃي،تعليم جي ڪرندڙ معيار کي سنجيدھ ڪوششن سان بلند ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.اها تعليم جهالت جو خاتمو آڻي ٿي۽  ماڻهو کي شعور ڏئي ٿي ،اهو شعور ئي آهي جيڪو انسان کي بُري ۽ ڀلي جي تميز سيکاري ٿو،حق سچ جي نرالي راھ تي هلائي ٿو. سنڌ جي نه رڳو شهرن پر ڳوٺن،ٻهراڙين ۾ معياري تعليم جي بنيادي پرچار ڪري عام ڪرڻ ۽  هنگامي بنيادن تي قدم کڻي تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهي تي عملي قدم کڻي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ مذهبن جي ماءُ،امن جي پرچار ڪندڙ،صوفين جي سرزمين تان بدنامي جو سبب بڻجندڙ ڪاروڪاري جهڙين رسمن، برادرين ۽  قبيلن ۾ تڪرارن توڙي عورتن تي تشدد ۽ اڻ برابري ناسهپ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو،اهو وقت پري ناهي ويو ته تاريخي طور خوشحال ۽ هن مهذب ديس کي پنهنجو مهذبپڻو ۽ امن وارو اوج موٽائي ڏجي.
وقت جي چونڊيل جمهوري حڪومت ۽ رياست جي اها ذميداري آهي ته اها قبيلائي تڪرارن کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻي نه ته انهي ڪڌي رسمن کي  جهيڙيندڙ ڌرين ۽ سهڪارن خلاف قانون تحت ڪاروائي ڪئي وڃي. انساني جانيون ضايع ٿيڻ وارن تڪرارن جا فيصلا عدالتن جي احاطن مان ڪرايا وڃن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ جهيڙيندڙ ڌرين تي تڪرارن جا ڏنڊ ڪروڙن ۾ نه رکيا وڃن جيئن 29 فيبروري تي ڀيا۽ جکراڻي ڌر تي  7 ڪروڙ 84 لک ڏنڊ وڌو ويو هئو. هڪ انسان جو قتل انسانيت جو قتل آهي انهي کي 10 _15 لکن جي قيمتن ۾ چڪائي نٿو سگهجي. ايئن ڪرڻ سان عوام ۾ تحفظ جو احساس ٿيندو ٻيو ته جهيڙيندڙ ڌريون به قانون جي بالادستي هئڻ جي خوف کان اهڙا ڪڌا قدم کڻن کان اڳ سوچينديون۽ جاگيرداري سرداري چڱ مڙسي واري ڪرتوتن مان عوام آزادي ماڻيندو.


15-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

الله ڏنو خاصخيلي: سر ۽ سنگيت جي آواز جو وڇوڙو

الله ڏنو خاصخيلي: سر ۽ سنگيت جي آواز جو وڇوڙو
اصغر ناريجو
رات سحري وقت موبائل تي  دوست جو ميسيج آيو ته ڏک جي خبر سنڌ جي سريلي ساز۽ سنگيت جو آواز  الهڏنو خاصخيلي ٽڊوالهيار بائي پاس وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻوڪري ويو. الهڏني خاصخيلي جو نالو ٻڌندي ئي منهنجي ذهن ۾ تصور جڙي آيو “جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون”  ڳائيندڙ آواز اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. هاڻ اسان عوامي راڳي جي مٺڙي آواز لاءِ به سڪندا سين جنهن جي گائڪي جي سٽ سٽ ۾ سنڌ جي ماروئڙن جو درد سمايل هو، جن جي ترجماني ڪلامن جون هي  سٽون آهن:
ڪالھ به پٽڙا ڪُٺا ويرين ويل ڪيا
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
هن دل ۾ سڄڻ ارمان لکين آهن
پورا نه ٿيا پئيمان لکين آهن
پنهنجي ماڻيٺي آواز ۾ جڏهن اهو ساز ۽ سرندي تي هي ڪلام  ڳائيندو هو ته:
انسان جي عظمت کي وڌائڻ ٿو گهران مان،
هڪ وار وري سولي سجائڻ ٿو گهران مان.
ته ماڻهو داد ڏيندي نه ٿڪبا هئا. وري وري اهو ڪلام ڳائڻ جي فرمائش ڪندا هيس.  ڪوئل جي ڪوڪ جهڙي مٺڙي آواز جو مالڪ، سوز ۽ سنگيت جي سريلي آواز جو بادشاھ الهڏنو خاصخيلي سنڌ کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. پر جيسين سر سلامت رهندا، سنگيت جا پرچارڪ رهندا ته البيلي آواز جو طلسم سماعتن ۾ سرهاڻ بخشيندو رهندو.
چيو ويندو آهي ته موسيقي روح جي غذا آهي پر ڪنهن ڪنهن راڳي جو آواز ان جو ساھ هوندو آهي ۽ اها سڀ الهڏني خاصخيلي تي قدرت جي ڏات هئي. هو جڏهن ڪو ڪلام ڳائيندو هو محفل ۾ ڄڻ ته ساھ سموئڻ لڳندو هو، بلڪل ڪنور ڀڳت جهڙو، احساس ۽ اتساھ جهڙو فنڪار، طبيعت ۾ به پنهنجي ٻولن جهڙو ٻهڪندڙ هو ۽ سنڌ جي ماڻهو کي مان ۽ محبتون ڏيڻ سندس سڀاءُ هو.
هو پنهنجي حياتي ۾ ٻين حادثن کي ته مات ڏئي ويو. پر ان بد نصيب ۽ ڪاري رات ۾ ٽرالر سان ڪار ٽڪرجڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو. هن دردناڪ حادثي ۾ سنڌ کان وڇڙي ويل ناليواري فنڪار الهڏني خاصخيلي جو جنم  25 -جنوري 1966ع تي، ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ استاد علي محمد خاصخيلي جي گهر ۾ ٿيو .سندس وجود کان گهڻو اڳ ٺٽي ۾ راڳ عام هو ۽ سکڻ توڙي سيکارڻ لاءِ راڳي آتا هوندا هئا. تن ئي ڏهاڙن ۾ الهڏني راڳ جي سکيا پنهنجي والد استاد علي محمد خاصخيلي کان وٺڻ شروع ڪئي، جنهن کانپوءِ استاد محمد جمن جو شاگرد ٿيو. الهڏني خاصخيلي جي تعليمي قابليت ايم. اي ۽ بي. ايڊ هئي ۽ هو راڳ سان گڏوگڏ گورنمينٽ پي. سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾استاد طور خدمتون به سرانجام ڏيندو رهيو. سنڌ جي سدا ملوڪ، ٻهڪڻي فنڪار جي قابليت ڏسي ريڊيو تي کيس نصير مرزا متعارف ڪرايو ۽ الهڏني خاصخيلي پنهنجو پهريون غزل،  
آءَ جو حال ٻڌايان ته گنهگار ٿيان
جي ڪجھ تو کان لڪايان ته گنهگار ٿيان
ڳايو ته سڄي سنڌ ۾ ان غزل جي هاڪ مچي ويس. الهڏنو خاصخيلي جيتوڻيڪ راڳ جي هڪ استاد گهراڻي ۾ پرورش حاصل ڪئي پر پنهنجي انفرادي لياقتن ڪري پنهنجي استاد والد سميت پنهنجي ٽهي جي ناليوارن راڳين ۾ نالو شمار ڪرايو ۽ سنڌ ۾ ٽن ڏهاڪن تائين پنهنجي آواز جو جادو جڳايو. الهڏني خاصخيلي کي اهو به اعزاز حاصل رهيو ته سنڌي عوام جيجي زرينه بلوچ، منظور سخيراڻي، علڻ فقير، سرمد سنڌي مائي ڀاڳي وانگر کيس به عوامي فنڪار جو اعزاز ڏنو. عوامي ميڙاڪن ۾ مقبول فنڪار سڀ کان اول فنڪار شيخ اياز جو ڪلام “سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سواءِ نه ٿيندي” ڳايو جنهن کي پوءِ پوري سنڌ توڙي هند جي چونڊ فنڪارن ڳايو پر الهڏني جيتري موٽ ڪنهن کي به نه ملي جڏهن ته الهڏنو خاصخيلي سنڌ جي ٻين ڀلوڙ شاعرن امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، تاجل بيوس، غلام حسين رنگريز، سرويچ سجاولي، استاد بخاري ۽ ٻين شاعرن کي به ڳايو ۽ داد حاصل ڪيو.
الهڏني خاصخيلي اڪيلي سر به ڳايو ته  جوڙ ۾ پنهنجن ڀائرن محبوب علي خاصخيلي، ظفر علي ۽ استاد سومار سان به ڳايو. جڏهن سرويچ سجاولي جو هي گيت
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ڳڀرو اچن ڳاٽن سان جت ۽ ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گهوٽيا گهمن گهاٽن سان جت ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گهمن سي اجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪُن،
ڇا پُت بدن جون بيهڪون، ٿا سرءَ جون لاهين سِڪون ۽ ٽِڪُون،
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مهراڻ جون
جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون،
ڳائيندو هو ته محفل به مهراڻ جي ڇولين جيان ڇلندي هئي، جڏهن ته ان گيت کان پوءِ کيس انقلابي ڳائڻي جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو.
ٺٽي مان ڪوئل جي مٺن ٻولن جهڙي فنڪار پوري سنڌ ۾ پنهنجي آواز جا رنگ چٽيا ۽ وڏي ڳالھ هيءَ ته هن پهرين شاعري کي سمجهيو ان کانپوءِ ڳايو ۽ ان سموري مرحلي ۾ سندس شاعري جي چونڊ ۾ ٻانهن ٻيلي سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ليکڪ غلام حسين رنگريز رهيو.
الهڏني خاصخيلي جا هونئن ته ڪيترائي ڪلام مشهور ٿيا پر مٿين ڪلامن سميت خاص طور
ماڻهوءَ موتي داڻا هئا،
ڦاسيءَ جي جهوليءَ ۾ هن کي ننڊ اچي وئي.
رات جا تارا چون ٿا ته تون نه ايندينءَ تون نه ايندينءَ.
رات جو پهر پويون ٿيو تون نه آئين در کليو ئي رهيو.
۽ ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪوئي ته تماچي اچڻو آ.  خاص مقبوليت حاصل ڪئي.
سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ پڻ موجود آهن ۽ فني خدمتن عيوض کيس حسن ڪارگردگي ايوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ پڻ مليا.
سريلا فنڪار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت مِڙني ئي راڳ جي صنفن تي پڪڙ رکي آفاقي آواز سان عوام جي دلين ۾ محبتن جو گهر اڏيندا آهن اهڙن ئي مڌر آواز وارن جي سٿ ۾ الهڏنو خاصخيلي جو نالو هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو.جنهن کي سنڌ واسي هميشه ياد رکندا ۽ ناز ڪندا.
اياز جاني جي بي وقتي موت سان گڏوگڏ الهڏني خاصخيلي جي حادثاتي موت سنڌ سان  ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڀلوڙ، سهڻا سٻاجهڙا ۽ تخليقار ڪڻو ڪڻو ٿي سنڌ ڌرتيءَ کي الوداع چوندا پيا وڃن.
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
جڏهن شام جو جام خالي نه هيو
رات رم جهم هئي، تنهنجي ساهن جهيڻن سرن سان سُتل
منهنجي بستر تي منڪر ڪا موسم هئي ،
تنهنجي ڪَجيلين اکين جي ڪنارن مٿي ،
منهنجي چپڙن جي ٻيڙي لڳي ئي لڳي ،
ها! انهي کان اڳي مان هليو ڇو ويس
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس! (آڪاش)


25-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

Condemns, demand and then ideal silent

مذمتون، مطالبا ۽ پوءِ مثالي ماٺار
اصغر ناريجو
اسان جي ملڪ اندر گهڻو وقت اڳ ڪجهه “نرسريون” قائم ڪيون ويون هيون، انهن نرسرين جو قيام اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. هتي ڳالهه انگريزي ميڊيم اسڪولن جي “نرسري” ڪلاس جي نه آهي، ڇاڪاڻ ته اها نرسري ته ڪي جي کان به پاڻ کي ڪراس نه ڪري سگهي آهي ۽ اڳتي نڪرڻ واري ڊوڙ ۾ ڪامياب نرسري نه آهي پر هڪڙي “نرسري” ٻه ٽي ڏهاڪا پهرين ڄائي هئي جنهن جهرجهنگ، جبل واهڻ وستي ۾ وائرس وانگر ڦهلجي، وڌي ويجهي جوان ٿي ۽ پوءِ پنهنجي پيرن تي پاڻ بيهي سگهڻ جهڙي ٿئي ته سڄي سموري ملڪ اندر ٻڙدڪ مچائي ڇڏيائين. جنهن گهر ۾ نپني نه تنهن در جو خيال، نه ئي ڪنهن جو به اهو خواب خيال هو ته اڳتي هلي اها ننڍين وڏين شاهي واٽن تي پِڙُ ڪڍي اسان سڀني کي اوڇنگارون ڏياريندي جيئندي جڙندي مانگر مڇ وانگر مچندي، اسان جي گهر جون ئي ڀتون اورانگهي، حدون ۽ سرحدون لتاڙي مخلوق کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجهي چيڀاٽڻ ۽ مارڻ لڳندي. هاڻ يقيني طور تي توهان سمجهي ويا هوندائو ته اسان ڪهڙي نرسري جي ڳالهه ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
انهيءَ “نرسري” ۾ ٿيندڙ پالنا جهڙي تهڙي نه هئي، رڪارڊ پالنا ٿي، جو سموري دنيا کي ڌوڏڻ واري ڊوڙ ۾ سندس نالو يهود و هنود پاران شايع ٿيندڙ رڪارڊ رکندڙ ڪتاب ۾ عالمي دهشت طور سندن نالو لکجي ويو ۽ “نمبر ون نرسري” جو تاج مٿي تي پائي بادشاھ ٿي ويٺي. انهن نرسرين جي پيداوار سلطنت لاءِ ماڪوڙن جو نه پر ماڻهن جو شڪار ڪرڻ جي تلاش ۾ هئي، جنهن پهرئين امتحان ۾ ئي دنيا جي وڏي بلاڪ جي مدد سان ٻئي وڏي بلاڪ کي ڌوڙ ڪري وڌو. تنهن کان پوءِ دنيا جي طاقت جي توازن هڪ نئين صورت اختيار ڪئي ۽ اڀري آيل واحد طاقت مٿن پنهنجي ڪرم جا سمورا دروازا کولي ڇڏيا پر ڪرم سان پالنا جي لوڏ تي جنهن جي هنج ۾ وڏي  ٿي تنهن جي به ڪڏهن لڄ نه ڪيائين. تربيت واري هوڏ تي “هنج وٺندڙ” هٿن کي ئي کائڻ لڳي. پنهنجي ئي گهرڀاتين کي ڪڻو ڪڻو ڪري چيرڻ لڳي تنهن کان پوءِ ڊزن، ٻه ڊزن پوءِ  ڪڻي جو انگ پنجاهه ۽ پوءِ هجومن تائين وڃي پهتو جتي اڻ ڳڻيا پنهنجا سندن ئي وحشتن جو شڪار ٿيندا رهيا. سندن ڪلورن وڏا وڏا واقعا ڪرڻ کان پوءِ ٻڌندڙ بيهوش ٿي پون، جيئرا جاڳندا پاڻ کڻائي اسپتالن تائين پهچي سُيون هڻائي گوريون کائي ٿڌا ساھ کڻي گهر پهچندا ۽ ڪي ويچاره ته ڪلهن تي گهر بدران خاموشين جي شهرن جا راهي ٿي ويندا هئا.
اها نرسري جيڪا اسان قائم ڪئي هئي سان سرحدون اڪري وڏي اڏار ڪري طاقتور کان طاقتور ٿي وئي. نرسري جو اهو ننڍڙو وجود جيئن ڏينهون ڏينهن ڦولارجندو ويو ته ڳالهه وڃي اتي دنگ ڪيو ته “پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب” ڇا ڪجي، پوءِ مجبور ٿي اسان به اکيون مهٽي اٿي کڙا ٿياسين جنهن کان پوءِ ڀلا ڍلا چونڊجي ويا ۽ هلڪي ڦلڪي ڪَنَ مَهِٽَ شروع ٿي.
مخلوق کي مارن پيا ته  اسان جا سياسي سورما، سرواڻ جاوا، گاوا سڀئي ڪاوڙ ۾ پِيلا ڳاڙها ٿي، اهڙا ته بيان ڪرڻ لڳا جوسماج ڪنن تي هٿ ڏئي ٻڌڻ لڳو، مرڻ لڳو. مخلوق اجتماعي پِٽڪو شروع ڪيو، ماتم ڪيو پر ڪنهن کي ڪا ڪهل  نه آئي، وحشتن واقعن، حادثن تي سرواڻن جا بيان به اخبارن ۾ فرنٽ پيج تي والار ڪري ويهي رهن. ٻن ٽن ڏهاڪن کان پنهنجين ئي نرسرين ۾ پليل جڏهن پنهنجن ئي هٿن مان نڪري ويا ته پوءِ سندن خلاف ڪاريون ڪاروايون شروع ٿيون. ڪجهه ڀڳا، ڪجھ مئا ته ڪي شهرن جو رُخ ڪري الوپ ٿي ويا يا الوپ ڪيا ويا. تن جي پڇ تي لت گهڻي ڀاڳي آئي آئون نٿو ڄاڻان پر توهان ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا. جڏهن پنهنجين نرسرين تي هٿ جي پڪڙ سخت ٿي ته نرسرين به پنهنجو رد عمل ڏيکاريندي قهري ڪاروايون جاري رکيون. لکن کي ماري،  مواڙ ٿيڻ باوجود به مخلوق کي مارڻ تان باز نه آيا.
گهڻا ئي جوان مارجي ويا پوءِ به سرواڻن جا بيان ساڳئا، تازو ٿورا ڏينهن اڳ عالمي شهرت رکندڙ مڙس ماري وڌائون. تنهن کان پوءِ ڇا ٿيو سڀ ڄاڻون ٿا پر مان ان تي نه ڳالهائيندس. پنهنجي ڳالھ ٻئي شروع ٿيل هئي پر پهتا اهڙي جاءِ تي آهيون نڪرڻ لاءِ ٿوري ٽٻي هڻڻي پوندي ته اچون ٿا ته تازي واقعي کان پوءِ ڏيهي پرڏيهي خودساخته جلاوطني اختيار ڪيل سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن مذمتن ۽ الزامن جي بيانن جي اهڙي ته ڀرمار ڪئي جو اليڪٽرانڪ نشريات وارا ادارا ئي پريشان ٿي وڃن ته اول ڪهڙي خبر بريڪ ڪيون!؟ پريس ڪانفرنسز جون اڍنگيون قطاورون لڳي وينديون آهن، ائين لڳندو آهي ڄڻ بينظير انڪم سپورٽ جا پيسا ڪڍرائڻ لاءِ اي ٽي ايم مشينن ٻاهران پنهنجي واري جي انتظار ڪندڙ قطارن ۾ بيٺل آهن. اهي سائين وارا ميڊيا جا مائيڪ آڏو الائي ڪهڙا ڪهڙا لفظ واچوڙي جي واڪي جيان اڏائيندا آهن، ساڳين لفظن کي مڱن وانگي ڏَري ڏري لفظن کي ٿڪائي وجهندا آهن. مقصد موقعي تي ڳالهائڻ بدران وڏيون هامون هڙندا آهن.
ڪي وري چوندا آهن ته اسان ته سندن چيلهون چٻيون ڪري ڇڏيون آهن. پوءِ ڇا ٿيندو آهي جو چٻي چيلھ وارا ريڙيون پائي ڍڍڙن تي هلي ڪاروايون ڪري رهيا آهن تن تي نظر ڪنهن جي نٿي پوي؟ اهي ڪٿي ٿا پلجن، انهن جا سهولتڪار ڪير آهن، ڪردن ۾ ڄاوا ۽ حملن ۾ سنڌ ۾ مارجي ويا اهي ڪهڙيءَ ريت ڪهڙا بارڊ اورانگهي هتي آيا، اُڀَ اڇليا ڌرتي جهليا، اهي جاوا، ڄاوا سمنڊ پار، پليا نپنيا بارڊر پار، حملا وري ٽئين هنڌ.
“ساڳئا لاٽون ساڳئا چگھ” واري ٽِڪ تي عمل پيرا بيان بُسُتان ساڳيا، ائين لڳندو آهي قديم روايت  ڪلهن تي کنيون ٿا اچن. جڏهن بار ٿڪائي ساڻو ڪندن ته وري ٿڌي ڇانو ۾ ويهي رهندا، سڀني کان سڀ ڪجھ وسري ويندو جيئن پرائمري ۾ مون جهڙن ٻارن کان سبق وسري ويندوهو، وري موقعي جو انتظار ڪندا آهن. اسٽيشن تي ريل جو انتظار ڪندڙ مسافرن جيان ڪنهن نئين اڻوندڙ واقعي جي انتظار م ويٺلن کي ڪير سمجهائي ته هاڻي مذمتن، پٽڻ پاراتن جو وقت گذري ويو آهي. وقت آهي ته مستقل رٿا جوڙڻ جيڪا اصل نقل  ۽ کار جي تفاوت کي ڇڏي جنهن جو به هٿ معصوم مخلوق کي مارڻ ۾ هجي ان کي ڇڪي پيڙي قدم ته گهڻا کنيا آهن انهن قدمن جو ساليانو نتيجو عالمي رپورٽون آهن ته ڇا ٿيو نه ٿيو يا ڪهڙو عمل آهي جيڪو ناهي ٿيو.

28-06-2016 تي جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون 

Gambat City Deprived from Public Library!

پبلڪ لائبريري کان محروم گمبٽ شهر!  
  اصغر ناريجو
“نالو وڏو شهر ويران” جي چوڻي اسان جي تعليمي ادارن تي به ٺهڪي ٿي جيترا تعليمي ادارا( پرائمري کان يونيورسٽي) تائين اوترا انهن جا مسئلا  جن کي حل ڪرڻ بجاءِ  سرڪار سُستي ڪري تن کان نظرون هٽائيندي رهي آهي. هر سال سنڌ سرڪار نوان اسڪول جوڙڻ جا اعلان ته ڪندي رهي آهي پر انهن کي مڪمل بنيادي سهولتون(چوديواري، پاڻي، باٿروم، سيڪيوٽي) فراهم ناهي ڪري سگهندي ۽ سرڪار توڙي تعليم جي وزارت کان بجيٽ ۾ شهرن ۾ پبلڪ لائبريري ٺهرائڻ جا اعلان وسري ويندا آهن. تعليمي ادارا نه هجڻ، بند هجڻ توڙي انهن ادارن ۾ پبلڪ لائبريري نه هجڻ لاءِ شهري احتجاج ڪندا آهن، ته ائين ئي گمبٽ ۾ يونيورسٽي جي شاگردن ، نوجوانن، ۽ سماجي ڪارڪنن “گمبٽ شهر ۾ پبلڪ لائبريري ” نه هجڻ خلاف ڪجھ ڏينهن پهريان احتجاج ڪيو هو جيڪي ٻن سالن کان انهي اهم مسئلي تي احتجاج ڪندا رهيا آهن، انهي احتجاج جي خبر اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کانسواءِ انهن کي ڪا موٽ ناهي ملي سگهي.
خيرپور ضلعي جي تعلقي گمبٽ جي آبادي اندازن  ٻه لک آهي جنهن ۾ 1915ع ۾ ميرن مراد هاءِ اسڪول ٺهرايو،1979ع ۾ گمبٽ ڪاليج ٺهي،1997ع ۾ گرلس ڪاليج گمبٽ جو قيام ٿيو، ان کان علاواه ايورشائين پبلڪ اسڪول، اقرا پبلڪ اسڪول ،مشعل ماڊل ۽ ٻيا  تعليمي ادارا مشهور آهن. جن ۾ تعلقي ڪوٽڏيجي، صوڀوديرو جا شاگرد داخلا وٺي تعليم جاري رکندا آهن. افسوس سان چئجي ٿو ته هيتري آبادي رکندڙ شهر  ايڪيهين صديءَ جي جديد دور ۾ جتي دنيا اندر ڊجيٽل لائبريريز جو ڄار وڇائجي رهيو آهي ته  اتي هي تعلقو پبلڪ لائبريري کان محروم آهي. ميونسپل گمبٽ جي آفيس ۾ مشرف واري ناظمي دور ۾ “خالد شيخ” پنهنجي ناظميءَ ۾ هڪ ڪمري ٻاهران “الخالد لائبريري” جي تختي لڳائي جتي رڳو اخبارون پهچايون وينديون هيون، جن جو خرچ ٽي ايم او آفيس ڀريندي هئي. انهي ڪمري جي لائبريري ۾ شاگرد پيپرن جي موسم يا عام ڏهاڙن ۾ پڙهندا هئا.پر اها لائبريري ٽي ايم اي شهريار کرل 3 مهينن کان بند ڪرائي ڇڏي آهي. جيڪو ايم پي اي نعيم کرل جو ڀائٽيو آهي ۽ پوئين حڪومت جي دور کان تعلقي گمبٽ جو ٽي ايم او آهي. اهڙي رَوِش خلاف گمبٽ جا شاگرد ٻن سالن کان چونڊيل نمائندن، پِيرَنِ شاهن۽ شيخن (خالد شيخ، لطيف شيخ ) ڏانهن پنڌ ڪري ٿڪجي پيا آهن ته  شهر واسين کي پبلڪ لائبريري جوڙائي ڏيو، تن جا به اهي واعدا ته “ٻن مهينن اندر يا ايندڙ بجيٽ ۾” گمبٽ لاءِ لائبريري منظور ڪرائينداسين تن جا واعداوفا اڄ ڏينهن تائين ناهن ٿيا، ويتر ستم ظريفي ته ڏسو  هڪ ڪمري واري لائبريري کي ٽن مهينن کان بند ڪري ڇڏيو اٿئون، جتي ملازم اچي ٿڪ ڀڄي هليا ويندا آهن. اهي به ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ته 16_2015 جي بجيٽ ۾ لائبريريءِ  لاءِ 2 ڪروڙ  رکيا ويا جڪي نمائندن جي ملي ڀڳت سان هڙپ ٿي ويا!
ٻي ڳالھ ته سينيٽر مشاهد حسين گمبٽ جي پيرن جي پلاٽ ۾ پبلڪ لائبريري جوڙائي هئي، جنهن تي پيرن “ذاتي لائبريري ” جو چئي قبضو ڄمائي ويٺا آهن، جيڪا مڪمل عمارت ڪمرن ۽ هال سان لائبريري جي لاءِ آهي تنهن کي به پيرن تالا لڳرائي ڇڏيا آهن.انهي لائبريري جي عملي کي پگهار به سرڪاري خزاني مان ملندي آهي. 5 جون تي به شهرين گمبٽ ۾ پبلڪ لائبريري نه هجڻ خلاف پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو هو،پر چونڊيل نمائندن “ڪن لاٽار”  واري روايت تي عمل پيرا آهن. گمبٽ مان ٽيون ڀيرو  چونڊيل ايم پي اي نعيم کرل ۽ 2013 جي اليڪشن ۾ جاويد شاھ کان ايم اين اي جي سيٽ کٽيندڙ ڪاظم شاھ لڪياري به انهيءَ اهم گُهر تي ڌيان ناهي ڏنو.
ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته شهر ۾ جلد لائبريري جوڙائي ڏني وڃي ۽ قبضي هيٺ آيل لائبريري کي به پبلڪ لائبريري قرار ڏنو وڃي ته جيئن نوجوان نسل، شاگرد۽  شهري پنهنجو قيمتي وقت اجاين ڪمن ڪارين ۾ وڃائڻ بدران لائبريرين کي استعمال ڪري، ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪن ۽ اُهي اڳتي هلي ملڪ جي ترقي ۽ صحتمند معاشرو جوڙڻ ۾ پنهنجواهم ڪردار ادا ڪري سگهن.
    3 جون 2016 تي  جيجل اخبار ۾ ڇپيل مضمون